ڪتاب جو نالو: سپنا سورج ڪرڻا
مصنف: زاهد شيخ
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 19 سيپٽمبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 693 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 171 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
زاهد شيخ سنڌي ٻوليءَ جو نهايت ئي مقبول، رومانس ۽ مزاحمت جو شاعر آهي. سندس انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري سُريلن آوازن وسيلي سڄي سنڌ ۾گُونجندي رهي آهي. زاهد پاڻ به سُريلو آهي. شاعري تخليق ڪري ٿو، شاعري ڳائي ٿو. ان ڪري سندس تخليق ۾ رواني آهي، سندس گيت پڙهي ۽ ٻڌي محسوس ڪجي ٿو ته ڄڻ ڳائي لکيا ويا هجن.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مھاڳ : شاعري ڪل شباب ٿي پئي آ
  • پنهنجي پاران
  • غزل

  • سُر لئه مُرڪي پنهنجو سِرُ ڪٽائي ڪو
  • ملي وئي آ ته ڀرپور ماڻ هي دنيا،
  • ڪيڏيون مست نگاهون آهن،
  • ڏِسَن ٿيون ته سُهڻيون ڏنگي ٿيون ڇڏن،
  • ساري رات ستارن ڪنڌُ جُهڪايو آ،
  • لمحو لمحو گڏجي گهاريل ويهي جي ورجايو هوندءِ
  • توبن ڪهڙا رهجي وياسين،
  • مُنهنجا حال اچي جي ڏسنديئن ڏسندي رهجي وينديئن تون
  • تو سوا ڏينهن ڏکيو رات زهر جهڙي آ،
  • ڇا ٻُڌايان ته ڇا ڏٺو آهي،
  • حَسين چهري مٿان ظُلم جو نِقاب نه ڏي،
  • بي رُخيءَ سان جوابَ ڇو ٿو ڏين،
  • تُنهنجي ٺيڪ وڏائي ڪونهي،
  • سوچَ ساڳي مگر ساٿُ ساڳيو نه آ،
  • دل ۾ ائين آ ديس جي مِٽيءَ جي خوشبو،
  • چاهتون گُم ٿي ويون،
  • چاهت آڏو چاهت واري ڇولي گهرجي ٿي،
  • هوائن ۾ خُمارن جي نئين خوشبو اُڏاڻي آ،
  • آ جنهن جي سِنڌُ سان چاهتَ سچَي پَچي سائين،
  • عشق جي ابتدا به تون آهين،
  • عشق جا هوندا ڏاڍا اهنجا رستا آهن،
  • مون محبت ۾ عمر ڀر جو سفر ورتو آ،
  • وک عشق ۾ جڏهن کان وڌائي ڇڏي اٿم،
  • نينهنُ نادان ئي ته آ سائين،
  • مست آهيون پنهنجي مستيءَ ۾ مئخانا آباد ڪنداسين،
  • اَندرَ جو اظهار خطن ۾،
  • سڀ ڪُجهه تنهنجي پيارَ کي سمجهيم،
  • هِڪڙي پَلَ ۾ پيارَ جا سَڀُ سِلسِلا اُجڙي ويا،
  • هاءِ هيءَ اڪيلائي انتظار ماري ٿو،
  • ايئن رهان ٿو مان انتظار سان،
  • اُصولَ پيارَ جا ڪنهن کان سَڄڻ سِکيو آهين،
  • وفا جي ڳالهه ڪيو ٿا وفا ڪندا به ڪيو،
  • تنهنجو پيار جنهن جي نصيبن ۾ هوندو
  • ڪنهنجو ڪُوڙو پيار نٿو گُهرجي سائين،
  • پهريان سجدو ۽ پوءِ سلام ڪبو.
  • سمنڊ جون ڇوليون اچو گڏ جي هلون،
  • روز صدما نوان نه ڏيندو ڪر،
  • اسان کان پري هر قدم دل اوهان جي،
  • منهنجي دردن ماري دل،
  • سُڏڪن جي مٿان سُڏڪا پئماني تي پئمانو،
  • دل جي ڌڙڪن کي ڇو نٿو سمجهين؟
  • دل جو احساس دل ڏئي سمجهيم،
  • دل لڳائڻ جي سزا آڪاٽڻي پئجي وئي،
  • دل جي دُنيا اُداس ٿي پئي آ،
  • اجايو نٿيون دل مان دانهون اُٿن،
  • دل چوي ٿي ته ماضيءَ ڏي موٽي وڃان،
  • ديَد تُنهنجي مَڪان تي پهتي،
  • ڌرتيءَ سان جيئن وڻ ٻوٽن جو ناتو آ،
  • جنهن جي مرضي جنهن کي چاهي،
  • جا ڪون تو ساڻ دل لڳي وئي آ،
  • دل ۾ پيار لِڪائين ڇو ٿي،
  • ڳالهه دل ۾ رکي چئي نه سگهي،
  • جيڪي ماڻهو دل جو پَڪِڙن دامَن ٿا،
  • جنهن جي دل ئي ڪاري آهي،
  • او چري ڇوڪري دل ڏِنئي ڇو ڏِنئي،
  • جنهن کي دل ۾ ويهارجي سائين
  • هڪڙي مٺڙي روح جي راڻي منهنجي دل جي مجبوري آ،
  • دلين ۾ دردن جا باب آهن،
  • اکين جا خواب دلين ۾ سجائجو يارو،
  • دوستي روشني،
  • جڏهن جواني اچي هلي وئي،
  • سموري زندگيءَ ۾ ڪا گهڙي سُکي نه ملي،
  • دوستيءَ جي روپ ۾ آ دشمني ملندي رهي،
  • زندگي پئي گُذري، زندگيءَ جي ڳولا ۾،
  • جيئن گذارڻ ٿا گُهرئون تيئن زندگي گُذري نٿي،
  • زندگي ٻن صورتن ۾ ٿي سگهي ٿي بينظير،
  • انسانن جي روپ ۾ دنيا- وحشي ماڻهن جو ميلو آ،
  • جيڪو ماڻهو تنها تنها هوندو آ،
  • مون کي ته ماٺ ۾ ماڻهو عجيب لڳندو آ،
  • جنهن جي دل ۾ ڪوئي پيار نه هوندو آ،
  • هر ڪنهن سان ڇو اندر جو اظهار ڪجي،
  • ذهن جنهن جو غريب آ سائين،
  • جيڪو ماڻهو روح جو راڻو هوندو آ،
  • هر ڪنهن مِٺيءَ شيءِ کان مِٺي هوندي آ،
  • پرين اسان جا امير ماڻهو،
  • جنهن پل ۾ ايمان وڪامي ويندو آ،
  • هن دئور ۾ هر جاءِ تي انڌير ٿئي ٿو،
  • هر طرف کان انڌير ئي انڌر ٿو ملي،
  • پيدا اسان ٿياسين پٿرن جي ديس ۾،
  • بنا ڪنهن ڏوهه جي ڪيڏي سزا ڪاٽي رهيا آهيون،
  • ٿو پُڇين ڪيئن مان گُذاريان ٿو،
  • جڏهن کان ٿيا جُدا آهيون رڳو تڙپيا لُڇيا آهيون.
  • جيترا دربدر ٿيا آهيون،
  • پرديسي ڪونج توکي ڳوليان ڪٿي ڪٿي مان،
  • نانگڻ جهڙيءَ بي وفا کان واعدا وِسري ويا،
  • اُداس چهرن جي ڪهڙي منزل،
  • اندر ۾ انسان اڪيلو ويٺو آ،
  • هر ڪو پنهنجي اندر سان ڳالهائي ٿو،
  • اُميدن کي ٿا جاڳائن،
  • شهزورن جي ڇاتيءَ جهڙو،
  • اندر جو اظهار گُهري ٿو تبديلي،
  • اداس شامون اُداس راتيون،
  • تنهنجا پيغام شام آڻيندي،
  • ڪجهه سوچن ۾ ڪجهه سپنن ۾ هر شام اسان جي گُذري ٿي،
  • ڏيهه سارو رات ڪاري گوگهري تي گوگهرو،
  • رات به هاڻي ڄاتو آهي،
  • تنهنجي ٻانهن ۾ رات مُنهنجي آ،
  • راتين جو رولاڪ مُسافر آهيان مان،
  • جنهن ڏينهن کان مان ڳوٺ پنهنجي کان وڇڙي ويو آهيان،
  • پنهنجن گيتن ۾ زنده رهنداسين،
  • تو جڏهن پنهنجو چيو پهريون دفعو،
  • منهنجي پيرن جا گس تو تائين،
  • تو بن ڪهڙي شام اسان جي،
  • نه تو سان ملياسين ته ڪهڙو جياسين،
  • بي وفا سان وفا، ڇو ڪجي ڇو ڪجي،
  • پنهنجو من رب رام ڪري ڏِسُ-
  • جتي ڪي رات جا رهزن دڳن ۾ روحَ روڙن ٿا-
  • جڏهن کان پيار اوهان سان بي انتها ٿي ويو-
  • قلم چنبڙي چوي ٿو- سَچُ لکڻو ٿئي ته لک زاهد-
  • روح کي رڻ ۾ رولي رولي-
  • من ۾ ويهي پاڻ ڪرايئي سارا ڏوهه ثواب اسان کان-
  • ياد تنهنجي عذاب ٿي پئي آ-
  • ٻن دلين جي وچ ۾- احترام اعتبار،
  • سمنڊ جي هر شام واري، رنگ جهڙي ڇوڪري-
  • هر ماڻهو منٺار نه ٿي سگهندو آهي-
  • سڀئي عشق جا آستانا ڏٺاسي-
  • سِجَ سوچُن ۾ هتي جو به سمائي ٿو هلي-
  • دل چوي ٿي ته ڳائجن ڳالهيون-
  • جڏهن کان راز دلين جا رقيب ٿيندا ويا-
  • وقت جڏهن ٿو ڊاهي سائين،
  • انسان ٿو سڏائين انسان جو قدُر ڪر-
  • ڪنهن چَکيون ڪنهن چکي ڏٺيون ناهن،
  • يڪتاري جي تارَ چوي ٿي تون ئي آهين تون ئي تون.
  • ظُلمَ جي زورَ کي سمجهو
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب:سپنا سورج ڪرڻا
    شاعري/غزل
    ليکڪ: زاهد شيخ
    انگ: هڪ هزار
    ڇاپو ٻيون: ڊسمبر 2018ع
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    سي-4، سچل ڳوٺ گلشن اقبال ڪراچي
    Ph: 021-332624153, 34690389
    Cell # 0333-2311582
    مُلهه:300 رپيا


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    مان پنهنجو هي ڪتاب
    دنيا جي سمورين سُهڻين ڇوڪرين جي
    نانءِ ڪيان ٿو.


    زاهد شيخ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سپنا سورج ڪرڻا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
    زاهد شيخ سنڌي ٻوليءَ جو نهايت ئي مقبول، رومانس ۽ مزاحمت جو شاعر آهي. سندس انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري سُريلن آوازن وسيلي سڄي سنڌ ۾گُونجندي رهي آهي. زاهد پاڻ به سُريلو آهي. شاعري تخليق ڪري ٿو، شاعري ڳائي ٿو. ان ڪري سندس تخليق ۾ رواني آهي، سندس گيت پڙهي ۽ ٻڌي محسوس ڪجي ٿو ته ڄڻ ڳائي لکيا ويا هجن.“
    ھي ڪتاب 2018ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون نئون نياپو جي سرواڻ انعام سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ ٿورا پياري زاھد شيخ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مھاڳ : شاعري ڪل شباب ٿي پئي آ

    لکڻ سان محبت ان دؤر کانشروع ٿي هئيجڏهن مان نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هيس ۽ گھر ۾ زاهد شيخ جا
    انقلابي ۽ رومانوي گيت، سنڌ جي ٻِيجل، سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ ائين گونجندا هئا جئين انگريزي ادب جي چوٽيءَ جي ليکڪ جان رَسڪِن جي ڪنن ۾ سندس ماءُ جي مٺي لولي داخل ٿيندي هئي. زاهد شيخ جي موهيندڙ شاعري ٻڌڻ سان منهنجي دل ۾ به لکڻ جي جستجو ڪَرُ کڻڻ لڳي. هن جي شاعري ياد ٿيڻ لڳي ۽ مون محسوس ڪيو ته تخليق جي ديوي هوريان هوريان پنهنجي حَسين آنچل جي ڇانوءَ مون تي به ڪري رهي آهي. اهو ڏينهن صحيح طرح ته ياد ناهي ته مون پهريون شعر ڪڏهن ۽ ڪنهن وقت لکيو پر سال ضرور ياد آهي.
    قومي تحريڪ جا ڪارڪن شاهد آهن ته انقلاب جي دونهين دُکائڻ ۾سنڌ جي عظيم سياسي اڳواڻن سان گڏوگڏ شيخ اياز، استاد بخاري، ابراهيم مُنشي، حليم باغي، آڪاش انصاري ۽ زاهد شيخ جي قومي شاعريءَ جو وڏو هٿ رهيو آهي. زاهد شيخ جا گيت جڏهن سرمد سنڌي ۽ اسلم تُنيي جي آواز ۾ گونجندا هئا ته هڪ عجيب جوش ۽ ولولو جاڳندو هو۽ جسم ۾ باهه جا کُورا ٻرڻ لڳندا هئا. اهو به دؤر هو جڏهن عبدلواحد آريسر جون فڪري تحريرون ۽ جوشيليون تقريرون، ۽ بشير خان قريشيءَ جا هماليا جھڙا سياسي حوصلا ڪمزور دلين ۾ مضبوط ارادا ۽ امنگ ڀري ڇڏيندا هئا. انهن لمحن ۾ زاهد جي انقلابي شاعري سنڌ جي نوجوانن کي اُتساهڻ سان گڏوگڏ کين ڌرتي ماتا سان عشق جو درس هنن گيتن جي صورت ۾ ڏيندي هئي.

    او قاتل! بدلو وٺنداسين هر خون جي قطري قطري جو
    *
    هوءَ نيٺَ ته اچڻي آ رت ڇاڻ جي هولين ۾
    ڪا موج ته مچڻي آ مهراڻ جي ڇولين ۾
    *

    زاهد نه رڳو مزاحمتي ۽ انقلابي گيت لکيا آهن پر هن رومانوي شاعري به قهر جي سرجي آهي.جنهن ۾ هڪ خوبصورت شاعر جون خوبيون ۽ سندس لهجي ۾ نواڻ جي تازگي ظاهر ٿئي ٿي.

    نيڻن جا ڪڪر برسيا هوندئي، سڏڪن ۾ ته ساريو هوندئي،
    مونکي نه وِساريو هوندئي
    *
    اسان جي سڏ ۾ آ سڪّ سهڻا وڻئي ته وهواهه ڪندو هليو آ
    *
    جتي هجو سکيا هجو اسان جي آ دعا اها،
    ڪڏهن ڪڏهن ملي وڃو آ درد جي دوا اِها
    هي اهي شعر آهن جن سان سنڌ جو نوجوان نسل اڄ به پنهنجي محبوبا جيترو پيار ڪندوآهي. زاهد شيخ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اهڙو شاعر آهي، جنهن جي شاعري انقلاب، رومانس ۽ زندگيءَ جي حُسن سان مهڪي ٿي.زاهد شيخ جون تخليقون مون کي بيحد وڻنديون آهن ۽ مان سندس شاعريءَ جو مداح آهيان.

