پاڻ نه سگهيا سين ملي،
ڏِس ماڻهن ٻِين جا،
پيارَ پُراڻا ٿي ويا!
سانڍي پنهنجي ساھَ ۾،
تو لئه مون جي رکيا،
پيارَ پُراڻا ٿي ويا!
اڻَ ڄاڻائيءَ ۾ مٺي!
هاڻي ٻِنهي جا،
پيارَ پُراڻا ٿي ويا!
پنهنجي وارن ۾ ڏسي،
چانديءَ جا چَمڪا،
پيارَ پُراڻا ٿي ويا!
نيٺ ملڻ جي آس ۾،
ٿي وياسين پوڙها،
پيارَ پُراڻا ٿي ويا!