لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
پھاڪن جي پيڙهه
پهاڪن کي لوڪ ادب ۾ تمام سُٺي اهميت حاصل آهي ۽ سنڌي پهاڪا ٻهراڙين جي ڪچهرين ۾ ورجايا ويندا آهن. هي پهاڪن جو ڪتاب ”پهاڪن جي پيڙھ” مسٽر ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جو لکيل آهي.
- 4.5/5.0
- 7960
- 1117
- آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
- ڀيرومل مھرچند آڏواڻي
- ڇاپو پھريون
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو
- ترتيب
- سنڌسلامت پاران :
- متن
- 1. آپ نه پالي، پالي ڏوُن، ڇوهر ڄائو، ڏکان ڏوُن/ نون
- 2. آج نه ديکا لال، تو ڪل ديکون گا
- 3. آڌا چوُڙا، آڌا ٻورا، مال ڪوڙا، مراد پوُرا.
- 4. آنڌ به ڪاڻي، مانڌ به ڪاڻي، ڪاڻي اسان جي ڍڳي،
- 5. آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا.
- 6. آههِ غريبان، قھر خدائي.
- 7. آيا مير، ڀڳا پير.
- 8. ابو گسي، ڌيءَ وسي.
- 9. اٽو کاڌو ڪئي، مار پيئي گابي تي.
- 10. اُٺ پٺيان گهنڊڻي
- 11. اُٺ نه رٺا، ٻورا رٺا.
- 12. اَٺي آني پڳڙي، رپيو ٻڌاڻي، ڪري پيئي کوهه ۾، ٻه روپيا ڪڍاڻي.
- 13. اُٺي بُھَه چُٺي
- 14. اپڻا مال ھئي، روئسان به کائسان به.
- 15. اپڻي گھوٽ ته نشا ٿيويئي.
- 16. اڃا اٺ ڪڍن سسئي.
- 17. ادي ادي اتراڻ، چي؛ ”مون ته اھو ئي منو ماڻ“.
- 18. اسان ڀانيو ھار، پر سڳو ئي سورن جو.
- 19. اَڪ آمو نه ٿئي، توڙي ڦٽي ڪري ڦر.
- 20. اک ٻڌڻ، تپ لنگھڻ.
- 21. اک ٺھيئي نه، کٻڙ خان چنڊ ڏٺو.
- 22. اڳين پاڻي، پوين چڪ.
- 23. اگهائي ته ڪچ، نه ته ماڻڪن موٽ ٿئي:
- 24. اگهه ڪنھن وڌو؟ چي؛ ”جنھن جي نه سري.“
- 25. اڱر ڪوسا ته هٿ ساڙين، جي ٿڌا ته هٿ ڪارا ڪن.
- 26. ”امان ساهري گهر مون سان ٻيا ته وڙهن پر ساهري چائنٺ به وڙهي.“
- 27. انڌا بي ايمان ٿيندا آهن.
- 28. انڌو ڇوڪر، لائو ڏوڪڙ؛ ٽڪاڻي جي ارداس.
- 29. انڌو ھاٿي لشڪر جو زيان.
- 30. انڌير نگري، چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا.
- 31. اڻائي به ويئي، تڻائي به ويئي، وري ڪپھ جي ڪپھ.
- 32. اونڌيون پاٽيون، پاسيرا ٽويا.
- 33. اها دعا، دل سان ئي نٿي لڳي.
- 34. اها ڪڪڙ ئي مري ويئي، جا سونا آنا ڏيندي هئي.
- 35. اهڙو ڪم ڪجي، جو لعل به لڀي پريت به رهجي اچي.
- 36. اهو ئي هٿ کير ۾، اهو ئي هٿ نير ۾.
- 37. ايڪ پنٿ، دو ڪاج.
- 38. بادشاهين پوندي معاملي، ڄٽي ڪير ويچاري.
- 39. باسڻ هڪڙو کڻي، ٺڪر گهڻن کي اچي.
- 40. بڇڙو ڪتو، ڌڻي پُڻائي.
- 41. ٻارهن گدرا، تيرهن لاڳدار.
