توکي ڏسندي ئي غمَ وَيا ڀلجي،
ٻِيا زماني جا ڪمَ وَيا ڀلجي !
نيڻَ تنهنجي بدن ۾ ضَم ٿي ويا،
ساھ کان ڀرڻ دَمَ وَيا ڀلجي.
ڪنهن ڏي ڏسڻو نه هو حياتي ڀر،
توکي ڏسندي قسم وَيا ڀلجي.
سونهنَ تنهنجي چُميم جو نيڻن سان،
مون کان دل جا زخم وَيا ڀلجي.
پيرَ دل جي ڪلب تي پاتئه جو،
دل کان پنهنجا رڌم وَيا ڀلجي.
پيارُ، مرڪون ۽ ساٿ جو ميلو،
سارا ‘ضمير ’ عزم وَيا ڀلجي !