لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڪن جي پيڙهه

پهاڪن کي لوڪ ادب ۾ تمام سُٺي اهميت حاصل آهي ۽ سنڌي پهاڪا ٻهراڙين جي ڪچهرين ۾ ورجايا ويندا آهن. هي پهاڪن جو ڪتاب ”پهاڪن جي پيڙھ” مسٽر ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جو لکيل آهي.
Title Cover of book پھاڪن جي پيڙهه

62. پئنچن ۾ پرميشور.

بنياد:
ڪنھن مکيءَ جي پٽ کي دل ۾ آيو ته؛ ”بابي سائين کي نڪا قاعدي نڪا قانون جي سڌ، پوءِ ڳوٺ وارن ماڻھن جا فيصلا ڪئن ٿو پوريءَ طرح نبيري سگهي.“
خير، هڪڙي ڏينھن هي وڃي ڪنھن سنگتيءَ جي گهر رات رهيو. سندس سنگتيءَ کي ٻه زالون هيون. هڪڙيءَ مان پٽ هوس ۽ ٻيءَ مان ڪو ٻار ٻچو ڪو نه هوس. انھيءَ رات اهڙو ڪو ڪارڻ ٿيو جو ٻار جي رئڻ ڪري ماءُ خفي ٿي. هن کي کڻي گهٽو ڏنو ۽ هو مري پيو.
ماءُ کي پوءِ خيال ٿيو ته؛ ”مڙسم جا هن ۾ پران سو مون سان جٺ ڪندو.“ تنھن کان ڇا ڪيائين جو مئل پٽ، پھاڄ جي ويجهو ڇڏي پاڻ وڃي سمھي پيئي.
مکيءَ جي پٽ، سارو رنگ ڏٺو. تنھن دل ۾ چيو ته؛ ”هاڻ پاڻيھي بابي سائين جي خبر پوندي. ڏسان هن ڳالهه جو فيصلو ڪيئن ٿو ڪري.“
صبح ٿيو ته ڇوڪري جي ماءُ، هوءِ هوءِ مچائي ۽ پھاڄ کي پٽڻ لڳي. مڙس هي حادثو ڏسي جلي ويو ۽ پنھنجي ٻيءَ زال کي چوٽيءَ کان گھليندو پئنچات ۾ وٺي ويو. پنچات ۾ مکيءَ کي وڃي چيائين ته؛ ”هن ڏائڻ منھنجو سڪيلڌو پٽ ماريو آهي. تنھنڪري پئنچات جيسين هن جي کل، بھه سان ڀرائي هن کي درياهه ۾ نه لوڙهائيندي، تيسين منھنجي اندر کي ٺار نه پوندو.“
مکيءَ جو پٽ به پنچات ۾ ويو هو. سو دل ۾ پيو چوي ته؛ ”اجها ڪي ڪجها، ڏسان ته بابو سائين ۽ پئنچ ڪھڙو ٿا فيصلو ڪن.“
مکيءَ ۽ پئنچن پوءِ پاڻ ۾ صلاح ڪري، هن مرد کي چيو ته؛ ”پنھنجي ٻيءَ زال کي به گهراءِ.“ جڏهن ڇوڪري جي ماءُ آئي، تڏهن مکيءَ پڇيو ته؛ ”تنھنجي پھاڄ، برابر تنھنجو پٽ ماريو آهي؟“
زال چيو ته؛ ”هائو“.
مکيءَ پوءِ هن تھمتڻ کي پاسيرو وٺي چيو ته؛ ”تو تي خون جي تھمت پوري پوري آهي پر جي تون رڳو پنھنجي ٽنگ ٿوري اگهاڙي ڪرين ته تو کي ڇڏي ڏيان“.
زال وراڻي ڏنيس ته؛ ”مونکي موت قبول آهي پر آءُ اهڙو ڪم نه ڪنديس.“
مکيءَ پوءِ ٻي زال کي پاسيرو وٺي چيو ته؛ ”تنھنجي پھاڄ ڏوهه نٿي قبولي پر جي تون پنھنجي ٽنگ ٿوري اگهاڙي ڪرين ته پوءِ تنھنجي ڳالهه تي اعتبار ڪري تنھنجي پھاڄ کي سزا ڏيان.“
زال چيو ته؛ ”ائين ڪرڻ کان لڄ ٿي اچي پر جڏهن توهان جي اهڙي مرضي آهي تڏهن مونکي ائين ڪرڻ کان عار ڪونھي.“
مکيءَ پوءِ سڀني پئنچن سان اها ڳالهه ڪئي. هنن پوءِ فتوى ڏني ته هن نر-لڄئي پنھنجو پٽ پاڻيھي ماريو آهي، تنھن ڪري هن کي سزا ملڻ گهرجي. هيءُ فيصلو ٻڌي مکيءَ جي پٽ چيو ته؛ ”پئنچن ۾ پرميشر آهي. نه ته ههڙا معاملا جيڪر هو ڪيئن نبيري سگهن؟“
ڀيٽيو:
1- پئنچ جھان پرميشر.
2- پئنچه مکه پرميشر.
3- زبان خلق، قپان خدا.
4- بجا ڪھي جسي عالم، اسي بجا سمجهو،
آوازِ خلق ڪو، نقاره خدا سمجهو.