مهاڳ
[/b]
مونکان جيڪڏهن ڪو پڇي ته، شاعري ڇا آهي،؟ ۽ ان جو جواب هڪ پيرا ۾ گهري ته آءُ چوندس “شاعري دل جي زبان آهي ” جنهن کي سمجهڻ لاءِ به دردمند دل گهرجي.
هتي مون دل جو استعارو ڪم آندو آهي، جنهن جو ڦهلاءُ ڪائنات جيترو وسيع آهي. ماڻهوءَ جي دل کان ٻاهر ڪا به شئي نه آهي، محبتن ۽ نفرتن جو سڀ ڪهاڻيون دل جي ئي سرزمين مان ڦٽن ٿيون، دل مان ئي خدا جي ڳولا جا دڳ ڦٽن ٿا ۽ وري اهي دل جي ئي ڪنهن ماڳ تي اچي پورا ٿين ٿا. آءُ جيڪڏهن چوان ته ‘ضمير کرل ‘ دل جو شاعر آهي ته ان جي معني ٰ اها ٿي ته ضمير کرل ڪائنات جو شاعر آهي. جيڪو شاعر ڪائنات جي سونهن کي سٽن ۾ سهيڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ان تي ڳالهائڻ لاءِ چند پل، چند جملا نه پر هڪڙو پورو ‘يُڳ ‘گهرجي. ڇو ته شاعر کي به پنهنجي دل جون ڪيفيتون سهيڙڻ ۾ پورو جنم لڳي وڃي ٿو.مان جڏهن پنهنجي ٽهيءَ جي شاعرن کي پڙهندو آهيان ته مون تي کوڙ سارا دل جا نوان انڪشاف ٿيندا آهن. جن کان پهرين آءُ لا علم پئي رهيس، نون انڪشافن جي کوجنا هر دل کي رهندي آهي، ائين ئي جيئن چَپَ پهرين چُميءَ کان پوءِ ٻي چميءَ جي ٽڙپ ۾ رهندا آهن.ضمير کرل جي شاعري پڙهندي مون کي محسوس ٿيو ته هن ڪيفيتن جي هڪ نئين ڪائنات دريافت ڪئي آهي، اهڙي ڪائنات جنهن تي اڃان ڪنهن ٻي شاعر جي اظهار جي قبضو ناهي ٿو، هن پنهنجي دل جي ڳالهه چوڻ لاءِ اهڙا عام واقعا چونڊيا آهن، جيڪي اسان جي روز مره جي زندگيءِ جو حصو آهن، پر اهي ٻي شاعر لاءِ ايترا اهم ناهن لڳا. ضمير انهن ئي غيرانهن ئي غير اهم واقعن کي، سٽن جو ويس پارائي اهڙو ته سنددر ڪري پيش ڪري ٿو جو اتان نيڻ هٽائڻ لاءِ دل راضي ئي نٿي ٿئي.
صبح جو اسڪول ويندي يا موڪل مهل، معمول مطابق ڪيتريون ڇوڪريون ڪتاب چهري ڀرسان، هٿن ۾ جهلي، گذري وينديون آهن پر اسان ڪڏهن به ان ڳالهه تي ڌيان ناهي ڌريو، اهو ساڳيو منظر ضمير پنهنجي سٽن ۾ پوئي ان جي سونهن اسان کي پسائي ٿو.
ســونــهــن توکـــي خدا آهــي بخشــي ڏنـــي،
منهن لڪائي ڪتابن سان لنگهندي نه ڪر.
ضمير جي هن شعر پڙهڻ کان پوءِ دل زور سان ڌڙڪڻ لڳي ٿي، ڇاڪاڻ ته چهري سان ڪتابن جي ڀاڪر ۾ ان ڇوڪريءَ جي دل به هوندي آهي. جيڪا اسڪو وڃڻ يا واپس اچڻ مهل، ڪنهن ڳڀروءَ کي ڏسندي زور زور سان ڌڙڪندي آهي.