    مانائتي تخليقار ۽ نامياري شاعر، ادل سومري، زاهد شيخ جي ڪتاب “جيون گيت خوشيءَ جا" جي بئڪ ٽائٽل تي لکيو آهي: " زاهد شيخ سنڌي ٻوليءَ جو نهايت ئي مقبول، رومانس ۽ مزاحمت جو شاعر آهي. سندس انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري سُريلن آوازن وسيلي سڄي سنڌ ۾گُونجندي رهي آهي. زاهد پاڻ به سُريلو آهي. شاعري تخليق ڪري ٿو، شاعري ڳائي ٿو. ان ڪري سندس تخليق ۾ رواني آهي، سندس گيت پڙهي ۽ ٻڌي محسوس ڪجي ٿو ته ڄڻ ڳائي لکيا ويا هجن." زاهد شيخ پنهنجي ڪوتا ۾ رومانس ۽ مزاحمت کي اهڙي طريقي سان گڏ کڻي هلي ٿو جئين شيخ اياز ۽ فيض احمد فيض جي شاعريءَ ۾ اهي ٻئي رنگ مِهڪن ٿا. انکان علاوهه سماجي مسئلا به هن جي شاعريءَ جي آسمان تي روشن سِتارن وانگي جرڪن ٿا.
    زاهد شيخ جي ادبي ۽ سياسي تربيت ۾ ايشيا جي عظيم ڏاهي سائين رسول بخش پليجي ۽ عوامي تحريڪ جو وڏو هٿ رهيو آهي. ايم_آر_ڊي تحريڪ کان وٺي زاهد شيخ پليجي صاحب جي پارٽيءَ سان سلهاڙيل رهيو.هن جي شاندار انقلابي گيتن کان پليجو صاحب بي انتها متاثر هيو. ڪلاڪن جا ڪلاڪ پليجو صاحب زاهد شيخ کي ويهاري، هن جي شاعري ٻڌندو هو، تبصرا ڪندو هو ۽ کيس صلاحون ڏيندو هو ته ڪهڙي طريقي سان شاعريءَ ۾ انقلابي آڳ جا شعلا پئدا ڪجن. ڪيترائي ڀيرا ائين ٿيندو هو جو پليجو صاحب تقرير ڪرڻ کان پهريان زاهد شيخ کي چوندو هيو ته هو پنهنجو مشهور انقلابي گيت “او قاتل بدلو وٺنداسين” ڳائي ۽ پوءِ مان ڳالهائيندس. جڏهن زاهد شيخ اهو گيت ڳائيندو هو ته پنڊال ۾ موجود ماڻهو به هن سان گڏ ڳائيندا هئا جنهن جي ڪري پروگرام۾ مزاحمتي بارود ڀرجي ويندو هو. پليجو صاحب زاهد شيخ کي پنهنجو محبوب سمجھندو هيو، دوست سمجھندو هيو. ڪيترائي ڀيرا ٻاهرين ملڪن کان آيل سياستدانن، صحافين، شاعرن ۽ اديبن کي زاهد شيخ جي شاعري انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌائيندو هو.
    زاهد شيخ پنهنجي ادبي سفر ۾ هونئن ته ڪيترين ئي صِنفن ۾ لکيو آهي پر وائيءَ سان هن جي لَنئون لڳي وئي آهي. هيسيتائين سندس وائين جا ٻه مجموعا (1) گھاون مٿان گُلَ (2) وايون سنڌوءَ ڄايون ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. زاهد شيخ چواڻي: " شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ کان به مون گھڻيون وايون لکيون آهن.” منجهين وائين جو ڳاڻيٽو اڍائي سئو تائين آهي ۽ هن وقت تائين ايتريون وايون ڪنهن به ڪو نه لکيون آهن.
    زاهد شيخ جي واين جي ڪتاب "گھاون مٿان گل" جي مهورتي تقريب، جيڪا ڪيئي سال اڳ گلشن حديد، ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿي هئي، جنهن جي مهورت سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري شاعر ۽ سهڻي انسان سائين تاجل بيوس ڪئي هئي. پنهنجي تقرير دوران "گھاون مٿان گل" مان ڪجھ وايون پڙهندي، تاجل بيوس چيو هو: ته "زاهد شيخ جون هي وايون پڙهڻ کان پوءِ منهنجي دل چوي ٿي ته جيڪر هي وايون منهنجون هجن ها.” تاجل بيوس جا هي تاريخي لفظ زاهد شيخ ۽ هن جي پرستارن لاءِ وڏو اعزاز آهن. اها ڳالهه واضح آهي ته زاهد شيخ جي واين ۾ ڌرتي ۽ سرتي سان گڏ سماجي رنگ به نمايان آهن هن جي واين ۾ پنهنجي هڪ نواڻ جھلڪي ٿي.
    زاهد شيخ ڪجھ فني تجربا به ڪيا آهن جنهن ۾ سندس ڪامياب فني تجربو "هائيڪو گيت" لکي ڪري هن سنڌي ادب ۾ هڪ نئين صنف جو اضافو ڪيو آهي. هائيڪو گيت پهريون ڀيرو پِي ٽِي وِي جي ڪراچي سينٽر جي هڪ سنڌي ڊرامي "مور اڏاڻا مور" ۾ 1993 يا 1994ع ۾ پروڊيوسر منظور مگسيءَ جي پيشڪش ۾ ٿيم سانگ طور رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن جا ٻول هئا:
    جيئڻو ٿو پوي
    هن بيابان ۾
    جيئڻو ٿو پوي.
    ان جي ڌُن سنڌي ۽ اردو فلمي دنيا جي مشهور موسيقار استاد غلام علي تيار ڪئي ۽ اهو ڪلام سندس فرزند ۽ نامياري فنڪار تعمير حسين ڳايو هو. زاهد شيخ هائيڪو گيت لکي يقينن سنڌي ادب جي جھوليءَ ۾ هڪ جاندار ادبي صنف جو اضافو ڪيو آهي جنهن تي کيس جَسُ هجي. اسان کي خبر آهي ته هائيڪو بنيادي طور تي جاپاني شاعريءَ جي صنف آهي پر زاهد شيخ هائيڪو ۽ گيت کي گڏ ڪري “هائيڪو گيت” طور جيڪا صنف سرجي آهي اها پنهنجي فني خوبين ۽ موسيقيءَ سان مالامال آهي. اميد ٿي ڪجي ته اڳتي هلي اها صنف ضرور سنڌي ادب ۾ پنهنجو جوڳو مقام ماڻيندي.
    پنهنجي انقلابي ڪوتا جي ٽانڊن سان اسرائيل ۽ يهودين جي حڪمرانن ۽ سازشين جا تارا ساڙيندڙ، فلسطيني شاعر محمود درويش، هڪڙي جاءِ تي لکيو آهي:" شاعريءَ جي به هڪڙي موسم ٿيندي آهي." ۽ اها موسم اسان جي دوست زاهد شيخ تي ايڏيءَ ته مهربان رهي آهي جو هن هر صنف تي ڀرپور شعر سرجيا آهن جن ۾ گيت غزل، نظم، وائي، ٽيڙو، هائيڪا، آزاد نظم بيت چئوسٽا ۽ نثري نظم شامل آهن. هي ڪتاب “سپنا سورج ڪرڻا” غزلن تي مشتمل آهي. زاهد جي شاعري بي انتها موسيقي، قهر جي رواني، تشبيهن جي حُسن، ثقافتي ۽ تاريخي پسمنظر ۽ جدت جي سونهن سان جھِنجھيل آهي.

    توسواءِ ڏينهن ڏکيو رات زهر جھڙي آ
    هي جدائي به ته قاتل جي قهر جھڙي آ.
    *
    دنيا جون سڀ سهڻيون مايون
    منهنجون محبوبائون آهن
    *
    تنهنجي مرڪن لاءِ او سانئڻ!
    منهنجا گيت دعائون آهن.
    *
    حَسين چهري مٿان ظلم جو نِقاب نه ڏي
    پرين اسان جي اکين کي اِهو عذاب نه ڏي
    *
    سنڌ جو نانءُ مٽائڻ وارو
    ڪوئي ڄائو ڄائي ڪونهي.

    *
    ڪئين ڪراچي آنءُ ڇڏيندس
    پنهنجي آهي پرائي ڪونهي
    *
    انسانن کان نفرت جن جو مذهب آ زاهد
    مون کي اهڙن ماڻهن جي لئه گولي گھُرجي ٿي.
    *
    اُصول پيار جا ڪنهن کان سڄڻ سکيو آهين
    عجيب ڳالهه آ هاڻي هٽڻ سکيو آهين.

    جيڪو ماڻهو تنها تنها هوندو آ
    اندر ان جو ٽُڪرا ٽُڪرا هوندو آ
    *
    جيڪي ماڻهو دل جو پَڪِڙن دامن ٿا
    سي ئي ماڻهو منزل ڏانهن اُڏامن ٿا
    ڪيڏن سهڻن قوم جي رهبر ماڻهن جا،
    عيد جي ٻڪرن وانگي ذهن وِڪامن ٿا.
    *
    وفا جي ڳالهه ڪيو ٿا وفا ڪندا به ڪيو
    وفا ته پيار جو حق آ ادا ڪندا به ڪيو
    *
    هر ڪو پنهنجي اندر سان ڳالهائي ٿو
    *
    پنهنجي گيتن ۾ زندهه رهنداسين

    مٿي ڏنل سمورن شعرن ۾ زندگيءَ جون مختلف ڪيفيتون بيان ٿيل آهن جن ۾ مختلف موضوع َجرڪي رهيا آهن جن کي زاهد شيخ پنهنجي شاعراڻي ڏات ۽ ڏانءُ سان اهڙي ته سهڻي انداز سان اِظهاريو آهي جو ائين ٿو محسوس ٿئي ته هي سڀئي شعر اسان جي دلين جي ترجماني ڪن ٿا. مٿي بيان ڪيل شعر پراڻي ڇاپي ۾ اڳواٽ ئي آيل آهن. ان کان سواءِ زاهد شيخ ويهه نَوان غزل به نئين ڇاپي ۾ ڏنا آهن جن ڪتاب جي سُونهن ۾ ٻِيڻو اضافو ڪيو آهي. نئين ڇاپي ۾ شامل شاعريءَ ۾ رومانس ۽ مزاحمت جا رنگ ڀرپور طريقي سان ٻهڪن ٿا. هو چوي ٿو:

    جگر جي خون مان جُڙي نڪتي
    شاعري ڪُل شباب ٿي پئي آ.

    ڪنهن مُصَورَ جي تَصَوُر ۾ رچيل راڻيءَ جيان
    شربتن سان برف واري سنگ جھڙي ڇوڪري.

    زاهد شيخ هن لٽُ مار ۽ بارود سان دوهانٽيل دنيا ۾ هيڪلائيءَ جي زهر ۾ ترندڙ انسانن، جنگين ۾ تباهه ۽ جھيڙن جھٽن جي ور چڙهيل ماڻهن کي مخاطب آهي هڪ ٻئي لاءِ احترام، اعتبار۽ پيار جو درس ڏيندي، لکي ٿو:

    ٻِن دلين جي وچ ۾ احترام اعتبار
    اِن کي چئبو عشق آ، اِن کي چئبو آهي پيار.

    انکان علاوه مادي پرست دنيا جي رنگينينن ۾ ڦاٿل بي حس ماڻهو جن وٽ، ماڻهپو، پيار، همدردي ۽ ٻيا انساني قدر ٽَڪي جيتري به اهميت نٿا رکن، جيڪي طاقت ۽ ڪرسيءَ جي نَشي ۾، پنهنجي اوقات وساريندي، پنهنجي عهدي جو مرتبو به لوڙهي ٿا ويهن، زاهد انهن لاءِ لکي ٿو:

    انسان ٿو سڏائين انسان جو قَدُر ڪر
    جيڪو مليو ٿئي مَنصب تنهن مان جو قدر ڪر.

    نئين ڇاپي ۾ شامل شاعريءَ نه رڳو موضوعاتي نواڻ سان مِهڪي ٿي پر شعرن جي فڪري گهرائي به پنهنجي دلڪش حُسن سان اندر ٺاري ٿي ڇڏي. هِن ڀيري سندس شاعريءَ ۾ تصوف جو لاڙو به ڪَرُ کنيون بيٺو آهي.. سندس شاعريءَ ۾ ٿي سگهي ٿو پهريان به ڪٿي ان قسم جو عڪس آيو هجي پر منهنجي نظر مان نه گذريو آهي. زاهد شيخ جي شاعريءَ جي وڻ ۾ تصوف جي ٽاري جو ڦٽڻ هڪ سٺو سنوڻ آهي. اسين ان موضوع کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿاڪيون. اڄ جي دور جي سڀني مسئلن جو حل تصوف ۾ آهي.

    يڪتاري جي تارَ چوي ٿي تون ئي آهين تون ئي تون
    مَن ۾ جھاتي پاءِ ته ايندئي سَمجھ ۾ ساري ڪُن فَيڪُون.
    *
    مَن ۾ ويهي پاڻ ڪرايئي سارا ڏوهه ثواب اسان کان
    هاڻي ڇاجي لاءِ گھُرين ٿو جاني ڪُل جواب اسان کان
    *
    ڪاتب تون آن، قلم به تون آن، عاقل تون آن علم به تون آن
    پاڻ لکايئي، پاڻ پڙهايئي ڀُورلَ سارا بابَ اسان کان
    *.
    پنهنجو من رب رام ڪري ڏس
    پاڻ کي پاڻ سلام ڪري ڏس

    زاهد شيخ جي شاعريءَ ۾ “ڪن فيڪون”، "پنهنجو من رب رام"، "پاڻ کي پاڻ سلام"، "قاتل"، "مقتول"، "حاڪم"، "محڪوم" اهي سڀئي تصوف جا استعارا آهن. تصوف جي ندِيءَ مان وهنجي نڪتل مٿيان شعر صرف ۽ صرف زاهد جو قلم ئي سرجي سگھي ٿو. زاهد جا سمورا غزل هنئين ۾ سانڍڻ جھڙا آهن. زاهد شيخ جي شاعريءَ ۾ ڪو اهڙو جادو آهي جيڪو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جي دلين کي ائين ٿو منڊي ڇڏي جئين ننڊي کنڊ جي عظيم گائڪا لتا پنهنجي آرٽ وسيلي دليون ڌڙڪائيندي آهي.

    ذاتي حوالي سان زاهد شيخ هڪ پيار ڪندڙ، نفيس ۽ يار ويس ماڻهو آهي جنهن پنهنجي ڏاتِ وسيلي نه صرف سنڌ پر ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ به پنهنجي لاءِ عزت ۽ احترام جوڙيو آهي. هن کي زندگيءَ ۾ بي حد پيار، بي انتها عزت، ڀرپور مانُ مليو آهي. مون سميت هزارين ماڻهن کي هن جي شاعري ياد آهي. برطانيا جي جڳ مشهور شاعر ٽَينِيسَن جي شاعريءَ وانگي زاهد جي شاعري به محفلن، عوامي ميڙاڪن، سياسي پروگرامن، ڪَمپئرينگ ۽ محبت جي اظهار طور اڪثر ڪري ڪَوٽ ڪئي ويندي آهي.

