رات تو کي مون ايڏو سنڀاريو هُيو،
ساھُ مون ۾ پَيل ڄڻ ڌاريو هُيو !
رات گڏ پاڻ سان تنهنجي تصوير کي،
مون چُميون ڏيئي مس، مس سمهاريو هُيو.
اک کُلڻ سان لڳو، ائين ڄڻ رات، چنڊَ،
منهنجي ڀاڪر مان تو کي اُٿاريو هُيو!
مون کي سڀني چَيو، هوءَ گهر ۾ نه هُئي،
پوءِ ڪمري ۾ ڪنهن سان مون گهاريو هُيو؟
هلندي پنهنجي مون پاڇي کي بازار ۾،
نانءَ تنهنجي سان ڀُل ۾ پُڪاريو هيو.
تو کي سانجهي جو مون هو ڏٺو ڇت مٿان،
رت مون پوءِ ڪِٿ ڏيئو ٻاريو هُيو.
جاڳَ ۽ ننڊَ ۾ ساڻ ضميرَ هُئي،
مون نشي ۾ به ڪِٿ هوش هاريو هُيو!