شاعري انهن منظرن، ڏيکن، احساسن، ڪيفيتن، ڀاونائن، لمحن ۽ ساعتن جو اظهار آهي. جيڪي اسان زندگيءَ جي گهما گهمي ءَ ۾ وڃائي ڇڏيون ٿا، نظر انداز ڪري ڇڏيون ٿا ۽ شاعر اهي ڪيفيتون ڀاونائون، مسڪراهٽون، احساس ۽ پل، اسان جي جيون ۾ ٻيهر کڻي اچي ٿو. اسان جي مئل اڌمن کي زندگي بخشي ٿو. ضمير جي لفظن ۾ اها سگهه آهي جو اهي ڪنهن ويران دل جي پٽ تي اميدن جا ساوا باغ آباد ڪري سگهن ٿا. ڪنهن ٺوٺ چپن تي مرڪ آڻي سگهن ٿا. ۽ ڪنهن نراس دل کي خوڪشئيءَ کان بچائي سگهن ٿا. شاعر کي مسيحا سڏيو ويو آهي، ان ڪري جو ان کي دل جي دردن جي دوا ڪرڻ اچي ٿي.هو ڪنهن دردمند دل کي پنهنجي لفظن جو آٿت ڏئي ان جا ڳوڙها اگهي سگهندو آهي. ضمير وٽ اهي سڀ ڏاءَ ۽ سڀ انداز آهن، ڇاڪاڻ ته هن جي پنهنجي دل به دردن سان ڀريل آهي ۽ هو ان معاملي ۾ گهڻو خوشحال آهي.
ڪـــير ٿو چئـــي ته آهيـــان مــفلس،
منهنجي دردن سان دل ڀري پئي آ.
۽ ان ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته ضمير جي زندگي ڏاڍي پُر درد ۽ المناڪ رهي آهي. هن زندگيءَ جي هر وک تي عذاب ئي عذاب ڀوڳيا آهن. هن جي جيون ۾ خوشين جو عمل دخل گهٽ رهيو آهي. ضمير ننڍپڻ کان ئي ڪنهن سٺي رانديڪي جي تمنا جواني تائين سانڍي آهي، پر هن جي مفلسي سندس ڪا آس راس ٿيڻ ناهي ڏني. ضمير جي اکين جا خواب ساڀيائن کان خالي رهيا آهن. ضمير جو سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته هن جي زندگيءَ ۾ جن تي گهڻو ويساه ڪيو آهي، انهن ئي ساڻس ڌوکو ڪيو آهي. هو بي انداز دوستن جي هوندي به ڄڻ دشمنن جي گهيري ۾ رهيو آهي. هن جن کان آٿت ملڻ جي اميد رکي، انهن ئي سندس ڪومل دل تي ٽانڊا وکيري ڇڏيا. شاعر جا لفظ، جيڪي هو سٽن ۾ پوئي ٿو، ڪنهن نه ڪنهن عمل جو ردِ عمل هوندا آهن. ضمير جي سموري شاعري ۾ جيڪي گهايل احساس پکڙيا پيا آهن، سي سڀ سماج جون، دوستن جون ۽ پنهنجن جون عنايتون ئي آهن. ضمير جون ڪيتريون ئي سٽون پڙهي منهنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي ٿو اچي.
اچان ٿو روز ڪـــنڊيرن جا گهـــر ڏي ٽار کڻــي،
جيئان ٿو مفلسي، جڳ جي غمن جا بار کڻي!
•
هــــن ڏنو گــــل، خـــــوشيءَ مان اسان پئي رنو،
عـــــادتـــون جـــو اڃــــان هــــن پراڻيــــون رهيــون.
•
ڏسيــــن ڇـــا ٿــو ؟ ڪـــري ٽـــڪـــڙا وڌائين دل!
اهــــي ئــــي ٿــــا خــــــدا، دل جــــا ذرا ڳولـــــيــــون.
هي درد جو سڌو اهڙو اظهار آهي، جيڪو هڪ لحظي ۾ تير وانگر دل مان آر پار ٿي وڃي ٿو. هر شاعر جي شاعريءَ جو درد بنيادي محرڪ آهي پر ضمير وٽ درد گهرو ۽ اتاهين درجي جو آهي. هو خوشيءَ کي به پنهنجي درد سان گڏ بيان ڪري ٿو، جيڪو ڏانءُ ٿورن شاعرن وٽ آهي، جيئن ضمير مٿين شعر ۾ ڪيو آهي.
هن ڏنو گل، خوشيءَ مان اسان پئي رنو،
عـــادتون جـــو اڃـــان هــن پراڻـــيون رهيــون.