    زاهد شيخ پنهنجي تخليقي حُسن، فَني پُختگي، فِڪري گھرائي، سماجي شعور، رومانوي رنگ ۽ انقلابي گجگوڙ جي ڪري ڪنهن هڪ ٽهي يا حلقي جي بدران هر دور جو شاعر آهي ۽ هر عمر جو ماڻهو هن سان پيار ڪري ٿو. انکان وڌيڪ هڪ تخليقار جي شآعراڻي عظمت ٻيو ڇا ٿي سگھي ٿي.


    حسن شيخ

    اَسسٽنٽ پروفيسر
    اِنسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگوِئج اينڊ لٽريچر،
    شاه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور
    03003119971، 03124542668


    پنهنجي پاران

    شاعري، موسيقي ۽ مصوريءَ جي فن جا احساس ۽ جذبا، ڪنهن به انسان کي، قدرت جي ڏنل ڏات طور نصيب ٿيندا آهن. اِهي فن سکي به سگهجن ٿا پر ڏات اِنهن کي وڌيڪ سگهارو بڻائيندي آهي.
    هن سماج ۾ انسانن جي حيثيتن کي ننڍن وڏن عهدن جي حساب سان ڀلي کڻي ڪيترن به حصن ۾ ورهائجي پر بنيادي طور تي هن دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو رهن ٿا جن ۾ هڪڙا ماڻهو آهن حساس ۽ ٻيا آهن بي حس، حساس ماڻهو هميشه پنهنجين سوچن ذريعي ڪائنات جي هر رنگ ۽ روپ جي گهرائيءَ تائين پهچڻ جي جستجو ۾ رهندا آهن ۽ بي حس ماڻهو پٿر جي اُن پُتلي جيان آهن جن کي جيئن ۽ جتي بيهاريو اتي ئي بيٺا رهندا. پٿر جي بت کي ڀلا ڪهڙي خبر ته ڏک ڇاهي يا سُک ڇاهي؟.
    دنيا جي دردن، سورن، عذابن مشڪلاتن ۽ مصيبتن کي جيڪو ماڻهو جيتري تيزيءَ سان محسوس ڪري ٿو اوترو ئي شدت سان ڀوڳي به ٿو ۽ جنهن ماڻهوءَ جي محسوسات جو عمل جيترو وڌيڪ سگهارو هوندو آهي. اُهو ماڻهو فڪري طور تي اوتري ئي مضبوط ڳالهه ڪري سگهندو آهي ۽ جنهن به ڳالهه ۾ فڪر جي گهرائي يا سماجي چڱائين ۽ بُرائين جي نشاندهي ٿيل هوندي آهي اُن ڳالهه کي شاعري چئبو آهي. پر ان لاءِ شرط آهي ته اُها فن ۽ فڪر جو خوبصورت سنگم هجي. جيڪڏهن حقيقت جي نگاهه سان ڏسبو ته هر شاعر جي سڄي شاعري سُٺي ڪو نه هوندي آهي. پر هر شاعر جي شاعريءَ ۾ ڪي ڪي سٽون اهڙيون هونديون آهن جيڪي هر ماڻهوءَ جي روح ۾ پيهجي وڃڻ جي سگهه رکنديون آهن. ان ڪري مان به پنهنجي هر شعري مجموعي منجهان صرف ايتري ئي اميد رکان ٿو ته من ڪي چند سٽون ڪنهن جي خوبصورت دل ۾ ڪا ننڍڙي جاءِ جوڙي سگهن ته اِها منهنجي لاءِ تمام وڏي خوشنصيبي هوندي سالن کان لکڻ پڙهڻ ڇڏي ڏنو هيم پر ٿورائتو آهيان پنهنجي نهايت ئي پياري، دوست منصور قادر جوڻيجي جو جنهن ٻيهر لکڻ لاءِ همٿايو ۽ ڪتابن ڇپائڻ جي صلاح ڏني. منصور مونکي ڏاڍو پيارو آهي پر هونءَ به مان هر سٺي ۽ سچي ماڻهوءَ کي جيءَ ۾ جايون ڏيندو آهيان ۽ هر منافق ۽ بدتميز ماڻهوءَ کان سخت نفرت ڪندو آهيان، اِن ڪري مان چوندو آهيان ته جي ظالم، قاتل، انسان دشمن، منافق ۽ بدتميز ماڻهن کي دنيا مان ڪڍي ڇڏيو ته دنيا جنت بڻجي ويندي. موڪلاڻي ڪونهي جيسن زندگي رهندي پيار ڪرڻ وارن سان گڏ رهبو.

    اوھان جو پنھنجو

    زاھد شيخ
    ڪراچي سنڌ

    0336-3500030
    0304-2389924


    غزل

    سُر لئه مُرڪي پنهنجو سِرُ ڪٽائي ڪو

    سُر لئه مُرڪي پنهنجو سِرُ ڪٽائي ڪو
    ڇا اَڄُ جڳ ۾ اهڙو راجا آهي ڪو.

    سنڌ مليو اعزاز اِهو بس توکي آ،
    دنيا ۾ ٻيو شاهه ڀٽائي ناهي ڪو.

    درد منجها اَڄُ هن ڌرتيءَ جي دانهن سُڻي،
    دودو بڻجي دنگل شال مچائي ڪو.

    هيمونءَ جهڙن هيرن کي ٿي سِنڌُ سڏي،
    شاهه بلاو جهڙو پاڻ ملهائي ڪو.

    مرويسون پر سِنڌُ نه ڏيسون اوماري،
    هيل به هوشوءَ جهڙي هوڏ هلائي ڪو.

    جابر آڏو ڪَنڌُ جهُڪائيندو ڇا لئه،
    شاهه عنايت کي جي سيني لائي ڪو.

    موت ڪنڌيءَ تي زاهد اَڄُ بيٺا آهيون،
    قوم سڄيءَ کي سَڏَ ڪري سَمجهائي ڪو.


    ملي وئي آ ته ڀرپور ماڻ هي دنيا،

    ملي وئي آ ته ڀرپور ماڻ هي دنيا،
    حَسين هن کان ڀلا ڪهڙي هوندي ٻي دنيا.

    حُسن جو دنگ ته ڪنهن تي نٿو ڪري سگهجي،
    آ سمنڊ سونهن جو منهنجا سائين سڄي دنيا.

    جي دل جي ديد سان ڏسندين ته سمجهه ۾ ايندءِ،
    اسان جي دل جي اٿئي دلربا وڏي دنيا

    حساب هر ڪوئي پنهنجي اندر جو پاڻ ڪري،
    ڪٿي آ ڪوڙي سراسر، ڪٿي سچي دنيا.

    هزارين خواب ڏسي جنتن سندا زاهد،
    خوشيءَ سان پوءِ به ڪڏهن ڪو نه ڪنهن ڇڏي دنيا.


    ڪيڏيون مست نگاهون آهن،

    ڪيڏيون مست نگاهون آهن،
    اوسيئڙن ۾ ٻانهون آهن.

    روز اکين کي روڪيان ٿو پر،
    جوڀن ڏينهن خطائون آهن.

    عشق مُحبت جي آزادي،
    سَپنن جون ساڀيائون آهن.

    دُنيا جون سَڀُ سُهڻيون مايون،
    منهنجون محبوبائون آهن.

    سچن ماڻهن لاءِ سدائين
    مُنهنجا گيت دُعائون آهن.

    پيار سڀن ڌرمن کان اوچو،
    زاهد جون فتوائون آهن.


    ڏِسَن ٿيون ته سُهڻيون ڏنگي ٿيون ڇڏن،

    ڏِسَن ٿيون ته سُهڻيون ڏنگي ٿيون ڇڏن،
    وٺن ٿيون وڪوڙي ونگي ٿيون ڇڏن.

    نهايت نرم ماڪ جون هي ڦُڙيون،
    پَڪا لڱ لوها زنگي، ٿيون ڇڏن.

    ڪيئي سَسُئيون اَڄُ ڀي پُنهُن جي پُٺيان،
    پنهنجو پاڻ پيرين ننگي ٿيون ڇڏن.

    اجايون نِدوريون گهڻيون خواهشون،
    ڪيئي ذهن سوليءَ ٽنگي ٿيون ڇڏن.

    ويهارن ٿيون زاهد هو دِل ۾ جڏهن،
    سڀئي پيار جا رنگ رنگي ٿيون ڇڏن.


    ساري رات ستارن ڪنڌُ جُهڪايو آ،

    ساري رات ستارن ڪنڌُ جُهڪايو آ،
    منهنجي من جو چَنڊُ اڱڻ تي آيو آ.

    لوڪ سَڄو مون بيهاريو در کان ٻاهر،
    دل جي گهر ۾ هڪ دلبر ترسايو آ.

    دوزخ ناهي، جنت آهي سارو جَڳُ،
    ماڻُهن پنهنجي پاڻ کي پاڻ جلايو آ.

    موت پرينءَ کي مون کان ڪو نه ڇني سگهندو،
    ساجن کي مون ساهن منجهه سمايو آ.

    ناتو سورن ساڻ نئون ناهي زاهد،
    دردن دل کي ورهن کان تڙپايو آ.


    لمحو لمحو گڏجي گهاريل ويهي جي ورجايو هوندءِ

    لمحو لمحو گڏجي گهاريل ويهي جي ورجايو هوندءِ
    تِرڪي تِرڪي تيز تبسم- لال لبن تي آيو هوندءِ.

    تُنهنجي هٿ جي ٿَڦڪي ٿَڦڪي- پنهنجي دل تي پاتي هوندم،
    آڌيءَ رات جو هوريان هوريان منهنجو در کڙڪايو هوندءِ.

    دردن جي هن دنيا اندر، ڳڻتين ۽ مونجهارن آڏو،
    مُنهنجا گيت غزل ڪي ڳائي- ماندو من وندرايو هوندءِ.

    دوريءَ جي دوزخ مان نڪري- بهشت به تولئه بڻجي پوندس،
    نينهن جي نٽهڻ اُس ۾ هر دم- مُنهنجو ٿڌڙو سايو هوندءِ.

    پنهنجي يادن جي ورقن ۾- سارو جيون سانڍي رکجانءِ،
    زاهد جو هر سجدو تو لئه- چاهت جو سرمايو هوندءِ.


    توبن ڪهڙا رهجي وياسين،

    توبن ڪهڙا رهجي وياسين،
    تنها تنها رهجي وياسين.

    روڪڻ چاهيوسين ڏاڍو پر،
    ڏسندا ڏسندا رهجي وياسين.

    تنهنجي وئي کان پوءِ ته سائين،
    روئندا روئندا رهجي وياسين.

    پيار جي ڳولا ۾ نڪتاسين،
    رڻ ۾ رُلندا رهجي وياسين.

    هر پل زخم ڏئي ويو زاهد،
    ڏُکندا ڏکندا رهجي وياسين.


    مُنهنجا حال اچي جي ڏسنديئن ڏسندي رهجي وينديئن تون

    مُنهنجا حال اچي جي ڏسنديئن ڏسندي رهجي وينديئن تون
    مون کي آٿت ڏيندي ڏيندي روئندي رهجي وينديئن تون.

    اندرُ آهي اُجڙيل اُجڙيل، جيءُ سڄو آ جهيريل جهيريل،
    پَرکُ نه مُنهنجا ڏکڙا سائڻ ڏُکندي رهجي وينديئن تون.

    ڪانگ اُڏاريئي قاصد پهتا پاڻ ڇو تنهنجا پير نه پهتا،
    ائين لڳي ٿو مورنه ملنديئن پُڇندي رهجي وينديئن تون.

    پرچڻ سان ئي پيار وڻي ٿو سمجهڻ سان سنسار وڻي ٿو،
    هر هر ايڏا ڪر نه رساما رُسندي رهجي وينديئن تون.

    عشق نه لڪڻو عشق نه رُڪڻو عشق هي جُهڪڻو ناهي زاهد،
    لوڪ کان ڇا جي لاءِ لڪين ٿي لڪندي رهجي وينديئن تون.


    تو سوا ڏينهن ڏکيو رات زهر جهڙي آ،

    تو سوا ڏينهن ڏکيو رات زهر جهڙي آ،
    هي جُدائي به ته قاتل جي قهر جهڙي آ.

    تنهنجو هر انگ حسين لفظ آهي شاعر جو،
    سونهن تنهنجي به ڪويتا جي بحر جهڙي آ.

    تو ۾ اُميدون رکي پيار جون ويٺا آهيون،
    تنهنجي ڪاوڙ به قيامت جي پهر جهڙي آ.

    مُنهن موڙي، تون مَروڙي ٿو ڪڍين ساهُه مِٺا
    تنهنجي نيڻن جي اُڇل ڳاٽ ڳهر جهڙي آ.

    اَڄُ ڏسڻ جهڙو رهيو آ نه اوهان لئه زاهد،
    دل جي حالت ڪنهين برباد شهر جهڙي آ.


    ڇا ٻُڌايان ته ڇا ڏٺو آهي،

    ڇا ٻُڌايان ته ڇا ڏٺو آهي،
    مون ته تو ۾ خدا ڏٺو آهي.

    ڪيئن مَڃان مان حَسين آ دُنيا،
    مون نه ڪجُهه تو سِوا ڏٺو آهي.

    تو سزا ڏئي جڏهن جڏهن به ڏٺو،
    مون کي ڏيندي دُعا ڏٺو آهي.

    دوست ڪو بيوفا نه ٿيندو آ،
    وقت کي بيوفا ڏٺو آهي.

    هڪ جُدائيءَ ۾ موت جو منظر،
    تو جُدا مون جُدا ڏٺو آهي.

    زندگي خوشنصيب آ زاهد،
    هر پهر بي بها ڏٺو آهي.


    حَسين چهري مٿان ظُلم جو نِقاب نه ڏي،

    حَسين چهري مٿان ظُلم جو نِقاب نه ڏي،
    پرين اسان جي اکين کي اِهو عذاب نه ڏي.

    جواني آهي صنم چنڊ رات جو سَپنو،
    ڪونانءُ عشق جو ڏي حُسن کي حجاب نه ڏي.

    تو مُنهنجو عرض ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري به ڇڏيو،
    چَپن جي مُرڪ گُهري ٿم اکين ۾ آب نه ڏي.

    بنا شباب جي هر پيگ پاپ ٿو سَمجهان،
    ڀري ڏي زهر جو پيالو رُکو شراب نه ڏي.

    هي زَخمَ جهيرَ سُورَ دَردَ پَنهنجي زاهد کي،
    پليز مهِربان سائين مِٺا جَناب نه ڏي.


    بي رُخيءَ سان جوابَ ڇو ٿو ڏين،

    بي رُخيءَ سان جوابَ ڇو ٿو ڏين،
    دوست بڻجي عذابَ ڇوٿو ڏين.

    پيار خوشبوءِ جو سَنهيو آ،
    ڪاغذن جا گُلابَ ڇوٿو ڏين.

    تنهنجون نظرون نِجو نشو آهن،
    پيگ ٺاهي شرابَ ڇو ٿو ڏين.