- 42. ٻاليتو؛ نه ماليتو.
- 43. ٻاڻيءَ ٻاڻ سٽايو، باز به سٽون ڏي، صاحب سڀن جو هڪڙو، ڏسان ڪئن ڪري.
- 44. ٻاهر جا کائن، گهر جا گيت ڳائن.
- 45. ٻائي ٻير، اڍائي سير.
- 46. ٻائي جو ٻائو، تيوڻ جو تيوڻ.
- 47. ٻليءَ شير پڙهايا، ڦير ٻلي ڪون کاوڻ آيا.
- 48. ڀري ٻيڙيءَ ۾، واڻيو ڳؤرو.
- 49. ڀڳي سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي.
- 50. ڀلو پير، ڪي ڀلو ويساههُ.
- 51. ڀُلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀُلي.
- 52. ڀنگان چيز ٻُڏن، لنڊي رووي ڪڻڪ ڪون.
- 53. ترت دان، مھا پڃ.
- 54. ٺاٺ نئي هڪڙو، ٺڪر اچي گهڻن کي.
- 55. پاڻي پي، نه ذات پڇجي.
- 56. پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اُڃ مرن.
- 57. پڇڻا، نه منجهڻا.
- 58. پرائي پٽڻي، رن کهائي ٻه ڪن.
- 59. پرائي ڏيو تان، کارڪ به چڱي.
- 60. ”پريا مڙس! تئي جٽيندين؟“ چي؛ ”ويٺي وڌي پوندس ڇا؟“
- 61. پئنچا نال، ايڪا دشي.
- 62. پئنچن ۾ پرميشور.
- 63. پيادن مان هسوار، هسوارن مان پيادا.
- 64. پير کان به وڏو آهي ويساهه.
- 65. پير کي ڪم، ٺڪاءَ سان.
- 66. پيو ڌيئاڻو، ويو پيئاڻو.
- 67. ڦاڙهو جاتي کائي، تاتي اوجهه ڏئي.
- 68. جاتي کير تاتي کنڊ، جاتي جهڻ تاتي لوڻ.
- 69. جاڳندن جون وڇون، ستلن جا ڪونھان.
- 70. جڏهن ڪڏهن سنڌڙي تو کي، قنڌاران جوکو.
- 71. جر نئيس، جيڏي نه نئيس.
- 72. جنھن جو ڪم سو ئي ڪري، ٻيو ڪري ته گهاٽو ڀري.
- 73. جنھن کي ويٺي سُڌ نه پيئي، تنھن کي بيٺي ڇا پوندي؟
- 74. جني ڪارڻ مونڊ منڊايم، سيئي سور وري سامھون آيم.
- 75. جھڙي ٻرڙي ڪئي ٻارن سان.
- 76. جھڙي ڇالي، تھڙي پني.
- 77. جھڙي نيت، تھڙي مراد.
- 78. جئسي ڪو تئسا ملا، ڏوم ڪو ملا نائي, اسني ڍولڪي بجائي، اسني آرسي بنائي.
- 79. جئسي ڪو تئسا ملا، سن ري راجا ڀيل.
- 80. جي نو نؤنداڻي، ڏهه حقا ته هرلا پڪا،
- 81. ڄٽ بکيو موري کائي، موري بکه گهڻيري لائي
- 82. ڄٽيءَ سٽ پسايو، واڻئي وڌيس وٽي،
- 83. چت تي چوٽا ته مدعي رد.
- 84. چٽي چنيجن جي، پُرڻ تي پيئي.
- 85. چرئي کان پڇيائون؛ ”ڪئن؟“ چي؛ ”ويران وير وڌ.“
- 86. چريا ڏئي چار، وڇان وٺجي هڪڙي.
- 87. چري پاڻ ٿياس، متيون ڏيندي لوڪ کي.
- 88. چمڙن جي گهر ويا مھمان، چي؛ اسين پيا لٽڪون، اوهين به لٽڪو.
- 89. چنڊ کي ڏُهي، پوءِ سڄي پاڳ.
- 90. چورن مٿان مور پيا، اڌ ورھائي کڻي ويا.