محبوبه پاران خوشيءَ مان گل ڏيڻ ۽ ان خوشيءَ جي موجودگيءَ ۾ پنهنجي ماضيءَ جي اهنجن کي ساري روئي ڏيڻ، خوشي ۽ ڏک جو گڏيل اظهار آهي، جيڪو ڪنهن ڪنهن شاعر کي ڪرڻ ايندو آهي.
ڏسين ڇاٿو ڪري ٽڪڙا وڌائين دل،
اهــي ئـــي ٿا خــــدا دل جا ذرا ڳوليون.
هن شعر پڙهڻ سان حساس ماڻهو ذرن پرزن ۾ ورهائجي وڃي ٿو ۽ اهي ذرا پرزا هٿن سان ميڙڻ باوجود نٿا ملن.
اسانجو وقت سمورو ٿو گذري ڀٽڪڻ ۾،
نه آهي ماءُ، جو چوي گهر ۾ اڄ گذار کڻي.
هن شعر جي پُر اثر آهَ، آسمان جي غلافن مان گذري، خدا جي روح کي بي چين ڪري سگهڻ جي سگهه رکي ٿي. مون جئين مٿي عرض ڪيو ته ضمير جي شاعريءَ جي آڳر تي سڄي حياتيءَ جو درد پکيڙيو پيو آهي، جنهن جي سربستي نکيڙ ڪري ئي نٿي سگهجي.
مــاءُ ۽ پــيءُ، ڪــونهــي محبــوبــا،
زندگي اهڙي ڏک ۾ گم ٿي وئي.
هاڻي اهڙي ڏک جي ڪَٿَ ڪير ڪري !؟
اهڙي دل جو ماپو ڪٿان آڻجي، جيڪو ماءُ پيءُ جو وڇوڙي جو درد ماپي ۽ ان جي نه هئڻ جي احساس جي پيڙا ڪَٿي ! اهڙو ٿانءَ ڪٿان آڻجي جيوڪو محبوبا جي جدائيءَ جي ڏک جو ماڻ ڪري !
منهنجي ذاتي راءِ آهي ته ضمير جي شاعري ۾ ايترو درد اِن ڪري آهي جو هو امامِ حسين رضه جو عزادر آهي. جيڪي شاعر پنهنجي ڀوڳنائن کي ڪربلا جي مقدس قربانيءَ جي پسمنظر ۾ علامتي طور آڻن ٿا ته انهن جون ڀوڳنائون به احساس جي ان لڙهه ۾ پوئجي وڃن ٿيون جنهن لڙهه ۾ دشتِ درد جون ڀوڳنائون آهن.
ورسي جي ٿي ته شاعري ۽ ذڪر،
بــــعـــــــــد مجلـــــس ِ عـــــزا ٿيــــنــــدي.
ضمير پنهنجي حياتي امام ِ حسين رضه جي ذڪر ۽ فڪر تحت گذاري آهي پر مرڻ کان پوءِ به سندس خواهش آهي ته کيس ان ئي روايت تحت ياد ڪيو وڃي. ان جي ورسي ٿئي ته مشاعري ۽ مقالن کان پوءِ ذڪرِ حسين ۽ بعد ۾ مجلسِ عزا ٿئي.
هي شعر به پڙهندا هلو.
يـــــادگـــيــــــــــرين وڌو آ روئــــــــــــاري،
ڄڻ ته اڄ شخص ڪنهن جو چهلم آ.
•
ٿــــــــي ويـــــــا خـــــاموش تربت جا ڏيئا،
ســـــــج اچـــــــــي سڀنـــي مزارن کي ڇهيو.
•
ڪـــــــــوئـــــي هاڻــي حسين ٿي سگهندو ؟
ٿـــــــــي وئـــــــــــي سنــــــــــڌ، ڪـــــربلا آهي !
اهڙن شعرن کي پڙهجي ٿو ته درد جو پورو درياءُ دل جي ڌرتيءَ ۾ داخل ٿي وڃي ٿو ۽ پڙهندڙ کي روح تائين سيراب ڪري ٿو ڇڏي، اهڙن شاعرن جا لفظ دلين جا ويڄ ٿين ٿا.
اصل ۾ سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته شاعر جو جيترو محرڪ مظبوط هوندو ان جو اظهار ايترو سگهارو ٿيندو، جن شاعرن وٽ درد جو محرڪ غمِ حسين۴ آهي، انهن جو درد روايتي نه آهي. ان ڪري اهي درد جي لذت جا وڏا معراج ماڻين ٿا ۽ محبتن جو سفر جاري رکن ٿا، جيئن ضمير جو هي شعر،
مون کي تنهنجي ٿي معرفت گهرجي،
زنـــــــدگــــيءَ جــــي جـــــو انتــــــــها ٿيندي.
