123. ڳالھين سنديون ڳالھيون، ٽڪي سندا موٺ.
موٺ هڪڙي سادي جنس ان جي آهي، جا گهڻو ڪري گهوڙا کائن.
بنياد:
هڪڙو ماڻھو ڪنھن کيپ تي ٿي ويو. تنھن کي هڪڙي مائٽ پاڻ لاءِ سوکڙي پاکڙي آڻڻ جو چيو. پر پيسو ڪو نه ڏنائينس. ٻئي مائٽ ٽڪو هٿ ۾ ڏيئي چيس ته؛ ”هن ٽڪي جا موٺ آڻج.“
جڏهن هو وري آيو، تڏهن ٻئي ملڻ لاءِ آيس ۽ پڇيائونس. جنھن رڳو وات سان چيو هوس، تنھن کي سوکڙين جي نه ملڻ جون ڪوڙيون سچيون ڳالھيون ڪري ٻڌايائين. ٽڪي واري کي، موٺ ڪڍي ڏنائين.
تڏهن هڪڙي سالڪ هي پھاڪو چيو.
يعني جو ڪم ناڻي ڏني ڇٽي، سو ڳالھين سان ڪاٿي ڇٽندو.
جھڙو فارسي پھاڪو آهي؛ ”زر کار کند، مرد لاف زند“ يعني ناڻو ڪم ڪري، مڙس ٻٽاڪ هڻي. (گلشڪر)
جڏهن ڪنھن کي ڪو ڪم چئجي ۽ هو نه ڪري اچي، تڏهن ائين چئبو. انھيءَ معنى سان ته تو کي پئسا نه ڏنم تڏهن تو منھنجو ڪم نه ڪيو.