ننڊَ مان ڄڻ ڪو ٻار جاڳي پَيو،
من ۾ تو لئه ائين پيار جاڳي پَيو.
گُل پَٽڻ لاءِ هٿ مون وڌايو جڏهن،
کار کائنيدي هو خار جاڳي پَيو.
مون کي وسري وري ياد آئي جڏهن،
نيڻَ برسي پَيا، پار جاڳي پَيو.
هو ڪهاڻي ٻڌائيندي روئي پَيو،
ذهن منهنجي ۾ ڪردار جاڳي پَيو.
ننڊَ مان جو اٿيس، تنهنجي کِڙڪي کُلي،
تو ڪڍيو مُنهن ديدار جاڳي پَيو.
پيارَ پَنهنجي جي خوشبو ڦهلجڻ کان پو،
ها الائي ڇو تڪرار جاڳي پَيو! ؟
هُن جڏهن خوابُ وڇڙڻ جو ننڊ ۾ ڏٺو،
هيءَ هِتي، هُو هُتي، ڌار جاڳي پَيو.
تو جو آلاپيو گيت ‘ضمير’ جو،
ان جي لفظن ۾ سينگار جاڳي پَيو.