ضمير کرل نه رڳو امامن جو عزادار آ پر ان جو نوحه خوان به آهي.
شاعر ٿيڻ لاءِ اول پنهنجي دل سان آشنائي اهم آهي.
ستارن جي هيٺان تنهائي جو طويل راتين ۾، پنهنجي دل سان طويل ڪچهريون ڪرڻ واري ماڻهوءَ جي ئي هٿن ۾ ڏات پنهنجوقلم ڏئي ٿي ۽ پوءِ هو پني تي پنهنجا لڙڪ ۽ مرڪون لاهي رکي ٿو. ضمير کرل به پنهنجي دل سان طويل ڪچهريون ڪيون آهن ۽ دل سان شناسائي حاصل ڪئي آهي. ڪنهن به شاعر جي ڪوتائن کي سمجهڻ لاءِ ان جي دل جي مسافت کي سمجهڻ لازمي آهي ته هن ڪهڙن پيچرن تي سفر ڪيو آهي ؟ درد جا ڪهڙا جهنگل ۽ صحرا پار ڪيا آهن ؟ انهن ڏولاون کي پڙهندڙ پنهنجي دل جي تارازي ۾ضرور توري. تڏهن ئي شاعر جي ڪوتائن جو نج احساس شئير ٿي سگهندو. ضمير جي دل جي ڪٿا هتان شروع ٿئي ٿي.
کليو تاڪ دل جو اڏي تِيــــر آيــا،
اکيون بند ٿي ويون وهي نِير آيا.
هن ڪنهن جي آجيان ۾ دل جو پهريون تاڪ ئي کوليو هو، جو زماني جي ظالم ماڻهن تيرن جي بارش وسائي ڏني. اهي تير هن دل تي سَٺا، درد جي شدت کان اکيون بند ڪيائين ته ڳوڙها ڳڙي پيس، ڀوڳنا جي اهڙن پلن ۾ دوستن وري سندس دلجوئي هن طرح ڪئي.
کڻي يار خنجر سان مرهم هنيائين،
اڃــــــان دل کي ويــــتــر گهڻا جهيرآيا.
سچ پچ ته ان ٻن شعرن ۾ جيڪو درد سمايو ويوآ هي، اهو پوري زندگيءَ تي ڀاري آهي. ڪو نثر نويس ان ڀوڳنا تي پورو ڪتاب لکي تڏهن به انهن ٻن شعرن تي ڀاري نٿو اچي سگهي. جنهن زماني جي اهنجن کان محبوب جي بي رخي تائين جو ڪَرَبُ آهي. ضمير جڏهن پنهنجي ڪٿا ٻڌائي ٿو ته روئي ڏئي ٿو.
هو ڪهاڻي ٻڌائيندي روئي پيو،
ذهن منهنجي ۾ ڪردار جاڳي پيو.
ضمير جيڪو ڀوڳيو آهي، ان کي پنهنجي لهجي جي نواڻ ڏئي، شاعري جي سٽن ۾ امر ڪري ڇڏيو آهي. بيوسيءَ جي هيءَ ڪيفيت ضمير جي لهجي ۾ پڙهو.
مــنهنجا آهـــن پر ڪٽيل ۽ قيد هـــان،
مان ٿو سمجهان ڪو پکي اڏري نٿو.
۽ هي شعر ته هو بهو منهنجي ڪيفيت جي عڪاسي ڪندڙ آهي، منهنجي ڇا سڀني گهايل دلين جي عڪاسي ڪندڙ آهي.
شاعريءَ، سوچڻ ۽ روئڻ کان سواءِ،
روح ڪنهن ٻي چيز سان وندري نٿو.
هن شعر پڙهڻ سان شاعر جي درد جي تصوير چٽي ٿي وڃي ٿي، ته آخر ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪا شاعر کي سوچڻ ۽ پوءِ روئڻ تي مجبور ڪري ٿي، اها ڳالهه هو پاڻ ٻڌائي ٿو.
جو ظلم ڌرتيءَ مٿان ٿئي ٿو ‘ضمير”،
ظـــــــلـــــم سو آڪـــــــاش تي اتري نــــٿو.
