تُنهنجي نيڻن ۾ مون ڏٺو آهي،
ڪجھ ته دل جي شهر ۾ ٿيو آهي.
حالُ ساڳيو آ تُنهنجي سيني جو،
مون به “ موهن دڙو ” گهميو آ.
سمنڊ ۾ ويٺو ٿو پٿر اڇلين !
ڇڏ چريا ! هي ڪڏهن ڀريو آهي !؟
هوءَ جدا هوندي ائين لڳي مونکي،
خاڪ ۾ ڄڻ ڪو گل پَيو آهي.
مون ته اکڙين منجهان وَسايو پَئي،
هي مٿان مينهنُ ڇو وسيو آهي ؟
هُن پُڇيو ‘خط ۾ ڇاجي خوشبو آ؟
مون چيو ‘رت سان خط لکيو آهي ’.
مون چَيو، ‘ باھ ٿي ٻري مَنَ ۾ ’.
هُن چَيو ‘ مس بَٺو دُکيو آهي !’
ڪيرُ ڏسندو اسان جا فن پاره!
؟ هُن ڇو چولو ڀري رکيو آهي
آ هوا ۾ هڳاءُ مينديءَ جو،
ڪو مئو آ يا پرڻو ٿِيو آهي.
رکُ نه ‘ضمير ’ موت سان ياري،
ڪوئي هن کان ڀلا بچيو آهي ؟