مُرڪ، درد سان ٿي ڪري کيچل،
سارَ، جذبن سان ٿي ڪري کيچل.
سونهَن تنهنجيءَ کي ڪير سمجهائي،
منهنجي نيڻن سان ٿي ڪري کيچل.
مونکي شيشي جي گهر ۾ ويهاري،
پوءِ پٿرن سان ٿي ڪري کيچل.
رات سانوڻ جي، چنڊَ ــ چانڊوڪي،
گهر جي بلبن سان ٿي ڪري کيچل.
چنڊَ کي آڻي پنهنجي ڀاڪر ۾،
راتِ ڪڪرن سان ٿي ڪري کيچل.
پيارَ تُنهنجي جي ڏَڍ تي منهنجي دل،
ويٺي خنجرن سان ٿي ڪري کيچل.
ميڙي ان جي ئي ڀر مان سپيون ڪَئي،
ڇولي ڪَپرن سان ٿي ڪري کيچل.
آرسيءَ کي ‘ضمير’ سمجهايو،
ڇو ته چهرن سان ٿي ڪري کيچل.