مون ڪٿي پڙهيو هو ته جڏهن شاعر وٽ اعليٰ درجي جو آرٽ اچي ويندو آهي، تڏهن هن جي اظهار ۾ گهڻي سنهنجائي اچي ويندي آهي ۽ ڏکئي کان ڏکيو خيال ان شاعر وٽ سولي کان سولو روپ ڌاريندو آهي، سادگيءَ سوا اظهار جي ڪائي سونهن نه آهي.
پني منهجه ويڙهيل مٺي ٿي اچئه،
لڪائي تون پڙهجان چٺي ٿي اچئه.
•
سنجيده رڳو توکي سمجهيو هو مون پر،
کشـــــٽ پيـــــار ۾ ڀــــي سٺـــــي ٿـــي اچئه.
ڪيڏو سادو ۽ سلوڻو، بي ساخته اظهار آهي، پني ۾ چُمي ويڙهي ڏيڻ، ڪيڏو نه رنگين ۽ گهرو عڪس آهي !
اسان سنڌ جا تقريبن شاعر هڪڙي ئي سماجي طبقي سان واسطو رکون ٿا، ان ڪري اسان جا ڏک، درد، اهنج، سک ۽ ڪلپنائون به ساڳيون رهيون آهن. ان کان سواءِ شاعريءَ جا صدين پراڻا موضوع پيار، وڇوڙو، سونهن، وصل، ڌرتي، سرتي ۽ ٻيا انيڪ موضوع ساڳيا رهيا آهن. هڪ شاعر وٽ جيڪڏهن پنهنجي اصلي شيءِ آهي ته اهو آ سندس انداز بيان يا اسلوب. جنهن شاعر کي پنهنجو اسلوب ناهي ان کي شاعر نٿو چئي سگهجي.( شاعر لفظ پنهنجي وجود ۾وڏو مانائتو ۽ شانائتو لفظ آهي) ضمير وٽ نه رڳو پنهنجو لهجو آهي پر ان جي پيشڪش جو انداز به ڏاڍو خوبصورت آهي.
ضمير ٿوري عرصي ۾ پنهنجي دل جي رياض سان پنهنجو منفرد لهجو جوڙي ورتو آهي، جنهن ڪري هاڻي ان آواز مان ئي سڃاڻپ ٿئي ٿي ته اهو ضمير ئي آهي، شاعر جي اها وڏي سڦلتا آهي ته هو پڙهندڙن وٽ پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي لهجي سان رکي ٿو، نئين ٽهي جي شاعرن ۾ اهڙا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر مس آهن، جن کي پنهنجو منفرد لهجو آهي. انهن شاعرن ۾ ضمير کي هٿ جي مهڙين آڱرين تي ڳڻي سگهجي ٿو. اوها ضمير جو لهجو پڙهو، ٻڌو ۽ ان جي سادگي، ڪوملتا ۽ حساس پڻي مان ٿورو محضوض ٿيو، ڏسو ته انهيءَ ۾ ڪيئن نه ڌاڻن جي خوشبو، ڦوٽن جي داڳ جي نرالي سرهاڻ آهي.
توکي بس مرڪون ڏيندو آمد تي،
ڇـــــو جو مفـــــلس جو هي تڏو آهي.
•
آ هلي آ وٺون عاشقيءَ جو مزو،
پيار جي هر پهر هر گهڙيءَ جو مزو،
تون حسين آهين گلڙن کي ڀر ۾ نه رک،
ڏي وٺڻ پنهنجي تون سادگيءَ جو مزو.
•
اسان جي آزمائش لئه ٿورو وقت ڪڍو،
ذري، ذري جو اکين سان حساب ڏينداسين.
•
تنهنجي گهر تائين پهچي سگهيا ڪينَ چَپَ،
ڳوٺ گاڏيءَ مان تنهنجو چمن ٿيون اکيون.
•
جن جي نٽهڻ ۾ منهنجي مٿان ڇانوَ هئي،
سي ڪري ڪالهه وِيا ڇانورا خود ڪشي !
آئي پَنَ ڇڻ جي رُت، هوريان، هوريان،
ڪن وڻن جا پَتا ڀي پَيا خودڪشي.
•
هونءَ ڪــــــيڏا ڀــــــي بــــي چَيا آهـــــيون،
سونهن وارن جي اڳيان جهڪيا آهيون.
