لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڪن جي پيڙهه

پهاڪن کي لوڪ ادب ۾ تمام سُٺي اهميت حاصل آهي ۽ سنڌي پهاڪا ٻهراڙين جي ڪچهرين ۾ ورجايا ويندا آهن. هي پهاڪن جو ڪتاب ”پهاڪن جي پيڙھ” مسٽر ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جو لکيل آهي.
Title Cover of book پھاڪن جي پيڙهه

58. پرائي پٽڻي، رن کهائي ٻه ڪن.

هن جي پٺيان چون ته؛ ”هٿئون پيس پنھنجي، تڏهن ڪن وڍيس ڪرن.“
بنياد:
ڪرن نالي هڪڙو ماڻھو هو، تنھن پنھنجي زال بنسبت ڪجهه ابتو سبتو ٻڌو هو. تنھن تان هڪ ڏينھن اچي تتو. زال کي مار ڏيئي ڇت جي وري ۾ ٽنگي ڇڏيائينس ۽ پاڻ چادر تاڻي سمھي رهيو.
انھيءَ وقت هڪ عورت آئي ۽ ڪرن جي زال کي ٻاهر اچڻ لاءِ اشارو ڪيائين. هن اشاري ۾ چيس ته؛ ”آءٌ اچان ڪيئن؟“
هن عورت، پوءِ ڪرن جي زال کي مٿان لاٿو ۽ پاڻ سندس جاءِ تي منھن ويڙهي ٽنگجي بيھي رهي. ڪنھن مھل ڪرن جاڳيو ۽ هن عورت کي پنھنجي زال سمجهي مار ڏنائين ۽ پوءِ ته اهڙو جولان آيس جو کڻنديئي ڪپ، هن جا ٻئي ڪن ڪپي ڇڏيائين. هن عورت کي رڳو اهو ئي ڊپ هو ته متان مون کي سڃاڻي، تنھن منھن پئي لڪايو ۽ سور پئي پيتو.
ڪرن وري به چادر تاڻي سمھي پيو. ڳچ مھل گذري ته ڪرن جي زال آئي. هن عورت چيس ته؛ ”سگهو اچي منھنجي جاءِ والار! مفت اوهان جي پٽڻي ۾ ٻئي پنھنجا ڪن وڃايا اٿم.“
مراد ته پرائي معاملي ۾ جو پوي ٿو سو پنھنجي لاک لھرائي ٿو. هي پھاڪو جملي ۾ هن طرح به ڪم آڻبو آهي. ”مونکي ڪھڙي گتي پيئي آهي جو پرائي پٽڻي ۾ پئي، پنھنجا ڪن کوهايان.“
مٿين ڳالهه وڌيڪ هن طرح آهي ته ڪرن جي زال وري وڃي پنھنجي جاءِ تي ٽنگجي رهي ۽ هوءَ ڪنن-وڍي، پنھنجا وڍيل ڪن پٽ تان کڻي، منھن لڪائي اٿي ڀڳي. ڪنھن وقت پنھنجي رنڌڻي ۾ ويٺي هئي ته مڙسس سڏ ڪيس پر هن جواب ڪو نه ڏنس. تنھن تي سندس مرد چيو ته؛ ”ڪن ويئي! ڇا ٿيئي؟ جو جواب نٿي ڏين؟“
هن هيءُ وجهه وٺي ٻئي ڪن کڻي پٽ تي ڦٽا ڪيا ۽ مڙس کي چيائين ته؛ ”تو مونکي پِٽيو تڏهن منھنجا ٻئي ڪن ويا.“
مرد پنھنجي زال جا ڪن، سچ پچ ڪريل ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ چيائين ته؛ ”مون ائين ڪو نه ٿي ڄاتو ته جيڪي چوندس سو ٿي پوندو.“
زال چيس ته؛ ”ڪا مھل نه ڪنھن جھڙي. اڳتي چٻي چٿي ڳالھائيندو ڪر.“
هوڏانھن ڪرن جاڳيو، تنھن پنھنجي زال کي چيو ته؛ ”رن، ڪن ته ڪپيامانءِ هاڻ نڪ ۽ چپ به ٿو ڪپيانءِ.“
زال چيس ته؛ ”جي آءٌ ستياڻي آهيان ته الله سائين منھنجا ڪن وڃائيندو ئي ڪين.“
ائين چئي پنھنجا ڪن ڏيکاريائينس. ڪرن هن جا ٻئي ڪن سلامت ڏسي، ڏاڍو عجب ۾ پيو ۽ کانئس بخشائڻ لڳو.