53. ترت دان، مھا پڃ.
هڪڙو برهمڻ، لکي پڙهي ڪين ڄاڻندو هو. تنھن کي سندس استريءَ چيو ته؛ ”پنھنجي ملڪ جي راجا وٽ ڏهاڙي صبح جو وڃي چؤ ته؛ ”ترت دان مھا پڃ“ ته هو تو کي ڪجهه نه ڪجهه اوس ڏيندو.“
هن ائين ڪيو ته راجا هن کي پنج رپيا ڏنا. هو پوءِ روز ائين چئي پنج روپيا وٺي ايندو هو.
هڪڙي دفعي راجا ڪن ٻين برهمڻن جي چوڻ تي، انھيءَ برهمڻ کان پڇو ته؛ ”ترت دان، مھا پڃ“ جي معنى ڇا؟“
برهمڻ چيو ته؛ ”ان جو ارٿ سڀاڻي ٻڌائيندس.“
هن پوءِ پنھنجي استريءَ سان ڳالهه ڪئي. استري ويچار ۾ پئجي ويئي. ڪنھن وقت ڀانيائين ته ڪو چوينم ٿو ته فلاڻي ديس ۾ جو راجا آهي تنھنجي راڻيءَ کي سورهن مھينا گرڀ ٺھرئي ٿيا آهن ته اڃا موکه نه ٿو ٿئيس. توهان جو راجا جڏهن انھيءَ ملڪ ۾ ويندو ۽ هن ملڪ جي راڻي سندس منھن ڏسندي تڏهن هن کي ٻالڪ ڄمندو. انھيءَ ٻالڪ کان جيڪڏهن راجا ”ترت دان مھا پڃ“ جو ارٿ پڇندو ته اهو ٻالڪ کيس ارٿ ٻڌائيندو.
برهمڻيءَ کي انھيءَ ڳالهه تي پرتيت اچي ويئي. تنھن سارو قصو پنھنجي پتيءَ کي ٻڌايو.
ٻئي ڏينھن برهمڻ دستور موجب راجا وٽ ويو ته راجا پنج روپيه ڏيئي چيس ته؛ ”ترت دان، مھا پڃ“ جو ارٿ ٻڌاءِ.
برهمڻ پوءِ پنھنجي استريءَ جي سڄي ڳالهه ٻڌايس.
راجا چيو ته؛ ”اها ڳالهه به جاچبي.“
هو پوءِ اڪيلو سھي سنبھي هن ٻئي راجا جي ملڪ ڏي هليو، جنھنجي استري گرڀ-ونتي هئي. واٽ تي راجا برسات پوڻ سبب ڪنھن پناهه لاءِ واجهائڻ لڳو. نيٺ هڪ جهوپڙي ڏسي ان ۾ ويو. انھيءَ جهوپڙيءَ ۾ زال ۽ مڙس، ٻه ڄڻا هئا ۽ کٽولا به ٻه هئن. راجا چين ته؛ ”ڀڳونت جي ارٿ مونکي هڪ کٽولو ڏيو.“
زال چيو ته؛ ”راجا، آءٌ ڪين ڏينديس.“
مرد چيو ته؛ ”ڀڳوان جي نالي تان کٽولو ڇا پر منھنجو سِرُ به قربان آهي.“ هن پوءِ پاڻ وارو کٽولو راجا کي ڏنو ۽ پاڻ وڃي پٽ تي، ٻنڀي وٽ سمھيو.
ڪنھن وقت رات جو ڪو بگهڙ آيو سو هن پٽ تي سمھيل مرد کي ماري ويو. صبح جو راجا هن کي مئل ڏسي ڏاڍو ارمان کاڌو ۽ هن مائيءَ کي ڪيترا هيرا جواهر ڏيئي، پاڻ ڪھندو ڪھندو آخر انھيءَ راجا وٽ آيو، جنھن جي راڻي گرڀ-ونتي هئي. راجا هن کي پاڻُ ڄاڻايو ۽ هُن راجا چڱي مرحبا ڪيس.
ڪنھن وقت راڻين کي به خبر پيئي ته ڪنھن ڌارئي ملڪ جو راجا اسان جي محلات ۾ مھمان ٿي آيو آهي، سي لڪي لياڪا پائڻ لڳيون. انھن راڻين مان جيڪا گرڀ-ونتي هئي تنھن اڃا راجا کي ڏٺو ته امالڪ هٿ پير لڌائين ۽ پٽ ڄائس. جهٽ پٽ سڄي محلات ۾ واڌايون ورتجي ويئون.
راجا پٽ ڄائي جي خبر ٻڌي هن راجا کي چيو ته؛ ”توهان جا پير سڀاڳا آهن. منھنجي راڻي سورهن مھينن کان ويٺي هئي ۽ اڄ توهان جي آئي هن جو ڇوٽڪارو ٿيو آهي.“
راجا چيس ته؛ ”جيڪو ڪڪو ڄائو آهي سو مونکي ڏيکاريو.“
راجا جهٽ نئون ڄاول راجڪمار گهرائي هنج ۾ ڏنس. هن راجا اهو ٻالڪ هنج ۾ جهلي هن کان پڇيو ته؛ ”ترت دان، مھا پڃ، جي ارٿ ڇا آهي؟“
ڪلتار جي قدرت جو اوڏي مھل انھيءَ تازي ڄاول ڳالھايو. ٻالڪ راجا کي چيو ته؛ ”هي راجن، آءٌ اهو ساڳيو ماڻھو آهيان جنھن جي جهوپڙيءَ ۾ تو کٽولو اچي گهريو هو.“ هن راجا جي راڻيءَ کي سورهن مھينن کان گرڀ ٺھريو هو، ٻالڪ ۾ مون واري آتما پوڻي هئي پر راجا جي گهر ۾ جنم به ڪنھن پڃ سان مونکي ملڻو هو. تو کٽولو اچي گهريو ته منھنجيءَ استريءَ ناڪار ڪئي. هينئر اُن نڀاڳيءَ کي به بگهڙ کاڌو آهي ۽ هن ڪتيءَ جي جوڻ وڃي پاتي آهي. مون ڀڳونت جو نالو ٻڌي پڃ جھڙو ڪم ڪيو جو توکي اجهو به ڏنم ۽ کٽولو به ڏنم. انھيءَ ترت دان جو وڏو ڦل مونکي اهو مليو آهي جو مون جھٽ اچي راجا جي گهر جنم ورتو آهي. تنھن ڪري ڄاڻ ته جي ڪنھن جو ڪم ترت وهندي ڪجي ٿو ته ان جو ڦل وڌيڪ آهي ۽ جي ڪنھن جو ڪم ڪجي پر ريڙهائي ريڙهائي ڪجي ته اهو اهڙو ٿيو جھڙو، ٻڪري کير ڏئي پر ڦولھڙين گاڏڙ.“