•
ويٺي هَلڪي تو مرڪ مرڪي پئي،
ان تي ڏه، ڏه دفعا ڪسي آيس،
مون سڃاتو نه پاڻ کي جانان !
تنهنجي پاسي مان جو اٿي آيس.
اهڙيون سوين سٽون ٻڌائن ٿيون ته هي ضمير جو آواز آهي. جنهن ۾ ٻئي ڪنهن لهجي جي رتي برابر به ملاوٽ ناهي. آءُ ضمير کي پنهنجي لهجي جو پختو شاعر سمجهان ٿو، غزل جي حوالي سان ضمير پنهنجو پاڻ مڃايو آهي، هن غزل کي سادگي ڏيڻ سان گڏ غزل جي زمين ۾ ڪيترن ئي نون احساسن جا گل پوکيا آهن. هو جڏهن ڪنهن منظر جو لفظن جي ڪيمرا سان عڪس وٺي ٿو، تڏهن ڪيترين ئي دلين جي ڌڙڪن هيٺ مٿي ڪري ڇڏي ٿو ۽ دليون پنهنجي سفر تان موٽي ضمير جي ڏيکاريل منظر ڏانهن منهن ڪري بيهي رهن ٿيون.
پنهنجي رخسار تي چڳون لاڙي،
ڪيتريون ئي ڇڏيئه دليون لاڙي.
•
تنهنجي بيهڪ جو معجزو آهي،
چنڊ تارا ڇڏيئه ڪتيون لاڙي.
هاڻي ڪهڙي ڪافر دل آهي، جيڪا حسن جي اهڙي شاهڪارن ڏسڻ لاءِ نه تڙپندي. بدن جي اهڙي بيهڪ کي ڀاڪر ۾ ڪرڻ نه گهرجي ( جنهن جي بيهڪ چند، ڪتي، ۽ تارن کي به لاڙي ڇڏيو آهي ). ضمير جي ان شعر پڙهڻ سان منهنجي نيڻن تي انهن اپسرائن جا بدن تري اچن ٿا، جن جو ڇهاءُ منهنجي قسمت ۾ آيو آهي. آءُ چوان ٿو، کوڙ اهڙا احساس آهن، جن جي زبان صرف شاعر ئي ڏئي سگهي ٿو، اهي احساس نه ته ڪنهن ڪيمرا جي اک ۾ قيد ٿي سگهن ٿا ۽ نه ڪنهن مصور جي هٿ جي ڪرامت سان جاڳي سگهن ٿا. انهن کي زندگي صرف ضمير جهڙو شاعر ئي بخشي سگهي ٿو.
هـــــي ڪــــهڙو ‘ضــــمــــير ‘ سگــــنل آ،
سيني ڏي ٿئي ڇڏيون سڳيون لاڙي.
سيني ڏي سڳيون لاڙن جو احساس ضمير پڙهندڙن کي ڪرايو آهي ته ڪنهن اپسرا اڳيان سڳيون ڪري ڪهڙو سگنل ڏيڻ گهريو آهي. اها ڳالهه سمجهڻ کان پوءِ پڙهندڙ جي دِل جي حالت ڏسڻ وٽان جهڙي ٿي وڃي ٿي. ڪائنات جي حسين تخليق عورت آهي. سونهن جا سمورا رنگ اِتي اچي ڇيهه ڪن ٿا.ضمير جيڪو حسن پسيو آهي، ان جو درشن شايد ئي ٻئي ڪنهن ڪيو هجي. ضمير هميشه سونهن کي پنهنجي ساهه جي ويجهو ڄاتو آهي.
توکي ڏسندي ئي غم ويا ڀلجي،
ٻيا زماني جي ڪم ويا ڀلجي،
نيڻ تنهنجي بدن ۾ ضم ٿي ويا،
ســـاهه کـــــان ڀرڻ دم ويا ڀلـــجي.
واقعي به جنهن پرينءَ کي ڏٺو، انهيءَ جا غم ته انهيءَ لحظي ۾ لهي ويا ۽ جڏهن سونهن سامهون هجي ته پوءِ ٻيا ڪم ڪٿي ياد رهندا.
ڪنهن ڏي ڏسڻو نه هو حياتي ڀر،
تــــوکي ڏسنـــــدي قسم ويا ڀلـــجي.
