اچان ٿو روز ڪنڊيرن جا گهر ڏي ٽار کڻي،
جيئان ٿو مفلسي، جڳ جي غمن جا بارَ کڻي.
ٻڌايو شهر ۾ بس هڪڙو مان ئي پاگل هان ؟
هڻن جو مون کي پٿر شهر ٿا ٻار کڻي !
اسان کي نوحَ جي ٻيڙيءَ ۾ اڄ سوار ڪيو،
هلون ٿا پاڻ پنهنجي ڪنڌ تي ترار کڻي.
الائي ڪڏهن حِنا پنهنجي هٿن تي لڳندي ؟
سُمهان روزَ انهيءَ جا مان انتظار کڻي.
قسم سان عشقَ ۾ ڪو سُور ئي نه آ سُجهندو،
اچي ٿي رات به محبوبَ جا خُمار کڻي.
اسان جو وقت سمورو ٿو گذري ڀٽڪڻ ۾،
نه آهي ماءُ، جو چوي گهرَ ۾ اڄ گذار کڻي.