شاعري

خاڪ ۾ گل

سعيد سومرو لکي ٿو:”ضمير کرل پرين ءَ جي پيرن جي مٽي پوڄيندڙ، مخصوص مزاج رکندڙ، ذاتي لحاظ کان بيحد وضعدار،سٺو پينٽر، صحافي، لوڪ پسند شاعريءَ جو جديد تسلسل آهي.مشهور عوامي شاعر ”استاد پيرل قنبر“ جي شاگردي صحبت ۾ رهي، هن نج پنهنجن رنگن سان، اهي احساس لفظي صورت ۾ پينٽ ڪيا آهن، جيڪي (ڄڻ ته) استاد پيرل قنبر کان رهجي ويا هجن.ضمير کرل شاعريءَ جي ساغر وچان ڪائنات سنسار کي جيئن ڏٺو آ تئين لکيو آ هي. هن پنهنجي شعري ڪينواس محدود موضوعن ۽ گهاڙيٽن بدران، لا محدود برشن سان لکي، سٺي پيشڪار شاعر هئڻ جو ثبوط ڏنو آهي. هن اجتماعي مفاد، جمالايات، تصوف، مٽيءَ جي مهڪ جهڙا اعليٰ قدر ميڙي، ڌرتيءَ ۽ پنهنجي خوابنده منزل جي ويجهو قدم رکيا آهن.
  • 4.5/5.0
  • 5547
  • 691
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ضمير کرل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خاڪ ۾ گل

پيار جي تو نه ڪَئي اطاعت آ،

پيار جي تو نه ڪَئي اطاعت آ،
هيءَ تُنهنجي پرين عَدالت آ !؟

ساٿَ تُنهنجي وري ڇنڻ سان ئي،
دل ۾ ٿي درد جي ولادت آ.

پيار تو لئه ته مشغلو آ ڪو،
پَر هي مون لئه وڏي عبادت آ.

پيارُ تنهنجي لئه مشغلو آهي،
۽ وري منهنجي لئه عبادت آ.

دردَ ڏيڻ وارا اي حُسن وارا،
توکي سيکاري ڪنهن سخاوت آ!؟

اي زمانه ! پُنهون ۽ سسيءَ جان،
نه ملي مون کي ڀي رعايت آ.

اڄ به تنهنجو ‘ضمير’ چهرو ڏسڻ،
مون لئه هِڪڙي وڏي سعادت آ.



تنهنجي وئي کان پو دل جهُري پئي آ،
دل جي ديوار ڀي ڪِري پَئي آ.

ڪالھ جيڪا ملي هُئي قسمت سان،
سا خوشي دل ۾ اڄ مَري پَئي آ.

تو ڏي کِلندو به ڏس اچان ڪيئين،
راھَ تو واري ٿي ڇُري پَئي آ.

ڪيرُ ٿو چَئي ته آهيان مفلس،
مُنهنجي دردن سان دل ڀري پَئي آ.

پَنهنجي اڄ آشنا کي پَسندي ئي،
هُو شمع ڪيئين ڏِس ٻري پَئي آ.

دل ته چئو ٿا خدا جو گهر آ هي،
پوءَ ڇا جي ڪري ڏَري پَئي آ.

ڪيرُ ميڙي ‘ ضمير ’ ڪوِتائون،
دل تي پَن ڇَڻ جي رُت وَري پَئي آ.