    اَمُن گُهرجي ٿو پيارَ وارن کي،
    جنگ وارا ڪتاب ڇو ٿو ڏين.

    جاڳَ ۾ ٺاهِه ڀاڳَ ڪي زاهد،
    پنهنجي ڀاڳن کي خواب ڇو ٿو ڏين.


    تُنهنجي ٺيڪ وڏائي ڪونهي،

    تُنهنجي ٺيڪ وڏائي ڪونهي،
    مُنهنجي ڳالهه اجائي ڪونهي.

    سِنڌُ جو نانءُ مِٽائڻ وارو،
    ڪوئي ڄائو ڄائي ڪونهي.

    ڪيئن ڪراچي آنءُ ڇڏيندس،
    پنهنجي آهي پرائي ڪونهي.

    جيڪا جهانگيئڙن ۾ ايندي،
    سوچَ اُها سا آئي ڪونهي.

    ڳاٽُ جَبُر جو ڳرندو زاهد،
    رهڻي هيءَ ڏاڍائي ڪونهي.


    سوچَ ساڳي مگر ساٿُ ساڳيو نه آ،

    سوچَ ساڳي مگر ساٿُ ساڳيو نه آ،
    نِنڊَ ۾ آ مُنهنجو ديسُ جاڳيو نه آ.

    سِنڌُ کي ڇو نه هر ڪو لُٽيندو ڀَلا،
    چورَ پويان پيو ڪوئي ڀاڳيو نه آ.

    قومَ پنهنجيءَ کي جيڪو به ليڊر مِليو،
    ٿي مُنافق پيو آ نڀاڳو نه آ.

    بي خبر هو تڏهن دربدر ٿي ويو،
    علم سان جيڪو انسان واڳيو نه آ.

    سي پرينءَ جون اُميدون نه زاهد رکن،
    جن اکين جو مُقدر اوجاڳو نه آ.


    دل ۾ ائين آ ديس جي مِٽيءَ جي خوشبو،

    دل ۾ ائين آ ديس جي مِٽيءَ جي خوشبو،
    دينَ ۾ جيئن آ جنت واديءَ جي خوشبو

    تيستائين جيءُ نه ٿيندو جهورُ پرين،
    جيسين جيءَ ۾ آ تنهنجي جيءَ جي خوشبو.

    پنهنجن ساهن مَنجهِه سَمائي آهي مون،
    سِنڌُ جي هر ڪنهن واهڻ وَستيءَ جي خوشبو.

    صَحرا مَنجهِه مُسافر کي جيئڻ جي لئه،
    آٿت ڏيندي آهي پاڻيءَ جي خوشبو.

    پيٽ بُکايل پورهيت جي ٻارن کان پُڇ،
    ڪيڏي پياري آهي مانيءَ جي خوشبو.

    سوچن جي بازار انوکي آ زاهد،
    هر ڪنهن وٽ آ پنهنجي مرضيءَ جي خوشبو.


    چاهتون گُم ٿي ويون،

    چاهتون گُم ٿي ويون،
    راحتون گُم ٿي ويون.

    ناز هو جَنِ تي اُهي،
    دوستيون گُم ٿي ويون.

    تون وئين ته شهر مان،
    روشنيون گُم ٿي ويون.

    آسرا وڇڙي ويا،
    آٿتون گُم ٿي ويون.

    هڪ پرين جڏهن رٺو،
    سڀ خوشيون گُم ٿي ويون.

    عشق ۾ زاهد ڪيئي،
    زندگيون گُم ٿي ويون.


    چاهت آڏو چاهت واري ڇولي گهرجي ٿي،

    چاهت آڏو چاهت واري ڇولي گهرجي ٿي،
    سُهڻي، سچي پيار جي مٺڙي ٻولي گُهرجي ٿي.

    نيڻ اسان جا نڪتا آهن سونهن جي ڳولا ۾،
    حُسن جي رنگن واري دل کي حولي گُهرجي ٿي.

    پيار جي بدلي پيار نه ڏي سا حورَنٿي گُهرجي،
    جيڪا مون کي ڍولڻ چئي سا ڍولي گُهرجي ٿي.

    غيرن سان گَڏُ مون کي، ڪوئي محل نٿو گُهرجي،
    پنهنجن سان گڏ جيل ۾ جاني کولي گُهرجي ٿي.

    انسانن کان نفرت جن جو مذهب آ زاهد،
    مون کي اهڙن ماڻهن جي لئه گولي گُهرجي ٿي.


    هوائن ۾ خُمارن جي نئين خوشبو اُڏاڻي آ،

    هوائن ۾ خُمارن جي نئين خوشبو اُڏاڻي آ،
    لڳي ٿو ڪنهن جوانيءَ چاهَتُن جي سيجَ ماڻي آ.

    خبر ناهي ته پنهنجي پيار جو انجام ڇا ٿيندو،
    اسان جو عشق پاڳل آ اوهان جي سونهَن سِياڻي آ.

    مِلڻ وارن دلين کي ئي ڇنڻ وارن ڇڳو آهي،
    پرين هيءَ ريتِ دُنيا جي نئين ناهي پُراڻي آ.

    مِٺي معصوميت جيڏي تکي ڪاتيءَ جيئان تيڏي،
    ڪري ٿي قَهرَ اوڏائي نَظر جيڏي نِماڻي آ.

    ڀِلا ڪنهن ڪنهن جي ڏُکڙن جي ڪٿا لکندين پيو زاهد،
    هتي هر شخص دردن جي پهاڙن جي ڪهاڻي آ.


    آ جنهن جي سِنڌُ سان چاهتَ سچَي پَچي سائين،

    آ جنهن جي سِنڌُ سان چاهتَ سچَي پَچي سائين،
    اُنهيءَ سان آهي پَڪي پنهنجي دل لڳي سائين.

    جُهڪي جيئڻ کان ڀَلو آ ته موتَ سان مِلجي،
    غلام قومَ جي ڪهڙي آ زندگي سائين.

    ڪبيون جي نفرتون ڪنهن کان ڪبيون سچائيءَ سان
    جي پيار ناهي ته ڇا جي آ دوستي سائين.

    قدم قدم تي قهر آ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ عذب،
    هي وقت ننڊ جو ناهي، اُٿي اُٿي سائين.

    جڏهن جڏهن به سِنڌُ لاءِ سَڏُ ٿِئي زاهد
    جُهڪائي سِرَ کي ڪجي جيءُ جيءُ جي سائين.


    عشق جي ابتدا به تون آهين،

    عشق جي ابتدا به تون آهين،
    پيار جي انتها به تون آهين.

    زندگيءَ ۾ يا زندگيءَ کان پوءِ،
    دوست تون دلبربا به تون آهين.

    دل جي زخمن تي نانءُ آ تنهنجو،
    درد تون آن دوا به تون آهين.

    تون وفائن جي ٿو ڪرين دعويٰ،
    ۽ وري بيوفا به تون آهين.

    ڏور ڪيڏو آن پوءِ به زاهد جو،
    همسفر همنوا به تون آهين.


    عشق جا هوندا ڏاڍا اهنجا رستا آهن،

    عشق جا هوندا ڏاڍا اهنجا رستا آهن،
    سوئي ڄاڻي جيڪي جنهنجا رستا آهن.

    تِرَ جيڏي ڪا سوچَ به ساڳي ٿي نه سَگهي،
    تنهنجا پنهنجا مُنهنجا پنهنجا رستا آهن.

    سارا چارا بند ڪري گُم ٿي وئي آن،
    مُنهنجا توسان هاڻي ڇا جا رستا آهن.

    رهجي وئي راهن ۾ يادن جي خوشبو،
    خوابن جهڙا ٿي ويا مُنهنجا رستا اهن.

    موت جو رستو هڪڙي پل جو آ زاهد،
    جيئڻ جي لئه ڪيڏا اوکا مُتا آهن.


    مون محبت ۾ عمر ڀر جو سفر ورتو آ،

    مون محبت ۾ عمر ڀر جو سفر ورتو آ،
    عشق ۾ توڙ نڀائڻ جو اَکر ورتو آ.

    مان مُحبت ۾ ٿيو مَست تڏهن کان آهيان،
    تو مُنهنجي دل ۾ جڏهن کان وٺي گهر ورتو آ.

    وقتَ اُن شخص کي مِٽيءَ ۾ مِلائي آ ڇڏيو،
    وقت کان جنهن به رُڳو وقتَ گُذر ورتو آ.

    پيار جي لاءِ ڀِلا وقتُ ڪِٿي آ اُن وَٽِ،
    جنهن ڪراچيءَ جي هوائن جو اثر ورتو آ.

    پيگ پيئڻ سان ئي جنت ٿو لڳي جَڳُ سارو،
    نيٺ زاهد وڃي مئخاني جو در ورتو آ.


    وک عشق ۾ جڏهن کان وڌائي ڇڏي اٿم،

    وک عشق ۾ جڏهن کان وڌائي ڇڏي اٿم،
    تقديرَ جي تحريرَ مِٽائي ڇڏي اٿم.

    هَٿَ ۾ لڪيرَ هُئي نه پرين تُنهنجي پيارَ جي،
    ڏئي جهيرُسا لڪيرَ به ٺاهي ڇڏي اٿم.

    رستن سڀن جو نانءُ رکيو انتظار مون
    سجدن سان هر ڪا واٽَ سَجائي ڇڏي اٿم.

    جنهن ۾ جُدائي تنهنجي مان سوچي نٿو سگهان،
    انَدرَ ۾ اَهِڙي دُنيا وَسائي ڇڏي اٿم.

    زاهِدَ جو وِردُ راتِ صُبحَ شامَ تون ئي تون،
    ساهَن ۾ تنهنجي سونهَن سَمائي ڇڏي اٿم.


    نينهنُ نادان ئي ته آ سائين،

    نينهنُ نادان ئي ته آ سائين،
    درد جو دان ئي ته آ سائين.

    دوستيءَ ۾ دغا ڪرڻ وارا،
    تنهنجو ارمان ئي ته آ سائين.

    عشق مزدور لئه حياتيءَ ۾،
    وقت جو زِيان ئي ته آ سائين.

    هڪ دفعو ٿو ڏئي سَگهان صدقو،
    مُنهنجي هِڪَ جان ئي ته آ سائين.

    ساهَه پنهنجي کي سُکَ ڏي زاهِدَ،
    ساهُه مهمان ئي ته آ سائين.


    مست آهيون پنهنجي مستيءَ ۾ مئخانا آباد ڪنداسين،

    مست آهيون پنهنجي مستيءَ ۾ مئخانا آباد ڪنداسين،
    پيار مٿان سِرَ گهورڻ وارا پروانا آباد ڪنداسين.

    هيل اڏيءَ اقرار اسان جا هر پاسي هُٻڪار اسان جا،
    پنهنجي خون جا نذرانا ڏئي نذرانا آباد ڪنداسين.

    ديس کي دوکيدار نه گهُرجن غدارن جا يار نه گهُرجن،
    سُهڻيءَ سچيءَ دل وارا سڀ ديوانا آباد ڪنداسين.

    موج بنا مهراڻ آماندو هر پياسو من هاڻ آ ماندو،
    موجن ۾ مستي آڻيندا مستانا آباد ڪنداسين.

    گهاوَن مان گُذرئون ٿا زاهد آڙهه مان اُڪرئون ٿا زاهد،
    صحرائن سان نينهن نڀائي ويرانا آباد ڪنداسين.


    اَندرَ جو اظهار خطن ۾،

    اَندرَ جو اظهار خطن ۾،
    ڪيڏو تنهنجو پيار خطن ۾.

    مُنهنجي اوسيئڙن جو آهي،
    ساروئي سنسار خطن ۾.

    تنهنجون سوچون آهن مون لئه،
    جيون جو سينگار خطن ۾.

    اکر اکر ۾ اوتيل آهي،
    مئه جو مست خمار خطن ۾.

    منهنجي لاءِ مسيحا ٿي وِيو
    تنهنجو آ اقرار خطن ۾.

    ڪوٽَ ڪڙن مان پَهتو زاهِدَ،
    چاهت جو ويچار خطن ۾.


    سڀ ڪُجهه تنهنجي پيارَ کي سمجهيم،

    سڀ ڪُجهه تنهنجي پيارَ کي سمجهيم،
    ڪُجهه نه ڪڏهن سَنسارَ کي سمجهيم.

    سادا سودا تُنهنجا آهيون،
    بي مَقصد سينگارَ کي سمجهيم.

    پنهنجي سِرَ لئه موتُ او سائين،
    تنهنجي ئي انڪارَ کي سمجهيم.

    پَهريان تُنهنجي ديدَ ڏِٺي مون،
    پوءِ وڃي تلوارَ کي سمجهيم

    محبوبا پوءِ سَمجهَه ۾ آئي،
    جنهن پل هِڪڙي ٻارَ کي سمجهيم.

    جيون جو سرمايو زاهد،
    انساني ڪردارَ کي سمجهيم.


    هِڪڙي پَلَ ۾ پيارَ جا سَڀُ سِلسِلا اُجڙي ويا،

    هِڪڙي پَلَ ۾ پيارَ جا سَڀُ سِلسِلا اُجڙي ويا،
    دل جي سارين چاهتُن جا قافلا اجڙي ويا.

    تنهنجي اندر تائين پهچڻ جو سفر مَحشر هُيو،
    مُدتن کان طئه ڪياسين مَرحلا اُجڙي ويا.

    پيارَ جي پويان ويان موٽيان نه پنهنجي ماڳَ ڏي،
    نوجوان ڪيڏا حَسين ها! هئه الا اُجڙي ويا.

    راهه ۾ ڪن رهزنن ڪاتيون اُڀيون جنهن پل ڪيون
    دوستن جون آٿتون ۽ آسرا اُجڙي وَيا.

    عشق جي آڙاهَه کان جنت آ زاهد جَنِ گُهري،
    سي رَهيا ناهِن سلامت لا اِلا اُجڙي ويا.


    هاءِ هيءَ اڪيلائي انتظار ماري ٿو،

    هاءِ هيءَ اڪيلائي انتظار ماري ٿو،
    روز جا وڇوڙا ڏئي تنهنجو پيار ماري ٿو.

    تنهنجي مست اکڙين ۾ هي عجيب جادو آ،
    بار بار جيئاري، بار بار ماري ٿو.

    رات جي ستارن کان باکَ جي نظارن تئين،
    ٿو پئيان جُدائيءَ ۾ هر خُمار ماري ٿو.

    دوستيءَ کي دُنيا ۾ ٻيو نَٿو سَگهي ماري .
    بس رُڳو سچائيءَ جو هڪ ڏُڪار ماري ٿو.

    نيٺ ڇا ڪجي زاهِد دُشمنيءَ جي موسم ۾،
    دوستن جو مُرجهايل اعتبار ماري ٿو.


    ايئن رهان ٿو مان انتظار سان،

    ايئن رهان ٿو مان انتظار سان،
    جيئن رهي چَنڊُ ٿو سِتارن سان.

    قُربُ ڪنهن جو ڪڙا ڪڙي ٿو ڇڏي،
    عشق هوندو نه آ هزارن سان.

    ڪو به حق ناهي اُن کي جيئڻ جو،
    جنهن ڪئي جنگ پيارَ وارن سان.

