7. آيا مير، ڀڳا پير.
ڏکيا لفظ:
علم تسخير معنيٰ جادوءَ جي علم.
مير معنيٰ ميرانجي.
وڏا معنيٰ مائٽ يا حاڪم يا ڏاڍا مڙس.
ننڍا معنيٰ ٻار يا زيردست يا هيڻا.
بنياد:
امروهه جي شھر ۾ شيخ سدو نالي هڪ شخص ٿي گذريو آهي، جنھن کي ميران جي به ڪري سڏيندا آهن. هو اصل کيتيءَ جو ڪم ڪندو هو ۽ هام هڻندو هو ته آءٌ علم تسخير مان واقف آهيان. هڪڙي ڏينھن، هر کيڙيندي هڪ چؤمکو ڏيئو، ڪنھن آڳاٽي جادوگر جو، هٿ اچي ويس. ڏيئي ۾ اها ڪرامت هئي ته ٻارجي ته چار جن، يڪدم اچي خدمت ۾ حاضر ٿين. ميرانجيءَ، پھريون ڀيرو اهو ڏيئو ٻاريو ۽ جن آيا ته هو کين ڏسي ڏاڍو ڊنو ۽ ڦوڪ ڏئي، ڏيئو گل ٿي ڪيائين پر جنن چيس ته؛ ”جيسين اسان کي ڪو ڪم نه چوندين تيسين اسين ڪين وينداسين.“
هن پوءِ جيڪو ڪم ٿي چين، سو اک-ڇنڀ ۾ ڪري پئي آيا. آخر چيائين ته؛ ”فلاڻي ملڪ ۾ هڪ عورت ڏٺي اٿم، اها وٺي اچو.“
جنن گهڙيءَ جو گهڙيءَ ۾ اها مائي حاضر ڪئي. هو پوءِ هن جي ويجهو ٿي ويو ته جنن چيس ته؛ ”اسين بڇڙن جا مٽ نه آهيون. تنھنڪري پاڻ سنڀال! نه ته اسين تو کي موت مارينداسون.“
ميران جي پھريان ڊنو پر پوءِ ڀؤ ڀڳس، جو ڏٺائين ته هي وري به پنھنجا خدمتگار آهن. چوندا آهن ته؛ ”ڳوه کي کٽي کڻي ته شڪارين جا گهر ڳولي.“ هن کي به کٽيءَ کنيو، سو هن عورت جي ويجهو ويو. جنن نڪا ڪئي هم نڪا ڪئي تم، اتي جو اتي نڙيءَ تي نُھن ڏيئي پورو ڪري ڇڏيائونس.
ميرانجيءَ اهو هڪڙو ڪچو ڪم ڪيو نه ته ڏيئي جي وسيلي گهڻا خير جا ۽ ڪرامت جھڙا ڪم ڪيائين. جنھن ڪري ماڻھن هن کي ولي سمجهي هن جي درگاهه ٺاهي ۽ اڄ تائين امروهه ۾ قائم آهي.
چون ٿا ته؛ ميرانجي هاڻ به اتي جي ماڻھن خصوصًا زالن ۾ اچي واسو ڪندو آهي. جھڙو زين خان، ننھي ميان ۽ ٻيا، پر اهي سڀ ميرانجيءَ کان گهٽ ليکبا آهن. تنھنڪري چون ته؛ جڏهن مير اچي، تڏهن ٻيا پير ڀڄيو وڃن.
هاڻ پھاڪي جي معنى اها ٿي رهي آهي ته جڏهن وڏا اچن، تڏهن ننڍا ٽري پاسو ڪن يا ڀڄي وڃن. (فعلن).
ڀيٽيو:
ڪوئن ڏٺي ٻلي، دلڙي ٿين ڍلي.
آڏواڻي، ڀيرو مل مھر چند: پھاڪن جي پيڙهه. ص ۴