ها! مري پوءِ ڪيئن ــ جي سگهبو !؟
تُنهنجو ٿي ٻئي جو ڪيئن ٿي سگهبو !؟
آءُ هيراڪ تنهنجي چپڙن جو،
زهر سقراط ٿي، نه پي سگهبو.
تون هجين چنڊَ تي، چڙهي اچبو،
هيٺ هيڏي پوءِ ڪيئن لهي سگهبو !؟
هونءَ پٿر جا جڙيل آهيون پر،
تو اڳيان ميڻ ٿي رِجي سگهبو.
ساٿ تُنهنجو هجي ته جنت ۾،
بي ڊَپو ٿي پرين وَڃي سگهبو.
تون پريان، باھ مَچُ هجي وچ ۾،
تو ڏي ڪُڏندي ڀي اچي سگهبو.
پنهنجي مستيءَ ۾ گُم رهين ٿو تون،
تو کي ‘ضمير ’ ڪجھ نه چئي سگهبو!