    عُمرِ جي تجربن ٻُڌايو آ،
    دوستي آ ڪبي نه ٻارن سان.

    ڪنهن مُقدر جو آسرو ڪونهي،
    مَست رَهبو پنهنجي خُمارن سان.

    پَلُ جُدائيءَ جو موتُ آ زاهد،
    جيءُ جيئڻو آ پنھنجي پيارن سان.


    اُصولَ پيارَ جا ڪنهن کان سَڄڻ سِکيو آهين،

    اُصولَ پيارَ جا ڪنهن کان سَڄڻ سِکيو آهين،
    عجيب ڳالهه آ هاڻي هٽڻ سِکيو آهين.

    اسان جي آڏو اجايو هڪو ٻڪو ڇو آن،
    چوڻ جي ڳالهه ڇو دل ۾ رکڻ سِکيو آهين.

    رُسڻ م آهي مزو جي ته سو به پرچڻ سان،
    تون هيل يارَ اڳوپو رُسڻ سِکيو آهين.

    کڻي خمار منجهان نيڻ دل کسي ٿو وڃين،
    تون ڏاڍي ڏاهه سان ڏاها ڏسڻ سِکيو اهين.

    ڏسي تون راهه ۾ هر روز مُنهن مَٽائين ٿو،
    مان ڪهڙي، مُنهن سان ڏسا مُنهن ڍڪڻ سِکيو آهين.

    تو پنهنجو پاڻ بڻايو هو پنهنجي زاهد کي
    وري ڇو روح جا رشتا ڇنڻ سکيو آهين.


    وفا جي ڳالهه ڪيو ٿا وفا ڪندا به ڪيو،

    وفا جي ڳالهه ڪيو ٿا وفا ڪندا به ڪيو،
    وفا ته پيارَ جو حق آ ادا ڪندا به ڪيو.

    جڏهن جڏهن به مِلو ٿا ڏئي ٿا زخم وڃو،
    اسان جو خير آ پنهنجي دوا ڪندا به ڪيو.

    اوهان جي مُرڪ غذب جو سُرورُ ڏيندي آ،
    جيئڻ جي لاءِ ٿي گهُرجي عطا ڪندا به ڪيو.

    ازل کان انتظار جا عذاب ٿا ڀوڳيئون،
    وصل جي رات جي هڪڙي سخا ڪندا به ڪيو.

    پرين جي نينهن جو ناتو ڳنڍيو ٿا زاهد سان،
    وفا جي لاءِ ڪي واعدا پڪا ڪندا به ڪيو.


    تنهنجو پيار جنهن جي نصيبن ۾ هوندو

    تنهنجو پيار جنهن جي نصيبن ۾ هوندو
    سو شامل وڏن خوش نصيبن ۾ هوندو.

    اميرن جي دنيا ۾ ايذاوَ ملندئي،
    سچو عشق آهي فقيرن ۾ هوندو.

    هوندي اُن جي دل اوتري پيار واري،
    جيڏو حُسن جنهن جي سليقن ۾ هوندو.

    ملي چنڊ چاهت جو جنهن کي ويو آ،
    سدائين اُهو شخص عيدن ۾ هوندو.

    صديُن تائين سُڻندو پيو هي زمانو،
    تنهنجو ذڪر زاهد جي گيتن ۾ هوندو.


    ڪنهنجو ڪُوڙو پيار نٿو گُهرجي سائين،

    ڪنهنجو ڪُوڙو پيار نٿو گُهرجي سائين،
    اندر لئه آزار نٿو گُهرجي سائين.

    جيڪو پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ نه ڏي اُن جو،
    ديدن کي ديدار نٿو گُهرجي سائين.

    جنهن ۾ ڪو نقصان محبت جو ٿي پئي،
    اهڙو ڪاروبار نٿو گهرجي سائين.

    هڪ جيون ۾ پيار جو ڪم ئي ڪافي آ،
    ٻيو ڪوئي ڪم ڪار نٿو گهرجي سائين.

    سوچُن ۾ آ سونهن سچائيءَ جي زاهد،
    سوچُن کي سينگار نٿو گهرجي سائين.


    پهريان سجدو ۽ پوءِ سلام ڪبو.

    پهريان سجدو ۽ پوءِ سلام ڪبو.
    دوست جو دل سان احترام ڪبو.

    دشمنيءَ جو مزو به وٺڻو آ،
    ويرُ ويريءَ سان سرِعام ڪبو.

    دور هر درد آ ڪبو اُن جو،
    جنهن جي دل ۾ آهي قيام ڪبو..

    پنهنجي مرڪن جا پيگ اوتي ڏي،
    جام تي جام جام جام ڪبو.

    پوءِ ملندي آ پيار جي جنت،
    عشق کي آ جڏهن امام ڪبو.

    عزتون حُسن کي ڏئي زاهد
    پيارَ جو آ مَٿي مقام ڪبو.


    سمنڊ جون ڇوليون اچو گڏ جي هلون،

    سمنڊ جون ڇوليون اچو گڏ جي هلون،
    پيار کي ڳوليون اچو گڏجي هلون.

    دوستن هوندي اڪيلو پاڻ کي،
    ڇو ڀلا روليون اچو گڏجي هلون.

    ڪو متان قاتل ڪٽي ڪنهن جي زبان،
    ديس جون ٻوليون اچو گڏجي هلون.

    جي بَچو ڪوئي به چارو ڪو نه آ،
    واٽ نئين کوليون اچو گڏجي هلون.

    زندگي زاهد سڏي ٿي سونهن کي،
    حُسن جون حوليون اچو گڏجي هلون.


    روز صدما نوان نه ڏيندو ڪر،

    روز صدما نوان نه ڏيندو ڪر،
    ايترو سنگدل نه ٿيندو ڪر.

    ڏُکَ ڏئين ٿو ته ڏي ڀلي مون کي،
    پر ڏکن ۾ ڇڏي نه ويندو ڪر.

    درد دنيا ڏنا اٿئي جيڪي،
    سور مون سان ويهي سليندو ڪر.

    تنهنجو هر ضد آ اکين تي پر،
    ڳالهه منهنجي به ڪا مڃيندو ڪر.

    پيار خيرات ۾ نه ملندو آ،
    جهول زاهد نه تون جهليندو ڪر.


    اسان کان پري هر قدم دل اوهان جي،

    اسان کان پري هر قدم دل اوهان جي،
    صنم سنگدل بي رحم دل اوهان جي

    اوهان جا سڀئي غم اکين تي رکياسين،
    اسان جو نه ٿي ڪو به غم دل اوهان جي.

    نه آٿت ملي ڪا ڏکن جي سفر ۾
    زخم تي ڏئي وئي زخم دل اوهان جي

    هُجي هي جنم يا ملي ٻيو جنم پر،
    اسان ٿا گهرئون هر جنم دل اوهان جي.

    جيئارين ٿيون زاهد اُميدون اسان کي،
    ڪڏهن من ڪري ڪو ڪرم دل اوهان جي


    منهنجي دردن ماري دل،

    منهنجي دردن ماري دل،
    دلبر تو آزاري دل.

    تحُفي طور ڏني مون توکي،
    هڪڙي چاهت واري دل

    هر ڪنهن تي هرکڻ وارن جي،
    هوندي آ بازاري دل.

    اڇڙيون ڳالهيون ڪيئن ڪندو سو،
    جنهن جي هوندي ڪاري دل.

    زاهد جذبا زير نه ٿيندا،
    توڙي ڳڻتين ڳاري دل.


    سُڏڪن جي مٿان سُڏڪا پئماني تي پئمانو،

    سُڏڪن جي مٿان سُڏڪا پئماني تي پئمانو،
    دل دل کي ڏنو دوکو هر آهه ٿي افسانو.

    رندن به روئي لڙڪن سان جام ڀري ڇڏيا،
    ساقي نه رهيو ساقي رولي ويو مئخانو.

    هوڏي نه وڃان ٿو مان هيڏي ٿو اچان هر هر،
    هوڏي آ خدا جو گهر هيڏي آ صنم خانو.

    هر ماڻهو حياتيءَ ۾ ڪنهن حور کي پوڄي ٿو،
    هر حورَ بڻايو آ ڪنهن دوست کي ديوانو.

    دنيا ۾ رهي زاهد دنيا کان الڳ آهيون،
    رهيو عشق جي مستيءَ ۾ من مست آ مستانو.


    دل جي ڌڙڪن کي ڇو نٿو سمجهين؟

    دل جي ڌڙڪن کي ڇو نٿو سمجهين؟
    من جي اُڌمن کي ڇو نٿو سمجهين؟

    سِرَ جُهڪايئون ته سِرَ ڏئي ويندا،
    پيار وارن کي ڇو نٿو سمجهين؟

    چنڊ جي ٿو ڪرين پيو دعويٰ،
    پوءِ ستارن کي ڇو نٿو سمجهين؟

    اي مُسافر اُداس ٿي وئين ڇو؟
    پنهنجي رستن کي ڇو نٿو سمجهين؟

    ڪيڏا اندر ۾ نانگ ٿا پالن،
    رَتُ جي رشتن کي ڇو نٿو سمجهين؟

    توکي تُنهنجو وجود ئي لڳندا،
    مُنهنجي گيتن کي ڇو نٿو سمجهين؟

    روز صدما پيو سَهين زاهد،
    پوءِ به صدمن کي ڇو نٿو سمجهين؟.


    دل جو احساس دل ڏئي سمجهيم،

    دل جو احساس دل ڏئي سمجهيم،
    عشق ڇاهي فقير ٿي سمجهيم.

    منهنجو ڪو عرض ٿو ٻُڌو نه پرين،
    تنهنجي هر حڪم کي وحي سمجهيم.

    موت ڇا هي ۽ زندگي ڇا هي،
    تو سوا رات هڪ رهي سمجهيم.

    ڪيتري قيمتي جواني هئي،
    موڪلائي جڏهن وئي سمجهيم.

    پيار جي درد کي وڇوڙي ۾،
    يار زاهد روئي روئي سمجهيم.


    دل لڳائڻ جي سزا آڪاٽڻي پئجي وئي،

    دل لڳائڻ جي سزا آڪاٽڻي پئجي وئي،
    هڪڙو ڀيرو هڪڙي غلطي ٿيڻي هئي سا ٿي وئي.

    پيار جي سيوا ۾ هر وک تي مليون وِهُه جون وٽيون،
    دل زهر کي آب - ڪوثر جام سمجهي پي وئي.

    پنهنجي هر ڪنهن بيوفائيءَ کي وفا جو نانءُ ڏئي،
    تو گهڻو ئي آ لِڪايو پر دُنيا سمجهي وئي.

    تو سوا مُنهنجو عذابن ۾ گُذر ٿيندو مگر،
    هن شهر ۾ تنهنجي هڪڙي ڳالهه آ رهجي وئي.

    عشق جو انجام ئي زاهد اِهو ٿيڻو هُيو،
    پهچڻي جنهن جاءِ تي هُئي زندگي پهچي وئي.


    دل جي دُنيا اُداس ٿي پئي آ،

    دل جي دُنيا اُداس ٿي پئي آ،
    هر تمنا اُداس ٿي پئي آ.

    جنهن کي هو جُرئتن سلام ڪيو،
    مون ٻُڌو آ اُداس ٿي پئي آ.

    تُنهنجو چهرو اُداس ڏِسندي ئي.
    رُت برکا اداس ٿي پئي آ.

    چنڊ جي انتظار ۾ آهي،
    رات جيڪا اُداس ٿي پئي آ.

    لفظ سارا لهو لهو ٿي ويا،
    ڳالهه هر ڪا اُداس ٿي پئي آ.

    ديس جي سُکَ سُونَهن لئه زاهد،
    ساري جنتا اُداس ٿي پئي آ.


    اجايو نٿيون دل مان دانهون اُٿن،

    اجايو نٿيون دل مان دانهون اُٿن،
    ڏنا ڏنڀ پنهنجن اُهي ٿا ڏکن.

    مون کان منهنجو پيارو جنم گهر کَسي
    جشن آ ملهايو سڀن رهزنن.

    اي يارو منهنجي ڳوٺ وارن کي چئو،
    منهنجي دُشمنن کي سنڀالي رکن.

    مُئو ڪو نه آهيان متان خوش ٿيو،
    اڃان سڀ اُميدون ٿيون جاڳن جيئن.

    ڪڏهن پاند ناهن پُراڻا ٿيا،
    اندر ۾ پيا مَچَ زاهد ٻَرن.


    دل چوي ٿي ته ماضيءَ ڏي موٽي وڃان،

    دل چوي ٿي ته ماضيءَ ڏي موٽي وڃان،
    پنهنجي گُذريل حياتيءَ ڏي موٽي وڃان.

    ڳوٺ ڳليُن ۾ جنهن ساڻ کيڏيو هُيس
    پنهنجي ننڍپڻ جي ساٿيءَ ڏي موٽي وڃان.

    مون کي جنت جي خواهش سونهين ئي نٿي،
    مست مخمور ساقيءَ ڏي موٽي وڃان.

    جن محبت ۾ مرڪي ڪُٺو هو مون کي،
    تن نگاهن جي ڪاتيءَ ڏي موٽي وڃان.

    سِنڌُ ڌرتيءَ سان زاهد آ منهنجو وجود،
    ڇو مان جنت جي واديءَ ڏي موٽي وڃان.


    ديَد تُنهنجي مَڪان تي پهتي،

    ديَد تُنهنجي مَڪان تي پهتي،
    دل وڃي آسمان تي پهتي.

    هوءَ ڪروڙن ۾ ڪونج هِڪڙي آ،
    جا مُنهنجي دل ۽ جان تي پهتي.

    ڪيڏا رَسُمن جا تيز گهاوَ سَهي،
    آ مُنهنجي آستان تي پهتي.

    دل مان چاهت جي چڻنگ اُڀري ۽،
    ذهن کان آ زبان تي پهتي.

    پاڻ پنهنجو مڃائي وئي زاهد،
    ڳالهه جيڪا ايمان تي پهتي.


    ڌرتيءَ سان جيئن وڻ ٻوٽن جو ناتو آ،

    ڌرتيءَ سان جيئن وڻ ٻوٽن جو ناتو آ،
    توسان تيئن دل جي ڌڙڪن جو ناتو آ.

    ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ سان ڪو ناتو ڪونهي،
    سوچن سان هوندو سوچن جو ناتو آ.

    رت جا رشتا رهزن ٿي پوندا آهن،
    سچو ذهن ضميرن جو ناتو آ.

    ملندا آهن نيٺ ڪنهين چئو واٽي تي،
    رستن سان اهڙو رستن جو ناتو آ.

    تر جيڏو ايذاءُ به اندر جهوري ويو،
    سُڏڪي پيو سچن جذبن جو ناتو آ.

    زاهد تن کي جيءَ ۾ آهي جاءِ ڏني،
    زاهد سان پڪو جن جن جو ناتو آ.


    جنهن جي مرضي جنهن کي چاهي،

    جنهن جي مرضي جنهن کي چاهي،
    پيار ته ڪنهن کان پنبو ناهي.

    پنهنجي پنهنجي آئيني ۾،
    هرڪو ماڻهو سهڻو آهي.

