دردن جي ديوار، دردن جي ديوار، ڊگهي ٿيندي ٿي وڃي! جيڏو ڪيانءِ ٿو ياد، تيڏي تنهنجي سار، ڊگهي ٿيندي ٿي وڃي! جئين، جئين جاڳن زخم ٿا، رات به تئين تئين يار! ڊگهي ٿيندي ٿي وڃي! روز زهر ٿو ڏوڪيان، پوءِ به منهنجي ڄمار، ڊگهي ٿيندي ٿي وڃي!