روحَ ــ رَتيون ٻَري هيون آهن،
گهرَ جون بتيون ٻري رهيون آهن.
تُنهنجي آمد تي تنهنجي راهن ۾،
ميڻَ بتيون ٻري رهيون آهن.
چنڊَ جي چاندنيءَ تي وَرکا ٿيل،
گلَ ـــ پَتيون ٻري رهيون آهن.
هُو حويليءَ جي ڪوٽَ ۾ اڄ ڀي،
ڪيئي سَتيُون ٻري رهيون آهن.!
هوڏي چولو ٻري ٿو ڪاوَن سان،
هيڏي چَتيون ٻري رهيون آهن!
آءُ اونداه جي ٿي نظر وِيو هان،
تو ڏي بَتيون ٻري رهيون آهن!
ڪيئي آهن ‘ضمير’، جيڪي هِت،
دردَ وَتيون ٻري رهيون آهن.