آ هلي آ وَٺون، عاشقيءَ جو مزو،
پيارَ جي هر پهر، هر گهڙيءَ جو مزو.
تو کي ناهي تڏهن ڪائي سُڌ عشقَ جي،
تو کي ناهي مليو، دل لڳيءَ جو مزو.
تنهنجي ئي ناشناسائي منهنجي پرين!
آ وِڃائي ڇڏيو زندگيءَ جو مزو.
چاندني راتن ۾ ڪو چَڪورن جيان،
آ ته ماڻيون اسان ڀي وَهيءَ جو مزو.
تون حَسين آهين، گلڙن کي ڀر ۾ نه رک،
ڏي وٺڻ پنهنجي تون سادگيءَ جو مزو.
تو کي ناهي اگر گهرجَ محبت سَندي،
پو وٺان ڇڏ ته مان بندگيءَ جو مزو.