شاعري

خاڪ ۾ گل

سعيد سومرو لکي ٿو:”ضمير کرل پرين ءَ جي پيرن جي مٽي پوڄيندڙ، مخصوص مزاج رکندڙ، ذاتي لحاظ کان بيحد وضعدار،سٺو پينٽر، صحافي، لوڪ پسند شاعريءَ جو جديد تسلسل آهي.مشهور عوامي شاعر ”استاد پيرل قنبر“ جي شاگردي صحبت ۾ رهي، هن نج پنهنجن رنگن سان، اهي احساس لفظي صورت ۾ پينٽ ڪيا آهن، جيڪي (ڄڻ ته) استاد پيرل قنبر کان رهجي ويا هجن.ضمير کرل شاعريءَ جي ساغر وچان ڪائنات سنسار کي جيئن ڏٺو آ تئين لکيو آ هي. هن پنهنجي شعري ڪينواس محدود موضوعن ۽ گهاڙيٽن بدران، لا محدود برشن سان لکي، سٺي پيشڪار شاعر هئڻ جو ثبوط ڏنو آهي. هن اجتماعي مفاد، جمالايات، تصوف، مٽيءَ جي مهڪ جهڙا اعليٰ قدر ميڙي، ڌرتيءَ ۽ پنهنجي خوابنده منزل جي ويجهو قدم رکيا آهن.
  • 4.5/5.0
  • 5547
  • 691
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ضمير کرل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خاڪ ۾ گل

ليکڪ پاران

[b] ديوانگيءَ ۾ لکيل سِٽون
[/b]
شاعري صرف ٻن سٽن جوڙڻ جو نالو ناهي، سنجيده ۽ شائسته شاعري سرجڻ لاءِ مطالعي، مشاهدي سميت ٻيون ڪيتريون ئي گهرجون هجن ٿيون، جيڪي پوريون ڪرڻيون پون ٿيون، جيڪو ڪم مون جهڙن ايب نارمل، سُست ماڻهن جي وس کان ٻاهر آهي.
شاعر ٿيڻ لاءِ وزن، بحر سميت ٻي علمي قابليت کانسواءِ محبت لازمي هجي ٿي. توڙي جو آءُ انهن مڙني شين جو پوراءُ نٿو ڪري سگهان ۽ نه ئي ڪو مون وٽ شاعري سرجڻ جو سمورو فن / سليقو آهي، شعوري، لا شعوري طور ديوانگي ۾ جيڪو ڪجهه لکجي ويو آهي، اهو ڪتاب جي صورت ۾ اوهان آڏو حاضر آهي.
مون پنهنجي استاد ‘پيرل قمبر’ جي وفات کانپوءِ شاعريءَ جي فني سکيا لاءِ تمام گهڻو عذاب ڪاٽيندي شاعريءَ جي اصلاح لاءِ هڪ اڌ ٻيو درُ واجهايو پر ان درَ جو مان چاهيندي به طالب نه ٿي سگهيس ۽ استاد جي ان ڏسيل واٽ شاعريءَ جي پر پيچ پيچري تي نڪري پَيس. ان رستي ۾ مونکي جيڪي ڪجهه ڪڻا داڻا مليا آهن، اهي پياري دوست فتاح ابڙو، سحر غفار، سعيد سومري جي اڻ ٿڪ محنتن بدولت اوهان جي هٿن آهن.
مونکي ادبي دنيا ۾ منهنجي محسن دوستن عبدالواحد سومري، نثار شاهين، ڊاڪٽر ظفر عباسي ۽ ٻين ڪيترن دوستن متعارف ڪرايو. مان ان ‘حسينا’ جو به احسان مند آهيان، جنهن پنهنهجو هٿ ڇڏائي شاعريءَ جهڙي اڻ کٽ دولت سان نوازيو، جنهنڪري پنهنجو چاھُ لفظن جي صورت ۾ چوڏهن ورهيه گذري وڃڻ باوجود اَمر آهي. هيءَ ‘ هُن ’ جي ڏنل سوغات ‘شاعريءَ ’ جو هڪ معجزو آهي، جنهنڪري سموري سنڌ ۾ بي پناھ، پيار ڪندڙ دوست مليا آهن.
هن ڪتاب سهيڙڻ ۾ مون تمام گهڻي تڪڙ ڪئي آهي، ان ۾ دوست عبدالرافع، طالب ننگراڻي،شيخ فرازي سميت ٻين دوستن جو پيار ۽ سڳنڌ شامل آهي.
مون کي اصل ۾ پنهنجي استاد جي وفات کان پوءِ ڪنهن سٺي شاعر جو هَٿُ وٺڻ گهربو هو ۽ پوءِ پنهنجي شاعري اصلاح ڪرائي، ڪتابي صورت ۾ آڻڻ گهربي هئي. مگر الائي ڇو ائين مناسب نه سمجهيم، توڙي جو هِن ڪتاب ۾ آيل شاعريءَ کي اصلاح جي گهرج به هُئي. پنهنجي شاعريءَ کي اهڙي حال ۾ دل جي چئي تي رهڻ مناسب سمجهي ڪتابي شڪل ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪريان ٿو. ڇو ته هي جهڙو تهڙو آهي، منهنجو پنهنجو پورهيو آهي، هن ۾ ڪو به ڀاڱي ڀائيوار ڪونهي. هن ڪتاب مان اگر ڪنهن کي به منهنجي هڪ اڌ سٽ سٺي لڳي به ته اها منهنجي ڪاميابي ڀاسبي. هونءَ ته دنيا ۾ لکين شاعر آهن، جن هزارين شعر سرجيا آهن جن جي شاعريءَ مان هڪ اڌ سٽ قبول ڪئي وئي آهي ۽ آءُ ته انهن آڏو ڪِوليءَ واري حيثيت به نه ٿو رکان !
مو لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته خاص ڍنگ سان نه ئي سهي پر سادي نموني ئي مون پنهنجي دل جي اها ڳالهه اوهان وٽ پهچائي آهي. هاڻ اهو اوهان تي ڇڏيل آهي ته اوهان هن منهنجي قلمي پورهئي کي ڪهڙي نظر سان ٿا ڏسو، مون کي خوشي ۽ فخر آهي ته ادبي دنيا ۾ فتاح ابڙو، گلبهار باغائي، اختيار ڀٽي، انور ڪليم، پرڪاش ڪمار، مدهوش ڀٽو، علي ذاهد، عبدالله شاھ اطهر، غلام سرور نقوي، صدر جمال دايو، عزيز قاسماڻي، ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار، آصف مٺياڻوي، گلشن شيخ، ممتاز جويو، فدا سيلرو،ملهار سنڌي، پروفيسر خالد حسين چنه، محمد علي پٺاڻ، شهيد زخمي چانڊيو، احمد علي صابر چانڊيو، خادم ڀٽي، ناشاد رشيد سنڌي، رضا بخاري، جهڙا مهربان دوست ۽ رهنما مليا آهن.
آخر ۾ مان محترم تاج جويو، معصوم بخاري، جواد جعفري، ڊاڪٽر ظفر عباسي سميت تن دوستن جو ٿورائتو آهيان، جن منهنجي شاعريءَ تي رايا ڏيئي مون کي منزل رسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. دعا ڪجو ته ڪک مان جنم ڏيندڙ ماءُ ۽ سنڌ امڙ جو قرض لاهي سگهان.

ضمير کرل
تعلقه اسپتال روڊ ــــ شهدادڪوٽ
فون : 412763- 0741413885
26 آڪٽوبر 2004