134. مون ڀانيو درويش، پر بازن کان ئي بڇڙو.
بنياد:
ڪنھن پکيءَ جي پٺيان اچي ڪو باز پيو. پکي ويچارو گهڻو ئي اڏاڻو پر باز پچر ئي نه ڇڏيس. آخر ڪنھن وڻ هيٺان، هڪ فقير ويٺل ڏسي، اهو پکي وڃي سندس شرن پيو. چيائينس ته؛ ”مونکي هن باز کان بچاءِ!“
فقير به ڪو ٻن ٽن ڏينھن جو بکايل هو. تنھن امالڪ گردن کان جهلي، حلال ٿي ڪيس. پکيءَ چيس ته؛ ”فقير! آءٌ باز کان هن ڪري ٿي ڀڳس ته متان مونکي چنبو هني ماري. پر تون ته باز کان به وڌيڪ بڇڙو چئبين، جو مونکي سڄو ئي ڳڙڪائڻ ٿو گهرين.“
پکيءَ هي بيت چيو:
ڀُليس پسي ويس، نا ته وڻ ٻيا به هوا ويجهڙا،
ڦٽاءِ فقيريءَ جو، لاهي ڇڏ لبيس،
مون ڀانيو درويش، پر بازن کان ئي بڇڙو.
جيڪي ازرق فقير يا اندر-ٻھريا هوندا آهن، تن سان هي پھاڪو لڳائبو آهي.
135. ناڻو جھڙي تاو سان گهرجي، تھڙي تاو سان نڪري.
بنياد:
مير صاحبن جي راڄ ۾، حسن شاهه سيد، تحصيلداريءَ جو ڪم ڪندو هو. ان ڏهاڙن ۾ هڪڙي هاريءَ ڏي رپيو رائر جو هو. تنھن کان مان-ڀاءَ سان گهري ٿڪو، ته نه ڏنائين. نيٺ ڌرتيءَ ۾ ڏرا کڻائي، تنھن ۾ سنديس ٻانھون پوري، اُس ۾ وهاريائينس. تڏهن منجهانئس مس سڌو ٿيو. يعني پٽڪي ۾ رپيو ٻڌل هوس، سو ڇوڙي ڏنائين. تڏهن ٻين چيس ته؛ ”رپيو ساڻُ هوندي، هيتري مار ڇو ٿي کاڌئي؟“
چي؛ ”ڙي يار! رپيو به ائين ته نه ڄاڻي ته ڪنھن گيديءَ جي هڙ ۾ هوس.“
سالڪ هڪڙي، سيد کي چيو ته؛ ”ٿوري ناڻي لاءِ ايترو مارڻ نه گهربو هو.“
تنھن کي اهو پھاڪو چئي ٻڌايائين.
حاصل ڳالهه جو؛ ناڻو هڙان ڇوڙڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. (گلشڪر)
ڀيٽيو:
1- ڏيڻ ۽ ڏيھه ڇڏڻ، ڏاڍو ڏکيو آهي.
ڏکيا لفظ:
رائر معنيٰ ڍل.