چئي ٿي چانڊاڻ، اڌ رات اٿندي نه ڪر،
ڪوٺي تي ائين لهندي ۽ چڙهندي نه ڪر.
پاڻ کي ويڙهي اجرڪ ۾ تون سنڌ جان،
۽ ڪڍي سينڌ پاسي تي هلندي نه ڪر.
پيرَ تُنهنجا هَوائون چمي ٿِيون وڃن،
باغ ۾ پائي پازيب گهمندي نه ڪر.
سونهَن توکي خدا آهي بخشي ڏني،
منهن لڪائي ڪتابن سان لنگهندي نه ڪر.
سونهَن تُنهنجي ٿو چورائي چنڊُ رات جو،
اُجري چادر وجهي گهر ۾ سمهندي نه ڪر.
رات جو چنڊ کي سمجهي ‘ضمير’ تون،
بيهي ڇت تان ڀتر ائين هڻندي نه ڪر.!