وارَ اُن ڏينهن کان اَڇا ٿيا هِن،
ناتا جنهن ڏينهن کان ڪَچا ٿيا هِن!
هوُءَ جڏهن کان ملڻ ڇڏي وئي آ،
ڏند تنهن ڏينهن کان کٽا ٿيا هِن!
مان جڏهن کان وٺي مٺو ٿيو هان،
ماڻهو ان ڏينهن کان ڪَڙا ٿيا هِن!
ننڊَ سان دوستي رکڻ کان پوءِ،
ڏينهنَ راتين کان ڏِس وڏا ٿيا هِن!
مندَ مرڪڻ جي آئي آهي پر،
رات روئڻ تي ڀي ڦڏا ٿيا هِن!
يارَ ننڍپڻ کان جواني تائين،
ڏاڍا مون ساڻ حادثا ٿيا هِن!