سونهن جا سڪايل ماڻهو (جن ۾ ضمير به شامل آهي ) وِکَ وِکَ تي اهڙا قَسم ٽوڙيندا رهن ٿا.
پير دل جي ڪــلب تي پاتئي،
دل کان پنهنجا رڌم ويا ڀلجي.
دل جي ڪلب، نڪور ترڪيب.
مون سان ناراض ٿيڻ جون مذاقون نه ڪر،
ڀئو ٿــو ٿئي مـــتان تون پــــڪي ٿي وڃين.
مذاق جي پٺيان جيڪو پڪي ٿيڻ وارو ڀئو آهي، ان مان جان ڇڏائڻ لاءِ ضمير چاهي ٿو ته هو پنهنجي محبوبه سان هڪ ڀيرو جهيڙو ڪري جئين اها هن سان اهڙي مذاق ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي جهڪي ٿي وڃي.
مان به چاهيان ٿو هڪ ڀيرو جهيڙو ڪريون،
جيئن کيچل کان اڳـــتي جهـــڪي ٿي وڃين.
پيار ڪرڻ وارا اهڙي کيچل يا مذاق جنهن ۾ رُسڻ جو ڀئو هجي کان پري رهن ته بهتر آهي.
تو مٿان ڪيئن گلڙن جي ورکـــا ڪــــيان،
ڇو ته سکين جي سٿ ۾ ڍڪي ٿي وڃين.
هن شعرجي سونهن جو اهڙو منظر آهي، جنهن کي جڏهن تصور جي اک سان ڏسجي ٿو، اکين ۾ چمڪ ۽ چپن تي مرڪون تري اچن ٿيون.
دل تـــــه آهـــــي زبـــــان ڪونهي ڪـــا،
سامهون تون آهين جان ڪونهي ڪا.
اڪثر پيار وارن جي تڪليف اهڙي هوندي آهي، جو هو جڏهن پنهنجي محبوب جي سامهون ايندا آهن ته سندن حواس منجمند ٿي ويندا آهن، چوڻ جي لاءِ گهڻو ڪجهه هئڻ جي باوجود چئي ناهن سگهندا.انهن جي سرير مان ساهه ڇڏائي ويندو آهي. ڇو ته سونهن ۾ بندوق يا ڌاڙيل کان وڌيڪ دهشت آهي، ۽ عاشق ٿيندو ئي معصوم آهي.
تنهنجو چــــهرو حســــين گلدستو،
جنهن ۾ جانان آ ڦول هر رنگ جو.
هي خيال جنهن ۾ جانان جي چهري کي گلدستي سان تشبيهه ڏني وئي آهي، جنهن گلدستي ۾ هر رنگ جو گل آهي، اهڙي تشبيهه لاءِ شاعر سر گردان هوندا آهن.
ڪالهه جو توکي مون چتائي ڏٺو،
کير پيئڻ ئي رات جو وسري ويو.
بلڪل نڪور اڇوتو خيال آهي. جنهن سونهن جي سُرڪي پيتي ان کي کير پيئڻ ڪٿي ٿو ياد رهي ؟
ڳوٺ ٻنـــــهي جـــــو ساڳـــــيو آ پــــر،
هونئن هر ڪنهن جو آ جدا رستو.
ساڳئي ڳوٺن جي ماڻهن جا رستا جدا جدا ٿين ٿا، پوءِ اهي رستا سوچ جا هجن، ڪردار جا هجن يا عمل جا هجن، ان عام ڳالهه کي ضمير ڌيان تي آندو آهي. ضمير جهڙا شاعر معمولي ۽ عام ڳالهين مان به حڪمت ۽ دانش جا بي بها وکر ڳولي ڪڍن ٿا. بعد ۾ انهن جي اهميت ۽ سونهن عام جي آڏو اجاگر ٿئي ٿي.
