تعارف ؛ داد جا خزانا کٽيندڙ شاعر ضمير کرل !
1971 ع ۾ غلام محمد کرل جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ضمير کرل لاءِ ڪنهن کي به خبر ڪو نه هئي ته هي وڏو ٿي دوستن جو دادلو ۽ شاعري جي آسمان جو چمڪندڙ ستارو بڻجي ويندو ئ دوستي جي دنيا ۾ ماڪ ڦڙن جيان وسندڙ هي ڪلاڪار قد بت ۾ جيڏو وڏو آهي. هو ڏکن ۽ غمن جا ايترا ئي بار کنيو ٿو هلي. پوءِ به هن جي دلفريب مرڪ ۽ وڻندڙ ٽهڪ هن کان ڪو به کسي ناهي سگهيو. هن کي جيتري تڪليف ٿي پهچي ايترو ئي هن جي مسڪراهٽ گهري ٿيو وڃي. هن کان هن جي ماءُ کان پوءِ جڏهن سندس معصوم ڌيءَ فروه به اوچتو کلندي ڳالهائنيدي ڪي ئي ميارون ڏئي رسي وئي هئي ته ان وقت هن جي دل جي ڌرتي، ڪربلا جي تتل واريءَ جيان ٿي وئي هئي. جتي رڳو رت ئي رت هو. اکين مان پاڻي بجاءِ رت جا ڳوڙها ڳڙي پون ها. پر هن ڀريل اکين مان ڳوڙهن کي به اٿلڻ نه ڌنو هو. صرف ايترو چيو هئائين.
رنو ايترو آ، سگهن ٿا تري ڀي،
ڪاغذ جا ٻيڙا، اسان جي اکين ۾ !
هو چوي ٿو ته، “ماءُ مونکان وڇڙي ٿورئي آهي... شاعري ۾ مون کي ماءُ بڻجي واپس، ملي آ........ فروه...... ! اها به الڳ ناهي ٿي....... هوءَ پنهنجي سڀني معصوميتن سان منهنجي دل ۾ لهي وئي آهي. پنهنجا سڀ ڏک درد، کل خوشيون، ارمان ۽ شرارتون کڻي منهنجي ذهن جي ڪينواس تي اهي رنگ چٽڻ لڳي آهي. جيڪي ڪڏهن مون ڏٺا به نه هئا.........! هوءَ منهنجي قلم جي رواني بڻجي وئي آهي ”
ها يار ضمير ! تون صحيح ٿو چوين، تنهنجي قلم ۾ معصوميت به آهي ته شوخي به، تنهنجي قلم ۾ خوشيون به آهن ته حسرتون به........ تنهنجي قلم ۾ ارمان به آهن ته اميدون به........... پر ٻڌ ته سهي تو ائين ڇو لکيو آهي ؟
دربدر آهيان، در خدا ! ڏيندين ؟
گهرج ۾ آهي گهر، خدا ! ڏيندين ؟
تون پاڻ کي بي گهر ڇو ٿو سمجهين ؟ هر پڙهندڙ جي دل تنهنجو گهر آهي، تون ئي ٻڌاءِ نه....... تون ڪٿي ٿو رهين..... ! ضمير منهنجا ڀاءُ ! “ تون طارق، زين، ساجد جي هٿن جي ٻڪن ۾ دعا بڻجي ٿو رهين.....!
طارق خشڪ
30-09-2004
شهدادڪوٽ