اسين گُم پاڻ هُون ڪاٿي، نٿا ڳوليون،
رُڳو ٿا سونهن وارن جي ڪَٿا ڳوليون.
اُتم آهي اسان جو پيار سڀني کان،
ٻِين جا ڇو ڀَلا ويٺا قصا ڳوليون ؟
مـــــلي وِياسيـــــــــــــن الاءِ ڪيئن رستي ۾،
مليون نظرون گهٽيءَ ۾ پاڻ پِيا ڳوليون.
ڪَيوسين عشق لُٽجي وِياسين ڪافي آ،
اڃان ٻي پاڻ لئه ڪهڙي سزا ڳوليون ؟
ٿئــي حاصــل انهيءَ جو پـــــيار، ان جي لئه،
خَطا ڳوليون، بها ڳوليون. دعا ڳوليون ؟
جڏهن هي خوابَ ئي جيون اثاثو هـــــــن،
ته پوءِ ڇا لئه انهن جي ساڀيان ڳوليون ؟
ڏسين ڇا ٿو ڪَري ٽـــــــــڪرا وڌئين دل،
اهـــــــي ئـــــي ٿا خدا دل جا ذرا ڳوليون.
ڏنيسون چيزَ دل جهڙي انهيءَ کان وَڌ،
او حاتم ! ڏَس ته ٻي ڪهڙي سخا ڳوليون؟