اها طئه ٿيل ڳالهه آهي ته شاعر کان وڌيڪ ان جو نقاد اهم ۽ ذميوار آهي، ڇو ته شعر جي اندر لڪل حڪمت جا خزانا نقاد ئي کوليندو آهي. نقاد جڏهن ڪنهن شعر تي ڳالهائي ٿو ته هو شعر ۾ لڪل حسن ۽ رعناين کي پوري جوڀن سان پڙهندڙ جي سامهون آڻي بيهاري ٿو ۽ پڙهندڙ کان پنهنجي دل جي ڌڙڪن وسري وڃي ٿي.بلڪل اهڙي طرح جيئن ڪا اپسرا سامهون اچي پنهنجي نقاب کي پري ڪري ڏسندڙ کان پنهنجا ساهه کڻڻ وسري وڃن ٿا. نقاد جي جماليات واري حِسَ شاعر کان وڌيڪ حساس هئڻ گهرجي ۽ نقاد جي اک شاعر کان وڌيڪ گهري هئڻ گهرجي، جو شعر جي گهڻ پاسائي سونهن جي نکيڙ ڪري سگهي، جيڪڏهن ڪو نقاد شاعر شعر کان وڌيڪ سٺو نٿو ڳالهائي / لکي سگهي ته ان کي ڳالهائڻ / لکڻ نه گهرجي، ڇو ته پوءِ (آءُ سمجهان ٿو ) اها سونهن ۽ سندرتا احساس سان خيانت ٿيندي. ان کان بهتر آهي ته شعر کي پڙهي ان جو لطف ماڻجي ان تي تبصرو نه ڪجي. هونءَ به شاعريءَ تي تبصرو ناهي ٿيندو، شعر ۾ سمايل ڪيفيتون پنهنجي دل سان (مئچ ) ڪري پڙهي، اکيون پوري ( ڪي پل ان سرور ۾ رهي ) لذتن جا نوان جهان ماڻي
ضمير جا اڪثر غزل بنا تبصري پڙهڻ جهڙا آهن، اچو ته ڪجهه غزلن جا بند بنا تبصري پڙهون. انهن جي سونهن ۽ درد اکيون پوري دل جي پاتال ۾ محسوس ڪريون.
مونکي منهنجو حصو ڏئي ڇڏجانءِ،
پوءِ دَرَ کي ڪُنڊو ڏئي ڇڏجان ءِ،
•
گڏ نه آيو ڪو، هِنَ سفر تائين،
نــــيڻ آلا رهــــــيا قــــــــبر تائــــــين.
•
دربدر آهيان، دَرَ خدا ! ڏيندين ؟
گهرجَ ۾ آهي گهر، خدا ! ڏيندين ؟
دوستــــــن ڀــــي ڇڏيو آ ٺــــــڪرائي،
ڪو نئيون همسفر خدا ! ڏيندين ؟
•
آءُ ناپاڪ، پاڪ دَر تنهنجو،
سوچَ ۾ آ سڄو شهر تنهنجو،
روز ڪن ٿا طواف سَوَ ماڻهو،
ڪعبو بڻجي وَيو آ گهر تنهنجو.
جڏهن ضمير سان منهنجي پهرين ملاقات ٿي هئي ته شاعريءَ تي ڳالهائيندي مو کيس چيو هو “ شاعر جي مشاهدي ۾ آيل واقعو جيستائين پنهنجي معروضي حالتن مان گذري مڪمل نٿو ٿئي، تيستائين ان جو اظهار نه ڪجي. ٻين لفظن ۾ ۾ خيال پچي لال نه ٿئي، تيستائين ان کي پني جي آڳر تي نه لاهجي، نه ته ان ۾ ڪچائي رهندي ”.
اڍائي ٽن سالن کان پوءِ ساڳيءَ ڳالهه بابت ضمير مونکي خط ۾ لکيو، “ مون تنهنجي ڳالهه سان ڳنڍ ٻڌي هئي. مون پنهنجن مشاهدن کي پنهنجي ذهن ۾ پچڻ لئه ڇڏي ڏنو هو. هاڻي اهي پچي پاڻ ئي پني جي آڳر تي اچي رهيا آهن.”
مون ڏٺو آهي ته هاڻي ضمير جي شاعريءَ ۾ اهڙا پڪا رنگ اچي ويا آهن، جو وقت انهن جي سونهن کي ڦٽائي نٿو سگهي. وقت ان جي نکار کي ميرو بٿو ڪري سگهي، بلڪه سن ۾ ڏينهون ڏينهن جَرڪَ ۽ چمڪ ايندي ويندي.
شاعريءَ تي ڳالهائڻ لاءِ ڪيترائي جنم گهرجن، ڇو ته سونهن جو ڪوئي ڇيهه ناهي ٿيندو ۽ شاعري سونهن جي نکيڙ آهي.
معصوم بخاري
30 آگسٽ 2024
راڌڻ (دادو)