    جنهن کي دل ڏئي ويٺا آهيون،
    سوئي دل کي ٿو تڙپائي.

    جيڪو دل جي ٻولي سمجهي،
    ان کي ڇڏ جي سيني لائي.

    راڄ سڄو ٿو روئي ويٺو،
    شاعر جڳ کي ٿو پرچائي.

    اهڙو ميتُ ملي ڪو زاهد!
    منهنجي جيون کي جرڪائي.


    جا ڪون تو ساڻ دل لڳي وئي آ،

    جا ڪون تو ساڻ دل لڳي وئي آ،
    دل جي حالت عجيب ٿي وئي آ.

    تنهنجي هڪ مُرڪ سان منهنجي من۾،
    مُند سُرهاڻ جي اچي وئي آ.

    ڏور هاڻي نٿو رَهي سگهجي،
    ڇا ڪجي ٿي جو دوستي وئي آ.

    ساهُه ڪيڏو سُڪون ۾ آهي،
    ساهَه کي ڪا ملي سِکي وئي آ.

    پيار ڪر پيار پيار ڪر زاهد،
    زندگي ٿورڙي بچي وئي آ.


    دل ۾ پيار لِڪائين ڇو ٿي،

    دل ۾ پيار لِڪائين ڇو ٿي،
    پنهنجو ساهُه سِڪائين ڇو ٿي.

    من ۾ سِڪَ جو سمنڊ سَمائي،
    ڇولين کي تڙپائين ڇو ٿي.

    ڪومل سَپنو آهي جواني،
    مِٺڙي مُند وِڃائين ڇو ٿي.

    توکي ڪوئي ٻيو پَرچائي،
    پاڻ کي تون پرچائين ڇو ٿي.

    پنهنجيءَ دل جي اندر ويٺل،
    زاهد کان شرمائين ڇو ٿي.


    ڳالهه دل ۾ رکي چئي نه سگهي،

    ڳالهه دل ۾ رکي چئي نه سگهي،
    پيار جو لفظ هڪ ڏئي نه سگهي.

    ماٺِ ۾ هوءَ ڀُري وئي ايڏي،
    زندگيءَ ۾ وري ٺهي نه سگهي.

    پاڻ ڀي ڏور ٿي وئي مون کان،
    مون کي ڪنهن ساڻ ڀي سهي نه سگهي.

    ضد جي آسمان تي ويٺل،
    دل جي ڌرتيءَ تي لهي نه سگهي.

    هوءَ ڪيڏي عجيب هئي زاهد،
    ويجهو هوندي به گڏ رهي نه سگهي.


    جيڪي ماڻهو دل جو پَڪِڙن دامَن ٿا،

    جيڪي ماڻهو دل جو پَڪِڙن دامَن ٿا،
    سي ئي ماڻهو منزل ڏانهن اُڏامَن ٿا.

    جيون تن ليئه ڪهڙي ڪم جو آ سائين،
    جن جي اُميدن جا ديپ اُجهامَن ٿا.

    ڪيڏن سُهڻن قوم جي رهبر ماڻهن جا،
    عيد جي ٻڪرن وانگي ذهن وڪامَن ٿا.

    نيٺ هزارين هٿ اُڀا ٿيڻا آهن،
    بيوس ماڻهو من ۾ پَڄرن کامَن ٿا.

    خاموشيءَ جي رات نه رهڻي آ زاهد،
    جيءَ ۾ ڪيئي جذبا جوش اُڀامَن ٿا.


    جنهن جي دل ئي ڪاري آهي،

    جنهن جي دل ئي ڪاري آهي،
    تنهن سان ڪهڙي ياري آهي.

    صدين تائين زنده رهندي،
    جيڪا سوچ سَگهاري آهي.

    ڏاڍو پيارو آهي پرين پر،
    سنڌ پرينءَ کان پياري آهي.

    ماڻهن جا ٿو مُلهه مٽائي،
    وقت وڏو واپاري آهي.

    ٻيهر ٻيڻو ٿي ايندس مان،
    هيل ته بازي هاري آهي.

    موتين جو سو مُلهه ڇا ڄاڻي،
    جنهنجي مُٺ ۾ واري آهي.

    اُن جي پنهنجي ٻولي ڪهڙي،
    جو ماڻهو سرڪاري آهي.

    من جو ساجن ساڻُ آ زاهد
    عُمر سجائي گهاري آهي.


    او چري ڇوڪري دل ڏِنئي ڇو ڏِنئي،

    او چري ڇوڪري دل ڏِنئي ڇو ڏِنئي،
    هاڻي ڇو ٿي روئين پيار ڇا لئه ڪَيُئي.

    هُن پُڇئي ڇا اٿئي تو چيو چاهُه آ،
    هُن جون ڳالهيون ٻُڌ ئي دل نه هُن جي ڏٺئي.

    هر حسين نوجوان باوفا ڪو نه آ،
    جنهن کي ڪو جهو چَيُئي باوفاسو هُيُئي.

    ڪجهه ته سوچين به ها ڪجهه ته سمجهين به ها،
    بي وفا سان وفا جو قسم ڇو کَنيُئي.

    خواب زاهد سمورا وڃائي ڇڏيئي.
    جهول خالي اٿئي ڇا بَچُئي ڇا بَچُئي.


    جنهن کي دل ۾ ويهارجي سائين

    جنهن کي دل ۾ ويهارجي سائين
    تنھن سان گڏجي گذارجي سائين.

    جا ڏي تاڏي، آهي صدا ساڳي،
    پيار کي ٿو پُڪارجي سائين.

    اَچُ ته گڏجي سموري دنيا مان،
    نفرتن کي ٻُهارجي سائين.

    ڍنگ جيئڻ جا ڪي نوان ڳولي،
    ساري جڳ کي جيئارجي سائين.

    ساري محفل حَسين آ زاهد،
    ڪنهن ڏي، ڪنهن ڏي، نهارجي سائين.


    هڪڙي مٺڙي روح جي راڻي منهنجي دل جي مجبوري آ،

    هڪڙي مٺڙي روح جي راڻي منهنجي دل جي مجبوري آ،
    نوريءَ جهڙي سونهن نماڻي منهنجي دل جي مجبوري آ.

    ڪا اَڻ ڌوتي پاتل پوتي اجرڪ اوڙهيل سچو موتي،
    سهڻي سادي ڪا ڳوٺاڻي منهنجي دل جي مجبوري آ.

    هي جنهن ٻاريون چاهت لاٽون جوڀن راتيون جاڳي ڪاٽيون،
    سا منهنجي لئه آ ويڳاڻي منهنجي دل جي مجبوري آ.

    گُذريو سارو جوڀن جنهن ۾ مُرڪيو مهڪيو تن من جنهن ۾،
    اهڙي هڪڙي پريم ڪهاڻي منهنجي دل جي مجبوري آ.

    هر جيون توساڻ جيئان مان تُنهنجن هٿڙن ساڻ پيئان مان،
    پيار جو امرت سنڌ جو پاڻي منهنجي دل جي مجبوري آ.

    آنءُ ته زاهد اُن جو آهيان جنهن ته مٽيءَ سان کيڏيو آهيان،
    ڳوٺ اباڻو شاهه لڌاڻي منهنجي دل جي مجبوري آ.


    دلين ۾ دردن جا باب آهن،

    دلين ۾ دردن جا باب آهن،
    اکين ۾ ڪيڏا عذاب آهن.

    هي بدنصيبن جو ديس آهي،
    نه ڪي اُميدون نه خواب آهن.

    اُداس خوشبوءِ جو سفر آ،
    صدين جا گهايل گلاب آهن.

    ڪڏهوڪ آ سنڌ يتيم ٿي وئي،
    اڃان نه جاڳيا جواب آهن.

    اي وقت توکي ڏنيون وڃون ٿا،
    لکيا اسان ڪجُهه ڪتاب آهن.

    لاهيندي تاريخ نيٺ زاهد،
    گهڻن مُنهن تي نِقاب آهن.


    اکين جا خواب دلين ۾ سجائجو يارو،

    اکين جا خواب دلين ۾ سجائجو يارو،
    اُميد ڪا به نه پنهنجي وڃائجو يارو.

    هٿن ۾ قوم جي هيرن جون همتون آڻي،
    دلين سان ديس جي تقدير ٺاهجو يارو.

    ڪڙي ڪڙيءَ سان ملائي مرڻ گهڙيءَ تائين،
    نه موٽ کائجو ناتو نڀائجو يارو.

    سفر ۾ همتون ۽ حوصلا کپن ڪنهن کي،
    اشاري ساڻ اسان کي ٻُڌائجو يارو.

    ٿڪياجي آهيو ٻه ٽي پهر ڀل ويهو زاهد،
    مگر اُٿو ته وڏي وک وڌائجو يارو.


    دوستي روشني،

    دوستي روشني،
    زندگي روشني.

    پيار جي مُرڪ آ،
    شهر جي روشني.

    رات هوءَ دَرُ ٽَپي،
    ٿي وئي روشني.

    هُن چيو ڇا کپي،
    مون گُهري روشني.

    سونهن جو ساٿ آ،
    هر گهڙي روشني.

    عشق زاهد ڏني،
    شاعري روشني.


    جڏهن جواني اچي هلي وئي،

    جڏهن جواني اچي هلي وئي،
    خبر پئي زندگي هلي وئي.

    عُمرِ حسين دلربا جيئان هُئي،
    ملي ۽ مُرڪي کلي هئي وئي.

    ڪڙو زهر ٿي لڳي حياتي،
    مٺي ڪجي ڪيئن؟ مٺي هلي وئي.

    ڪٿان غمن جو علاج آڻيون،
    رهي نه پنهنجي خوشي هلي وئي.

    روئن ٿيون راتيون چون ٿيون زاهد،
    هائي الا چاندني هلي وئي.


    سموري زندگيءَ ۾ ڪا گهڙي سُکي نه ملي،

    سموري زندگيءَ ۾ ڪا گهڙي سُکي نه ملي،
    سدائين درد مليو آ ڪڏهن خوشي نه ملي.

    پرينءَ کانپوءِ رُڳو رات جو انڌيرو آ،
    ڪاچڻنگ جيتري هلڪي به روشني نه ملي.

    دنيا جا بيوفا ڀاڪُر سلام کوڙ مليا،
    سُڪون دل کي ڏئي ها سان دوستي نه ملي.

    هو پنهنجي بيوفا چهري تي شَرمسار نه آ،
    لڳي ٿو شهر ۾ هُن کي ڪا آرسي نه ملي.

    اکيون اکين سان مِلائي خُمارَ ڏيندي وئي،
    نظر جا پيگ پيئاري وئي وري نه ملي.

    عجيب جَل پريون زاهد مليون جوانيءَ ۾،
    هُجي ها پيار جي قابل سا ڇوڪري نه ملي.


    دوستيءَ جي روپ ۾ آ دشمني ملندي رهي،

    دوستيءَ جي روپ ۾ آ دشمني ملندي رهي،
    زندگيءَ ۾ هر قدم تي بيوسي ملندي رهي.

    پنهنجي سوچن ۾ سوين خنجر سمائيندي رهي،
    هوءَ جيڪا روز هئي مون سان کلي ملندي رهي.

    جيئن اُڃايل ٿر تي ڀُلجي ٿي وسي پئي بوند ڪا،
    ايئن گهڙي پل جي اسان کي آ خوشي ملندي رهي.

    پنهنجي ڪنهن ننڍڙي خوشيءَ جي لاءِ هر ڪنهن موڙتي
    سنگدل توکي اسان جي سادگي ملندي رهي.

    هڪ مان زاهد ٻيو مان شاعر ٽيون مان بي گهر بي وطن
    رَتُ جي رشتن کان آ مون کي رهزني ملندي رهي.


    زندگي پئي گُذري، زندگيءَ جي ڳولا ۾،

    زندگي پئي گُذري، زندگيءَ جي ڳولا ۾،
    رات جو مُسافر مان روشنيءَ جي ڳولا ۾.

    چاهُتن جي خوشبوءِ سان جا مِٽي هُجي واسيل،
    منهنجو عشق آ هر پل اُن مِٽيءَ جي ڳولا ۾.

    ڪاش ڪا ملي ڪنهن ۾ پيار جي شناسائي،
    دل اڃان پئي ڀٽڪي، دل لڳيءَ جي ڳولا ۾.

    جا لڳي مون کي هر دم عڪس منهنجي اندر جو،
    روح ٿورُلي اهڙي ڪنهن پريءَ جي ڳولا ۾.

    ٻي جنم ۾ شايد ڪا دوستي ملي زاهد،
    هي جنم ويو گُذري دوستيءَ جي ڳولا ۾.


    جيئن گذارڻ ٿا گُهرئون تيئن زندگي گُذري نٿي،

    جيئن گذارڻ ٿا گُهرئون تيئن زندگي گُذري نٿي،
    اِن ڪري ئي چين سان ڪائي گهڙي گُذري نٿي.

    ڇو الائي ايترا ويڇا ڪري ويهي رهي،
    سال ٿيا منهنجي گِهٽيءَ مان بي چئي گُذري نٿي.

    موت کان اڳُ هڪ دفعو هُن کي ڏسڻ چاهيان ٿو پر،
    ضد ڪري ويهي رهي آ ڪيتري گُذري نٿي.

    عشق جي نگريءَ ۾ جنهن جنهن کان پُڇيم تنهن تنهن چيو،
    بس پئي گُذري حياتي ڪا سُٺي گُذري نٿي.

    تون نه ڏي، جنت جي حورن جا اي زاهد آسرا،
    منهنجي مئخاني سوا ڪا مهل ئي گُذري نٿي.


    زندگي ٻن صورتن ۾ ٿي سگهي ٿي بينظير،

    زندگي ٻن صورتن ۾ ٿي سگهي ٿي بينظير،
    يا هُجي ماڻهو شهنشاهه يا هُجي ماڻهو فقير.

    اي زمانا تو اسان جي پيار کي هي ڇا ڏنو!؟
    هر قدم تي بيوفا ماڻهو مُنافق بي ضمير.

    جيڪو پنهنجي عظمتُن جي راز کي سمجهي ويو،
    پاڻ مُرشد پاڻ رهبر پاڻ سو پنهنجو آ پير.

    زندگيءَ جي مُرڪ کان ڪيڏو رهين ٿو اوپرو!
    خواهشن جي گندگيءَ ۾ ٿي ويو آهين اسير.

    هر سچو شاعر آ زاهد پنهنجي پنهنجي ديس ۾،
    سونهن جو سَچَ جو مُحبت جو اُميدن جو سَفير.


    انسانن جي روپ ۾ دنيا- وحشي ماڻهن جو ميلو آ،

    انسانن جي روپ ۾ دنيا- وحشي ماڻهن جو ميلو آ،
    ڪوڪو ماڻهو مٺڙو آهي- ڪوڪو ماڻهو البيلو آ.

    پل کن جي لئه پيار مليو هو- ورهن جو ويچار ڏئي ويو،
    هاڻي اڪيلائي ايڏي آ وِهُه جهڙو ٿيو هر ويلو آ.

    ديد ملائي ديد ڏئي وڃ- جيئڻ جي اُميد ڏئي وڃ،
    رات جي پوئين پهر ڪڏهن ڪا- عيد ڏئي وڃ آ ويلو آ.

