رات بارش، ياد ــ رستا ۽ اسين،
سرد موسم، گهاوَ گهرا ۽ اسين.
دل جَلي پَئي، نيڻ ڀي جاڳن پَيا،
ماڪَ، بستر، دردُ ـــ سپنا ۽ اسين.
پوءِ ڀي ڪمرو هي کائڻ ٿو اچي،
گڏ هون توڙي تنهنجا تحفا ۽ اسين.
شهر جا نقشا اڃان ساڳيا رهيا،
وِڇڙي ويا سون يار پيارا ۽ اسين.
دردُ ڪهڙو هو، رُناسين رات ڀَر،
پاڻ ۾ ويهي ستارا ۽ اسين !
گڏ رهون ٿا وقت کان پاڇي جيان،
هيڪلائي، ڌوڙ، صحرا ۽ اسين.
ڪيستائين سنگ بڻجي بيهون اِت ؟
سمنڊَ ڪپ تي واري گهرڙا ۽ اسين!