پيارَ منهنجي کي پَرَ ته ڪونه هُيا،
وِيو اُڏي، دل کي درَ ته ڪونه هُيا!
هي ڪٿان آبشار اُٿلي پِيا ؟
يارَ! نيڻن ۾ جَرَ ته ڪونه هُيا!
پاڻ وِيا پر ڇڏي وَيا ڦوٽو،
ايترا هو امر ته ڪونه هُيا!
ڇو ڏسي تون مَٽي وئين گهٽيون ؟
ساڻَ گل ها، پٿر ته ڪونه هُيا!
بيٺي سيني مان دل ڪڍي ورتئه،
نيڻ تنهنجا خنجر ته ڪونه هُيا!