35. اهڙو ڪم ڪجي، جو لعل به لڀي پريت به رهجي اچي.
هڪڙا چار ڄڻا پاڻ ۾ سنگتي هئا. هڪڙو هو بادشاهه جو پٽ، ٻيو وزير جو، ٽيون قاضيءَ جو ۽ چوٿون ڪوٽوال جو. هڪڙي ڏينھن جهنگ جهريندي ڪٿي رات پين. سو واري وٽيءَ هڪٻئي تي پھرو ڏيڻ لڳا. پھريائين شھزادو پھري تي بيٺو ۽ ٻيا ٽي سمھي پيا. ڪنھن وقت پھري ڏيندي، شھزادي جي ڪن نانگن تي نظر پيئي جن چانڊوڪيءَ ۾ مڻ سان پئي راند ڪئي. شھزادي ڪا تجويز ڪري اها مڻ هٿ ڪئي.
اهڙيءَ طرح ٻيا ٻه، واري سان جاڳيا تن به هڪڙي هڪڙي مڻ هٿ ڪئي.
پڇاڙيءَ ۾ ڪوٽوال جي پٽ به اُٿي مڻ هٿ ڪئي. پر هن کي دل ۾ آيو ته؛ ”ڏسان ته منھنجن سنڱتين به مڻ هٿ ڪئي آهي يا نه.“ هن پوءِ سڀني جا وڃي وسلا ڦولهيا ۽ ٽنھي جون لعلون کڻي پنھنجي سٿڻ جي ابداڻي اندر وجهي ڇڏيائين.
صبح جو هر ڪنھن پنھنجي لعل گم ٿيل ڏسي، دل ۾ چيو ته؛ ”چور ته اسان مان ئي ڪو آهي.“ تنھن ڪري؛ ”مٺي به ماٺ مٺي به ماٺ“ ڪري پنڌ پيا.
جڏهن ڪنھن شھر ۾ پھتا، تڏهن هر هڪ پنھنجي روءِ سوءِ اتي جي بادشاهه کي وڃي چيو ته؛ ”منھنجي لعل ويئي آهي پر مھرباني ڪري اهڙو ڪم ڪجو جو لعل به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي.“
انھيءَ بادشاهه جي نياڻي ڏاڍي سياڻي هئي. تنھن پيءُ کي چيو ته؛ ”انھيءَ ڳالهه جو آءٌ نبيرو ڪنديس.“
بادشاهه پوءِ هنن کي پنھنجي نياڻيءَ ڏانھن منھن ڏنو. شھزاديءَ چين ته؛ ”اوهين اٺ ڏينھن مون وٽ مھمان ٿيو پر هن ريت جو روز اوهان مان هڪڙو ڄڻو واري سان مون وٽ اچي ماني کائي ۽ ٻين ٽن جي ماني کڻي وڃي.“
پھرين شھزادو آيو. شھزاديءَ پنھنجي هڪ لعل کڻي شھزادي جي اڳيان رکي. شھزادي ڪڏهن عمر ڀر پرائيءَ شيءِ کي هٿ نه لاتو هو. تنھن لکايو به ڪين ته؛ لعل پيئي آهي يا ڀتر پيو آهي.
ٻئي ڏينھن شھزاديءَ وزيرزادي اڳيان ٻه ۽ ٽئين ڏينھن قاضيءَ جي پٽ اڳيان ٽي لعلون رکيون. پر هنن به گگ نه ڳاڙي.
چوٿين ڏينھن ڪوٽوال جو پٽ آيو. تنھنجي اڳيان به شھزاديءَ ٽي لعلون رکييون. پوءِ ٻين وانگر هن کي شراب پاڻي پيارڻ لڳي. چوندا آهن ته؛ ”مڌ پيوڻ، ذات پرکڻ“. شراب جي نشي وچان، ڪوٽوال جي پٽ شھزاديءَ کي چيو ته؛ ”تو وٽ رڳيون ٽي لعلون آهن پر مون وٽ سڄون چار آهن. سي به تنھنجن لعلن کان سٺيون.“ ائين چئي ابداڻي مان چار ئي لعلون ڪڍي ڏيکاريائينس.
شھزاديءَ اهي لعلون وٺي هٿ ۾ڪيون. ٻئي ڏينھن وري شھزادو آيو. تنھن کي لعلون ڏيکاري چيائين ته؛ ”سڃاڻ ته تنھنجي لعل ڪھڙي.“ هن جهٽ پنھنجي لعل سڃاڻي هن کان ورتي.
اهڙيءَ طرح سڀني کي پنھنجي پنھنجي لعل ملي ۽ هنن جي پريت به رهجي آئي.
مراد ته؛ هڪ ٻئي ۾ ڪو معاملو پوي ته ميٺ محبت ۾ نبيرجي ۽ اٻھرائي ڪري ڪنھن سنگتيءَ کي اُڀري نه وٺجي.