هيءُ وٺ ‘ ضميرَ’ آڱر، هلڻو آ ڳوٺ هاڻي،
ماڻهو نه ٿو شهر جو، ڪو پاڻ کي سُڃاڻي !
بوڇَڻ هِتي نه ڇنڊجان، شيشي جو هي شهر آ،
هر ماڻهو چنڊ جا هت، ڪِرڻا ٿو منهن مان ڇاڻي.
هيڏو پڳس ڪري پنڌ، ‘موهن’ سُتو پَيو آ،
ڪلھ خوابَ ۾ چيو هَئين، اچجانءِ لاڙڪاڻي.
هڪَ هٿ ۾ ريوڙيون، ٻئي هٿ ۾ پَتاشا،
باقي بڪل او نياڻي !، تو لئه سگهيس نه آڻي.
پُٽَ ‘زينَ!’ ڀيڻُ تنهنجي ‘فروه ’ ملي وڃڻ جا،
ڏَسِ ! مان وڃان قبر ڏي، نياپا پئي اُماڻي.
ڳوڙهن سان هي ڊٿل آ، جلديءَ ۾ پڻ لکيل آ،
روئاري آ وِڌو هِنَ خطَ مونکي اڄ پراڻي.