سيني مان ير هي سُور نڪري نٿو،
سيني ۾ ڪو سُکَ ــ سَلو سنجري نٿو!
ذهن ٿو سانڍيون وَتي يادون ۽ ڏکَ،
وقت فرصت ۾ ته ڪو گذري نٿو !
زندگيءَ جو آ ڏکيو ڏاڍو سفر،
پنڌُ هي يَر پاڻ کان نبري نٿو !
ڦاٿو آهيان ڪهڙي مان اونداھَ ۾ ؟
منهنجي لئه ڪو سج لهي اُڀري نٿو !
اهڙي جيئڻ کان ته ڪو ماري وجهي،
پاڻَ تي پنهنجو هي هٿ اُلري نٿو !
منهنجا آهن پَرَ ڪَٽيل ۽ قيدُ هان،
مان ٿو سمجهان، ڪو پکي اُڏري نٿو !
شاعري سوچڻ ۽ روئڻ کان سوا،
روحُ ڪنهن ٻي چيز سان وِندري نٿو
جو ظلم ڌرتيءَ مٿان ٿئي ٿو ‘ ضميرَ’
ظلم سو آڪاش تي اُتري نٿو !؟