- 91. ڇوڪرن کان شيطان به پناهه گهري آهي.
- 92. خبر پوندي تيسين، جڏهن هٿوراڙيون ڏيسين.
- 93. حق به رکي، ناحق به رکي.
- 94. ڌرت پڙيئي، ڌرم نه ڇوڙيئي.
- 95. ڌڻي ڏيڻ تي اچي ته چپر چيڙي به ڏئي.
- 96. ڏسجي ته اُٺ ڪھڙي ڪڙيءَ ٿو وهي.
- 97. رن چشڪي هري، رکي آرتوار.
- 98. ست ڪوئا کائي ٻلي، حج تي چڙهي.
- 99. ستن ڪونھان جاڳندن وڇون. يا؛ ستن جون پاڏا ڄڻين.
- 100. شوروو حلال، ٻوٽيون مردار
- 101. شيطان واري ڳڙ جي آڱر.
- 102. عشق نه ڏسي ذات، نه ڏسي ڪذات.
- 103. فقير دعا نه ڪئي، چي؛ ”جھڙي نيت تھري مراد.“
- 104. ڪتا تو نه منھن، تنھنجي ڌڻيءَ منھن.
- 105. ڪتو ڪڙم جو ويري.
- 106. ڪتي جو ڪارو منھن، رٻ اوتري جي اوتري
- 107. ڪڍ ڪڪڙ دائـري مان.
- 108. ڪري سو پائي، فقير کير کنڊ کائي.
- 109. ڪريئي تا ڀي ڏريئي، نا ڪريئي تا ڀي ڏريئي.
- 110. ڪن جي ڳالھين، مير بجر مارايو.
- 111. ڪنڊو لڳس پير ۾، کوٽي ٿو مونو،
- 112. ڪنيءَ رن جا ٻار، جيئن ٿورا تيئن چڱا.
- 113. ڪوري، مت ٿوري.
- 114. ”ڪُھَرَ ڪئن؟“ چي؛ ”ان سنوان!“
- 115. کاڻي کچڻي، اونڌا طباق.
- 116. کائڻ لاءِ کرو، ڪم مھل ٻرو.
- 117. کائڻ وير مڙس هاج وير ڇوڪر
- 118. کلي ماريو کيکو، جنھنجو پورو ٿيو ليکو.
- 119. کڻ خليفا ڇلي، مائي سليمان حج هلي.
- 120. گگر گگر پنڊا اڙيا.
- 121. گولاڙو، هيٺان پچي.
- 122. گيان ڌيان وهان رها، جھان رهي جتي.
- 123. ڳالھين سنديون ڳالھيون، ٽڪي سندا موٺ.
- 124. گهٽو ڌاريم اُن کي، هٿان چري ڪپاهه.
- 125. لالچ بري بلا
- 126. لک کٽيا ڏومڻيءَ، جو ڏوم سلامت آيا.
- 127. لکيون لھارن کي، چڏن ۾ چڻنگون.
- 128. مالڪ وڃن ٻيڙيءَ چڙهيا، شاهد وڃن غوطا کائيندا.
- 129. مُٺ ڀيڙيائي ڀلي، جي اپٽي ته نڪو لاءُ نڪو ساءُ.
- 130. مري نه ميھار، ته وڳ ولھو ئي نه ٿئي.
- 131. مڙس ته ڏاڙهي، نه ته ٻيا رڳا ڏاڙهه.
- 132. مفت جو شراب، قاضيءَ کي به حلال.
- 133. مڱن ڏانڊي، ڪارڙي ٽانڊي،
- 134. مون ڀانيو درويش، پر بازن کان ئي بڇڙو.
- 136. واڙيءَ ٻارهن، هٽ اٺارهن، گهر ويٺي چوويھه.
- 137. ور راڄ؛ ٻرهه راڄ،
- 138. وهڻ منڍو ئي ناهه، دلو پڇي نار کي.
- 139. هارئي کان، پيتو ڀلو.
- 140. هٿ جنين جو هيئن، پھرين پتڻ سي لنگهن.
- 141. يارن ڪھڙا ليکا.
- 142. يڪ نه شد، دو شد.