جي گڏيل هِن دليون، پوءِ دوري نه آ،
هُن جي ويجهو رهان، هي ضروري نه آ.
مان انهيءَ لاءِ ٿو، پين ناسي رکان،
هوءَ ڪاري نه آ، هوءِ ڀوري نه آ.
هُن جي وارن جي من تي رهي ڇانوءَ ٿي،
آس منهنجي تڏهن ڪا اڌوري نه آ.
ڏينهن سارو رُلان، رات جاڳي ڪٽيان،
هيءُ هڪ پيار آهي، مزوري نه آ.
ڪالھ پويان اچي، هٿَ اکين تي رکي،
چاھُ ايڏو ڏِنئين، پوءِ به پوري نه آ.
جيڪو جهوليءَ ۾ هو، وارُ هن جو ڪِريو،
ان جي خوشبوءِ آ، ڪا کٿوري نه آ.
پيارُ ڏي يا نه ڏي، هُن جي مرضي تي آ،
پيار ‘ضمير’ وٺڻو ته زوري نه آ.