    تنهنجي شهر جا ماڻهو سارا- ٻاهر اُجرا اندر ڪارا
    منهنجو ڳوٺ به آهي منافق- هر ڪو ماڻهو ساڙيلو آ.

    زاهد عشق اُڀارُ نه جنهن ۾- پيار جي بدلي پيار، نه جنهن ۾،
    اهڙي بي حِس دل دل ناهي- ڌاڙيلن جو ڪو ٻيلو آ.


    جيڪو ماڻهو تنها تنها هوندو آ،

    جيڪو ماڻهو تنها تنها هوندو آ،
    اندر اُن جو ٽُڪرا ٽُڪرا هوندو آ.

    اُجڙي ويندڙ هر ڪنهن ماڻهوءَ جو جيون،
    رڻ ڏانهن ويندڙ رستا رستا هوندو آ.

    شاعر جو من اُميدن جو آکيرو،
    جڳ لئه سچا جذبا جذبا هوندو آ.

    پيار ۾ هلڪو ويڇو دل جي دنيا لئه،
    محشر جهڙا جهٽڪا جهٽڪا هوندو آ.

    تنهنجي وئي کانپوءِ پرين تنهنجو زاهد،
    راتيون راتيون سُڏڪا سُڏڪا هوندو آ.


    مون کي ته ماٺ ۾ ماڻهو عجيب لڳندو آ،

    مون کي ته ماٺ ۾ ماڻهو عجيب لڳندو آ،
    جو گُم آ پاڻ ۾ سو بدنصيب لڳندو آ.

    اندر ۾ ڪيتريون ساريون منافقيون ٿو رَکي،
    ڏسڻ ۾ جيڪو بظاهر غريب لڳندو آ.

    پرين اسان کان ڪڏهن تون پري نه ٿيندو ڪر،
    ڪوئي ڪوئي ته اسان کي قريب لڳندو آ.

    ملي نه ها ته مقدر سان جنگ هئي منهنجي،
    هو صرف منهنجو آ منهنجو نصيب لڳندو آ.

    اکين ۾ پيار کڻي جو به آ مليو زاهد،
    اُهو اُداس اندر کي طبيب لڳندو آ.


    جنهن جي دل ۾ ڪوئي پيار نه هوندو آ،

    جنهن جي دل ۾ ڪوئي پيار نه هوندو آ،
    اهڙو ماڻهو عزت دار نه هوندو آ.

    مجبوريءَ ۾ راهه مٽيندو آ جيڪو،
    بيوس هوندو آ غدار نه هوندو آ.

    دوزخ جهڙي دل آ جنهن جي سيني ۾،
    من ساڙيندو آ منٺار نه هوندو آ.

    ڪورٽ ۾ بيهي جنهن ڪاروبار ڪيو،
    سو ڪنهن جو ڀي سچو يار نه هوندو آ.

    جنهن کي جيءَ ۾ جاءِ ڏبي آهي زاهد،
    تنهن سان ڪو ليکو واپار نه هوندو آ.


    هر ڪنهن سان ڇو اندر جو اظهار ڪجي،

    هر ڪنهن سان ڇو اندر جو اظهار ڪجي،
    هر ڪنهن جي لئه ڇو ويهي ويچار ڪجي.

    جنهن کي ناز هُجي پنهنجي ناندانيءَ تي
    اهڙيءَ سُهڻي ماڻهوءَ سان ڇو پيار ڪجي.

    رستي ويندي ڪوجهي سوجهي ماڻهوءَ کان،
    پيار ملي پئي ڇا جي لئه انڪار ڪجي.

    جنهن سان پنهنجو مانُ مٿانهون ٿي سائين،
    اهڙو ڪم هڪ وار ته ڇا سئو وار ڪجي.

    ٻارن جي دل ٻارن سان ئي هوندي آ،
    ٻارن جي سنگت ۾ پاڻ کي ٻار ڪجي.

    جنهن جي ڇاتي زاهد مون لئه آتي آ،
    اُن جي ٻانهن کي ته ڳچيءَ جو هارُ ڪجي.


    ذهن جنهن جو غريب آ سائين،

    ذهن جنهن جو غريب آ سائين،
    سو وڏو بد نصيب آ سائين.

    پنهنجو سمجهين ٿو ۽ ملين به نٿو،
    سوچ تنهنجي عجيب آ سائين.

    تنهن کي بد نيعتي سونهين ئي نٿي،
    جنهن کي چئبو حبيب آ سائين،

    وقت آيُئي ته سمجهه ۾ ايندُئي،
    ڪير تنهنجو قريب آ سائين.

    نيٺ زاهد اسان جي زخمن جو،
    ڪو ته ٿيڻو طبيب آ سائين.


    جيڪو ماڻهو روح جو راڻو هوندو آ،

    جيڪو ماڻهو روح جو راڻو هوندو آ،
    ماکي مصري مکڻ چاڻو هوندو آ.

    رهندي آهين روز حجابن ۾ سانئڻ،
    ڪيڏو تنهنجو پيار نماڻو هوندو آ.

    اوڏو هوندو آهي منافق اندر ۾،
    جيڪو ماڻهو جيڏو سياڻو هوندو آ.

    جيون جا سڀ رنگ سُڃاڻي ٿو سوئي،
    سورن ۾ جو ساهُه ساماڻو هوندو آ.

    من جو ساجن اُن کي چئبو آ زاهد،
    جنهن سان جيءَ جڙاءُ پُراڻو هوندو آ.


    هر ڪنهن مِٺيءَ شيءِ کان مِٺي هوندي آ،

    هر ڪنهن مِٺيءَ شيءِ کان مِٺي هوندي آ،
    ڪنهن جي ڪنهن جي اهڙي مِٽي هوندي آ.

    چَسُ چپن جي رَسُ جو سوئي ٿو ڄاڻي،
    چسُڪي جنهن هيءَ چکي ڏِٺي هوندي آ.

    هر ڪو پريمي ساهه ۾ سانڍي رکندو آ،
    جيڪا پيار جي پهرين چِٺي هوندي آ.

    سچيءَ ساديءَ ٻالڪپڻ جي سنگت ۾،
    ڪنهن پل ٻَڌي ڪنهن پل ڪِٽي هوندي آ.

    زاهد لاءِ مُقدس منظر دنيا جو،
    سانئڻ تنهنجي گهر جي گهٽي هوندي آ.


    پرين اسان جا امير ماڻهو،

    پرين اسان جا امير ماڻهو،
    اسان پرينءَ جا فقير ماڻهو.

    مِٺيءَ محبت جي معاملي ۾،
    اسان پٿر تي لڪير ماڻهو.

    پريت جي ريت جا مسافر،
    ڀٽائي تنهنجا سفير ماڻهو.

    جفا جي ٻولي سفا نه ڄاڻن،
    وفا ڪندا با ضمير ماڻهو.

    زنجير چُمندا رهن ٿا زاهد،
    عظيم عاشق اسير ماڻهو.


    جنهن پل ۾ ايمان وڪامي ويندو آ،

    جنهن پل ۾ ايمان وڪامي ويندو آ،
    تنهن پل ۾ انسان وڪامي ويندو آ.

    پئسي تي هر روز مُنافق ماڻهن جو،
    گاڊ خُدا ڀڳوان وڪامي ويندو آ.

    بي شرمن ۽ بي ضميرن جي دل مان،
    مُحسن جو احسان وڪامي ويندو آ.

    ٽڪي جهڙيءَ ڪنهن معمولي خواهش تي،
    ماڻهو عالي شان وڪامي ويندو آ.

    زندهه لاش جيئان سوجيئدو آ زاهد،
    جنهن ماڻهوءَ جو مانُ وڪامي ويندو آ.


    هن دئور ۾ هر جاءِ تي انڌير ٿئي ٿو،

    هن دئور ۾ هر جاءِ تي انڌير ٿئي ٿو،
    انسان ئي انسان جو رت روز پيئي ٿو.

    رشتا به هتي رات جا رهزن ٿي رهن ٿا،
    هر ڀاءُ سڳي ڀاءُ کي سئو ڏنڀ ڏئي ٿو.

    سُک ۾ جو سوين ڀيرا اچي پائي ٿو ڀاڪر،
    ڏک ۾ ته گهڙيءَ لاءِ سو ڀر ۾ نه بيهي ٿو.

    دنيا ۾ پنهنجو ديس عجب حال ۾ آهي،
    سڪرات ۾ ورتل آ، مري ٿو نه جيئي ٿو.

    زاهد آ هتي راڄ رڳو مُرده دلين جو،
    هن شهر ۾ هر شخص پنهنجو لاش گيهي ٿو.


    هر طرف کان انڌير ئي انڌر ٿو ملي،

    هر طرف کان انڌير ئي انڌر ٿو ملي،
    ماڻهن جي اندر مان ته رُڳو مير ٿو ملي.

    جيڪا به ٿي آ دل تي دردن جي واردات،
    هر موڙ تي پنهنجن جو مون کي پير ٿو ملي.

    سو چاهُه به آزار آسو پيار بي وقار،
    جيڪو لڳي فقير کي ڄڻ خير ٿو ملي.

    هيءَ ڳالهه عشق جي آ سمجهين نٿو پرين،
    نه ته سيڙجي ڪنهن ساڻ ڀلا ڪير ٿو ملي.

    زاهد کڄي وڃي ٿو هر دل تان اعتبار،
    پنهنجو به رکي دل ۾ جڏهن غير ٿو ملي.


    پيدا اسان ٿياسين پٿرن جي ديس ۾،

    پيدا اسان ٿياسين پٿرن جي ديس ۾،
    دلبر مليو نه ڪوئي دردن جي ديس ۾.

    لمحن لهو نچوڙيو هر پهر زهر آ،
    جيئڻ عذاب ٿي ويو صدمن جي ديس ۾.

    جي پيار جي ڪا ديوي ٿئي مهربان ها،
    ڪي پل نصيب ٿين ها مُرڪن جي ديس ۾.

    آ منهنجي زندگيءَ جي آتم ڪٿا اِها،
    مُرڪن جي آرزو هُئي لُڙڪن جي ديس ۾.

    دل پُر اُميد رهجانءِ مايوس ٿين متان
    ڳوليان پيو مسيحا زخمن جي ديس ۾.

    غيرن سان غير زاهد گڏجي پيا رهن،
    پنهنجن کان ڏور پنهنجا پنهنجن جي ديس ۾.


    بنا ڪنهن ڏوهه جي ڪيڏي سزا ڪاٽي رهيا آهيون،

    بنا ڪنهن ڏوهه جي ڪيڏي سزا ڪاٽي رهيا آهيون،
    الائي ڇو ۽ ڇاجي لاءِ پيدا ٿي پيا آهيون.

    نه هي منزل اسان جي آ نه ڪوهي ماڳ آ پنهنجو،
    ڪٿي وڃڻو اسان کي هو ڪٿي پهچي ويا آهيون.

    اسان جي سادگيءَ کي ٻيو متان ڪو نانءُ ڏئي ويهو،
    پنهنجي ضمير جو پُختو شرم آهيون حيا آهيون.

    گذاريون ٿا پيا پنهنجي حياتي موج مستيءَ سان،
    اسان دل جي مڃڻ وارا دُنيا لئه بي چيا آهيون.

    عذابن جي ڳچين ۾ هٿ وجهي جيئڻو پيو زاهد،
    مُهاڏو هر مُصيبت سان اڙايوسين هَٽيا ناهيون.


    ٿو پُڇين ڪيئن مان گُذاريان ٿو،

    ٿو پُڇين ڪيئن مان گُذاريان ٿو،
    سمنڊ ڇولين جيان گُذاريان ٿو.

    هر گهڙي گهاوَ ٿي گهڻا ڏي پر،
    همتن سان اڃان گُذاريان ٿو.

    عشق ٿو سمجهه ۾ اچي اوڏو،
    جيڏو ڪنڊن مٿان گُذاريان ٿو.

    پنهنجي سوچن ۾ پنهنجي دنيا ۾،
    پنهنجي مرضيءَ سان گذاريان ٿو.

    ڪانئين سوچ ٿي ملي زاهد،
    وک جنهن جاءِ تان گُذاريان ٿو.


    جڏهن کان ٿيا جُدا آهيون رڳو تڙپيا لُڇيا آهيون.

    جڏهن کان ٿيا جُدا آهيون رڳو تڙپيا لُڇيا آهيون.
    اوهان کي ڪير سمجهائي اسان ڪيڏا ڏکيا آهيون.

    اوهان کان پيار جو تحفو مليو آ سمنڊ لڙڪن جو،
    اجايو ڪو نه ٿا روئون روئاريو ٿَوَ رنا آهيون.

    سچا احساس ۽ جذبا بيابانن ۾ ٿا ڀٽڪن
    اسان هڪڙيءَ حياتيءَ ۾ هزارن کان ڪُٺا آهيون.

    مُنافق مان محبت جي ڀلا اُميد ڇو رکجي،
    اندر اُجرا پيا ڳوليون اندر اُجرا رهيا آهيون.

    اسان ڪنهن ظلم جي حاڪم اڳيان جهُڪڻا ناهيون زاهد،
    اسان منصور جي پيرن جي مٽيءَ ۾ سُکيا آهيون.


    جيترا دربدر ٿيا آهيون،

    جيترا دربدر ٿيا آهيون،
    اوترا باخبر ٿيا آهيون.

    سونهن جي ساهَه تائين ٿي پهچي،
    نينهن واري نظر ٿيا آهيون.

    سج ڪرڻا سَمائي، سوچن ۾،
    رات ٽاري سحر ٿيا آهيون.

    هاڻي منزل پري نه آ ساٿي،
    پاڻ ٻئي همسفر ٿيا آهيون.

    همتون حوصلا کڻي زاهد،
    اَڄ اسان بااثر ٿيا آهيون.


    پرديسي ڪونج توکي ڳوليان ڪٿي ڪٿي مان،

    پرديسي ڪونج توکي ڳوليان ڪٿي ڪٿي مان،
    آئينءَ وئينءَ اُڏامي اکڙين جي آئيني مان.

    ورلاپ يا ڪو واڪو پهچئي ته سمجهه پياري،
    تاتي آتات تنهنجي جاڳان پيو جتي مان.

    منهنجو آ ماڳ ڌرتي آڪاش تنهنجي دنيا،
    مون کان مٿي مٿي تون توکان پري، پري مان.

    جنهن ڏينهن توسان جوڀن جرڪي اچي جڙيون هو،
    ڏاڙهونءَ جا گُل ڦُٽا ها تنهنجي، ڳٽي ڳٽي مان.

    زاهد اُداس آهون اُن جون ڪرِن پُڇائون،
    ٿڌڪار دل وتو هو، جنهن وڻ جي ڇانوري مان.


    نانگڻ جهڙيءَ بي وفا کان واعدا وِسري ويا،

    نانگڻ جهڙيءَ بي وفا کان واعدا وِسري ويا،
    چنڊ جهڙي ڇوڪري جا خواب سڀ وکري ويا.

    هر صبح جي ويل ڪنهن جي آهه اڀ ڏاري پئي،
    پاڪ جذبا ڪنهن ته وحشڻ جي هٿان اجڙي ويا.

