تو منهنجي دل جو ٽڙيل ڦول آ سَٽَ ڏئي آ پَٽي ورتو،
اشارن ئي اشارن ۾، تو دل کي آ جهَٽي ورتو.
“ نه ڏينديس مان مرڻ توکي، نه ڏينديس ٻئي جو ٿيڻ توکي”
اِهو جملو چئي لکَ جو، مٺي تو آ کَٽي ورتو.
پُڇيو تو ‘پيارُ ڇاهي ؟’ مون پُڇيو توکان ته ‘ تون ڇاهين ؟،
تو نظرن کي جُهڪائي پيار کي اَڌ ۾ ڪَٽي ورتو!
تُنهنجي هٿ جي لڪيرن ۾، لکيل آهيان الائي نه،
اِنهيءَ احساسَ دل جو چين سُک آهي لُٽي ورتو.
تو احساسن جي ڀاڪر ۾، اچي ‘ضمير’ کي ڀريو،
زماني نه ته انهيءَ جي هو، نڙيءَ کي ئي گهُٽي ورتو.