پنهنجو انفرادي رنگ کڻي ايندڙ نوجوان شاعر ضمير کرل جي شاعريءَ جو خوبصورت مجموعو ‘ خاڪ ۾ گل ’ پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اسان جي نئين ٽهيءَ جا شاعر مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي، ڏانءُ سان گڏ پنهنجي ڏات جو سوجهرو کڻي آيا آهن ۽ هو پنهنجي پيش روئن جو ڪوتا ــــ گلاب واٽ تي وکون کڻي، پاڻ مڃائڻ جي پنڌ ۾ نڪتا آهن ۽ پاڻ مڃائي رهيا آهن. ضمير کرل جي شاعري ٿڌي اهو هوا جو جهوٽو آهي، جيڪو لُڪن ۽ جهولن جي ديس ۾ فرحت،راحت ۽ هڳاءُ جو احساس ڏئي ٿو. هن جا نرم ۽ سَرل، سوڀياوان لفظ جڏهن ڪوتا لڙيءَ ۾ پوئجي پني تي يا چپن تي اظهارجن ٿا ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته انهيءَ ۾ هن ڌرتيءَ جي صدين جو درد سمايل آهي. گڏو گڏ هن جا اهي نرم لفظ سماجي بي انصافين کي ڏسي بڙڇين جو روپ به اختيار ڪري وٺن ٿا. هن ڏس ۾ هن جا غزل ۽ وايون پڙهڻ وٽان آهن ۽ مون کي پڪ آهي ته هي شعري مجموعو سنڌي ڪوتا کيتر ۾ هڪ سهڻو اضافو ٿيندو.