102. عشق نه ڏسي ذات، نه ڏسي ڪذات.
بنياد:
هڪڙو بادشاهه هر روز پنھنجي وزير کان پڇندو هو ته؛ ”ڪھڙي خبر چار؟“
وزير هميشه اهو ئي جواب ڏيندو هو ته؛ ”جيئندا قبلا مڙيوئي خير آهي.“
هڪ لڱا وزير اها ڳالهه راڻيءَ سان ڪئي. تنھن چيس ته؛ ”مون کان خبر چار پڇندو وڃ ته آءٌ تو کي ٻڌايان.“
وزير چيس ته؛ ”ڀلا اڄ ڪا خبر چار ٻڌاءِ.“
راڻيءَ چيس ته؛ ”پھريائين تون مونکي ٻڌاءِ ته بادشاهه شڪار تي وڃڻو آهي؟“
وزير چيو ته؛ ”هائو! ڇهين بجي شام جو ويندو.“
راڻيءَ چيس ته؛ ”تون ستين بجي مون وٽ اچج ته آءٌ تو کي خبر چار ٻڌائيندس.“
وزير انھيءَ وقت تي راڻي وٽ ويو. راڻيءَ هن کي پاڻ سان وٺي شھر جي ڌوٻي گهاٽ ڏي ويئي ۽ اتي وزير کي چيائين ته؛ ”فلاڻي ڀونگيءَ ڏي چتائي پيو نھارج.“
وزير ائين ڪيو. ڪنھن وقت وزير ڏٺو ته بادشاهه سلامت انھيءَ ڀونگي ۾ پيو وڃي. وزير راڻيءَ وٽان اشاري ملڻ تي وڌي اڳڀرو ٿيو ۽ ڀونگيءَ وٽ بيھي ڪن ڏيئي ٻڌڻ لڳو. انھيءَ ڀونگيءَ ۾ هڪ کٽياڻي رهندي هئي، تنھن کي بادشاهه چيو ته؛ ”آءٌ شڪار تان ٿڪجي آيو آهيان. مونکي اُڃ ڏاڍي لڳي آهي. پر پھريائين ڪجهه ڏينم ته کائي پوءِ پاڻي پيئان.“
کٽياڻيءَ چيو ته؛ ”ماني مون وٽ ڪانھي. باقي پاروٿا چانور رکيا آهن، سي چئو ته ڏيانوَ.“
بادشاهه چيو ته؛ ”اهي ئي ڪار.“
بادشاهه اهي چانور وٺي کاڌا ۽ پوءِ پاڻي گهريائين. کٽياڻيءَ وٽ پاڻي رکيل به ڪو نه هو. سا ڌوٻي گهاٽ تان وٽو پاڻيءَ جو ڀري آئي. بادشاهه اهو پاڻي پي چيس ته؛ ”هاڻي ڪا کٽ ڏينم، جنھن تي ٻه گهڙيون ليٽان.“
کٽياڻيءَ چيس ته؛ ”اها ڀڳل کٽ، جنھن تي ويٺو آهين، تنھن ڌاران ٻي ڪا کٽ مون وٽ ڪانھي.“
بادشاهه پوءِ انھيءَ ئي کٽ تي ليٽي پيو.
وزير ۽ راڻي، پوءِ سٽ کڻي پنھنجي جاءِ ڏي ويا. صبوح ٿيو ته ڪچھري مڙي. بادشاهه وزير کان دستور موجب پڇيو ته؛ ”وزير، ڪھڙي خبر چار؟“
وزير چيو ته؛
”عشق نه جاني ذات ڪذات، بوک نه جاني باسي ڀات،
پياس نه جاني ڌوٻي گهاٽ، نيند نه جاني ٽوٽي کاٽ.“
بادشاهه کي سڀيئي ڳالھيون دل سان لڳي آيون. تنھن شرم وچان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو.
ڀيٽيو:
1- عشق انڌو آهي.
2- عاشق انڌا هوتا هي.
ڏکيا لفظ:
باسي ڀات معنيٰ پاروٿا چانور.
ٽوٽي کاٽ معنيٰ ڀڳل کٽ.