    دل سنديءَ ديويءَ نه دل کي ڪا به دلداري ڏني،
    دل جا سڀ احساس دل ۾ درد ٿي رهجي ويا.

    چاهتن جي موٽ ۾ آ سيج ڪنڊن جي ملي،
    جن سان رشتا روح جا ها سي پرين وڇڙي ويا،

    موت جهڙي هاڻي زاهد زندگي گُذري پئي،
    پهر بڻجي وِيا پڪارون لڙڪ لمحا ٿي ويا.


    اُداس چهرن جي ڪهڙي منزل،

    اُداس چهرن جي ڪهڙي منزل،
    ڏُکن جي سورن جي ڪهڙي منزل.

    نه جاڳ ۾ آ وجود جن جو،
    اکين ۾ خوابن جي ڪهڙي منزل.

    اڳيان رُڳو رُڃَ جو سفر آ،
    رڻن ۾ رستن جي ڪهڙي منزل.

    اوهان لئه آهن اوهان سان رهندا،
    ٻي مُنهنجي گيتن جي ڪهڙي منزل

    هتي رڳو بي حسي آ زاهد،
    حِساس جذبن جي ڪهڙي منزل.


    اندر ۾ انسان اڪيلو ويٺو آ،

    اندر ۾ انسان اڪيلو ويٺو آ،
    ڄڻ ڪوئي ڀڳوان اڪيلو ويٺو آ.

    تو سان گڏ جي ساري عُمر گذارڻ جو،
    دل ۾ هو ارمان اڪيلو ويٺو آ.

    پيار جي هڪڙي هام ڀري احسان ڪيئي،
    آءُ پرين احسان اڪيلو ويٺو آ.

    انسانن کان ڪيڏو ٿي ويو پاسيرو،
    دنيا ۾ ايمان اڪيلو ويٺو آ.

    دلبر تو در زاهد نالي سان هڪڙو
    پرديسي مهمان اڪيلو ويٺو آ.


    هر ڪو پنهنجي اندر سان ڳالهائي ٿو،

    هر ڪو پنهنجي اندر سان ڳالهائي ٿو،
    آٿت ڏئي اُميدن کي ريجهائي ٿو.

    حيرت آهي پاڻ کي ڪو نه ٿو سمجهائي،
    هر ماڻهو ٻي ماڻهوءَ کي سمجهائي ٿو.

    مون کي سوئي ماڻهو پيارو لڳندو آ،
    لُڙڪن کي جو مُرڪن منجهه لڪائي ٿو.

    تنهن پل ساري ڌرتي دوزخ بڻجي ٿي،
    جنهن پل ڪوئي ڪنهن جي دل ايذائي ٿو.

    زاهد جي لئه ساري سنڌ گواهه اٿئي،
    جنهن سان لائي تنهن سان توڙ نڀائي ٿو.


    اُميدن کي ٿا جاڳائن،

    اُميدن کي ٿا جاڳائن،
    سپنا سورج ڪرڻا آهن.

    تنهائيءَ ۾ آڏو ويهي،
    تنهنجون يادون ٿيون ڳالهائن.

    وقت ڏکن جو ويڄ ته ڏي ڪو،
    چَپَ ڪيئي ٿا مُرڪون چاهن.

    ڏس پرينءَ جو ڏور مليو آ،
    پير برن ۾ بيٺا ناهن.

    درد ونديءَ هر دل کي زاهد،
    سور گهڻو ڪُجهه ٿا سمجهائن.


    شهزورن جي ڇاتيءَ جهڙو،

    شهزورن جي ڇاتيءَ جهڙو،
    ٿي پئه شير حياتيءَ جهڙو.

    مون کي سنڌي ماڻهو پيارو،
    پنهنجي گهر جي ڀاتيءَ جهڙو.

    نفرت جو هر لفظ آ هوندو،
    ڪاسائيءَ جي ڪاتيءَ جهڙو.

    مور نشو وسڪيءَ ۾ ناهي،
    درتان جوڀِن جهاتيءَ جهڙو.

    ٿيءُ اُڃاري ٿر لئه زاهد،
    تون موسم برساتيءَ جهڙو.


    اندر جو اظهار گُهري ٿو تبديلي،

    اندر جو اظهار گُهري ٿو تبديلي،
    هي سارو سنسار گُهري ٿو تبديلي.

    انڌين منڊين رسمن جا وعده ٽوڙيو،
    هاڻي نئون اقرار گهُري ٿو تبديلي.

    قوم جي عزت سان ئي پنهنجي عزت آ،
    غيرت جو معيار گُهري ٿو تبديلي.

    ساري جڳ جا پورهيت هڪ آواز ٿيو،
    دنيا جو وهنوار گُهري ٿو تبديلي.

    گيتن جي هر گونج سنيهو آ زاهد،
    شاعر جو ويچار گُهري ٿو تبديلي.


    اداس شامون اُداس راتيون،

    اداس شامون اُداس راتيون،
    عذاب ڏين ٿيون اماس راتيون.

    قدم قدم تي کڻي اچن ٿيون،
    ستم ستم جو حراس راتيون.

    اندر اندر ۾ ٿي آس تڙپي،
    نگر نگر ۾ نِراس راتيون.

    ڪڏهن ڪڏهن چاندني ته هئي پر،
    اسان کي آيون نه راس راتيون.

    اڃا اجايو جيئون ٿا زاهد،
    ڪڏهن ته اينديون ڪي خاص راتيون.


    تنهنجا پيغام شام آڻيندي،

    تنهنجا پيغام شام آڻيندي،
    شام ايندي ته جام آڻيندي.

    صبح جي هير دل جي زخمن لئه،
    نيٺ تُنهنجا سلام آڻيندي.

    سونهن اندر ۾ ويهجي وئي آ،
    عشق ۾ ڪا اُڏام آڻيندي.

    جي رهي ٻن دلين ۾ سچائي،
    پيار لئه اهتمام آڻيندي.

    سوچ باغي آ چاهه جي زاهد،
    ڪي نرالا نظام آڻيندي.


    ڪجهه سوچن ۾ ڪجهه سپنن ۾ هر شام اسان جي گُذري ٿي،

    ڪجهه سوچن ۾ ڪجهه سپنن ۾ هر شام اسان جي گُذري ٿي،
    دل تنها تنها رستن ۾ هر شام اسان جي گُذري ٿي.

    ڪو لڙڪ اگهڻ وارو ڪونهي ڪو مُرڪ ڏيڻ وارو ڪونهي،
    هر ساهُه کڻئون ٿا سُڏڪن ۾ هر شام اسان جي گُذري ٿي.

    ورهين جي اُڃ اداسي آ دل بوند بوند لئه پياسي آ،
    اُميدن جي احساسن ۾ هر شام اسان جي گذري ٿي.

    هڪ مقصد آ هڪ منزل آ جنهن ۾ بس تون ئي تون آهين،
    چاهت جي سچن جذبن ۾ هر شام اسان جي گُذري ٿي.

    هر پاسي اوندهه ڪاري آ- هر واٽ عذابن واري آ،
    زاهِدَ سُورَن ۽ صَدمَن ۾ هر شام اسان جي گُذري ٿي.


    ڏيهه سارو رات ڪاري گوگهري تي گوگهرو،

    ڏيهه سارو رات ڪاري گوگهري تي گوگهرو،
    کيپ ٽوڙيو جيءَ جوڙيو ديس گهرجي سوجهرو.

    ڀينڊ ئي کڻ هڙتڪڙ ۾ ڪر اُڇل اولار سان،
    پوک پنهنجي ڀيلجي، پئي ڍول ڇو آهين ڍَرو.

    جهير ڏيندئو سيرَ ڏيندئو پر نه هينئڙو هيسبو،
    ڪنهن جبر آڏو نه جهُڪندو ڳاٽ آ پنهنجو ڳرو.

    غير آن تون غير رهندين پير ڪر پنهجا پري،
    سِنڌُ تنهنجي ٿي نه سگهندي سِنڌُ لئه تون اوپر.

    مچ ٻرندا پير سڙندا پر نه ورندا پوئتي،
    جان کان پيارو آ زاهد سِنڌُ جو هڪ هڪ ذرو.


    رات به هاڻي ڄاتو آهي،

    رات به هاڻي ڄاتو آهي،
    چنڊ پرينءَ جو پاڇو آهي.

    سُڏڪن ۾ ٿا سارنگ ڳايون،
    هر دل جو ٿر پياسو آهي.

    ڪيڏا گهاوَ ڏنئي پر تو لئه،
    اندرُ پوءِ به آتو آهي.

    سِنڌُ سمايل ساهن ۾ آ،
    جنهن سان نينهن جو ناتو آهي.

    زاهد مون کي بي حِس ماڻهو،
    لڳندو زنده لاشو آهي.


    تنهنجي ٻانهن ۾ رات مُنهنجي آ،

    تنهنجي ٻانهن ۾ رات مُنهنجي آ،
    اَڄُ سڄي ڪائنات مُنهنجي آ.

    ساهَه سيني مٿان کَنئي ٿي وئي،
    درد غم کان نجات مُنهنجي آ.

    شام جا پيگ چَپَ ۽ چُسڪيون،
    مُعتبر حاصلات مُنهنجي آ.

    موت کان پوءِ جنتون ڇا جون،
    حور هڪ تاحيات مُنهنجي آ.

    مان رُڳو ياد ۾ نٿو تڙپان،
    تنهنجي تن ۾ به تات مُنهنجي آ.

    ڏاڍ جي ڪنهن به ڏنڀ سان زاهد
    مُورُ مَرڻي نه ڏات منهنجي آ.


    راتين جو رولاڪ مُسافر آهيان مان،

    راتين جو رولاڪ مُسافر آهيان مان،
    نيٺ ته ملندو ٿاڪ مُسافر آهيان مان.

    هڪڙي پل ۾ ڪيئن ٻُڌايان وَرِهَن جو،
    قصو آ غمناڪ مُسافر آهيان مان.

    سگهه ملي آ ڀٽ ڌڻيءَ جي پيرن جي،
    نيڻن ۾ آ خاڪ مُسافر آهيان مان.

    کولي ڇڏ در پَنهنجين مقتل گاهن جا،
    مست ملنگ بي باڪ مُسافر آهيان مان.

    زخمن ساڻ پريت پُراڻي آ زاهد،
    دردن جو هيراڪ مسافر آهيان مان.


    جنهن ڏينهن کان مان ڳوٺ پنهنجي کان وڇڙي ويو آهيان،

    جنهن ڏينهن کان مان ڳوٺ پنهنجي کان وڇڙي ويو آهيان،
    ايئن لڳي ٿو ساري جڳ مان نڪري ويو آهيان.

    جيئڻ جي لئه ٽهڪ ڏيان ٿو ڪيڏا مان جاني،
    اندر منهنجو کولي ڏس تون اُجڙي ويو آهيان.

    ڪاٿي ڪاٿي پنهنجي من جا حصا مان ڳوليان،
    ٽُڪرا ٽُڪرا بڻجي ڪيڏو وکري ويو آهيان.

    ننڍڙي لاڪون جيون جي، لئه جنت ڳوليندي،
    دوزخ جهڙن رستن تان مان گُذري ويو آهيان.

    اوڏو پيار وتو مون زاهد روح جي رشتن کان،
    جيڏو رَتُ جي رشتن کان مان وسري ويو آهيان.


    پنهنجن گيتن ۾ زنده رهنداسين،

    پنهنجن گيتن ۾ زنده رهنداسين،
    جيون جيون ۾ زنده رهنداسين.

    هر ڪنهن کان وسري وينداسين ليڪن،
    پنهنجن جي من ۾ زنده رهنداسين.

    اکڙيون بند ڪري ٿورو ياد ڪجانءِ،
    تُنهنجن سپنن ۾ زنده رهنداسين.

    سهڻين سوچن ۾ سچن جذبن ۾،
    پيار جي رشتن ۾ زنده رهنداسين.

    جن جن رستن تان گُذرياسين زاهد،
    تن تن رستن ۾ زنده رهنداسين.


    تو جڏهن پنهنجو چيو پهريون دفعو،

    تو جڏهن پنهنجو چيو پهريون دفعو،
    جيئڻ جو احساس ٿيو پهريون دفعو،

    سِرُ ڏئي سجدو ڪري ويهي رهيس،
    مون جڏهن توکي ڏٺو پهريون دفعو.

    سمجهه ۾ آئي آ هاڻي زندگي،
    پيار آ مون کي مليو پهريون دفعو.

    جَڳُ سمورو مون کي جنت ٿو لڳي،
    جيءُ آ جهُومي پَيو پهريون دفعو.

    همسفر زاهد مليا ڪيئي مگر،
    دل کي آ دلبر مليو پهريون دفعو.


    منهنجي پيرن جا گس تو تائين،

    منهنجي پيرن جا گس تو تائين،
    روح جا چاهه چس تو تائين.

    پيار جي واٽ مون پئي ڳولي،
    دل ڏنا مون کي ڏس تو تائين.

    ساهه ۾ جيتري به همت هُئي،
    مون ڪيا پنهنجا وس تو تائين.

    مئه پيئارين يا زهر جو پيالو،
    آهي پهچايو تس تو تائين.

    راهه جي رهزنن کي مات ڏئي،
    پهتو مان آهيان مس توتائين.


    تو بن ڪهڙي شام اسان جي،

    تو بن ڪهڙي شام اسان جي،
    دوزخ جهڙي شام اسان جي،

    روز وڇوڙي جي ڪنڊن سان،
    دل آ رهڙي شام اسان جي.

    جهڙي ڪاري رات انڌاري،
    آهي تهڙي شام اسان جي.

    ڀيٽيان ڪيئن بهار سان زاهد،
    ناهي اهڙي شام اسانجي.


    نه تو سان ملياسين ته ڪهڙو جياسين،

    نه تو سان ملياسين ته ڪهڙو جياسين،
    اسان بس اڪيلائي رهجي وَياسين.

    وسارن نٿيون سي گهٽيون ٻارڙن کي،
    جتي راند ۾ پيار جا گهر اَڏياسين.

    سهيلين ڳايا تنهنجي شاديءَ جا سهرا،
    اسان ساز ٿي سُڏڪندا ئي رَهياسين.

    وڏي وقت کانپوءِ ملياسين به اهڙا،
    نه مُرڪي سگهياسين نه روئي سَگهياسين.

    مليو درد ويتر وڇوڙي جو زاهد،
    ڏکن جا ته ساٿي اڳي ئي هُياسين.


    بي وفا سان وفا، ڇو ڪجي ڇو ڪجي،

    بي وفا سان وفا، ڇو ڪجي ڇو ڪجي،
    موت جهڙي خطا- ڇو ڪجي ڇو ڪجي.

    جاءِ دل ۾ ڏئي- سنگدل سونهن کي،
    ساهه جي لئه سزا- ڇو ڪجي ڇوڪجي.

    روح کي روح سان جنهن ڏنيون راحتون،
    تنهن جگر سان جفا- ڇو ڪجي ڇو ڪجي.

    ڪنڌ جُهڪڻو نه آ اذيتن جي اڳيان،
    آس کي اَلوِدا- ڇو ڪجي ڇو ڪجي.

    جيڪو زاهِدَ وڃي- جيءَ ۾ ويهجي،
    جيءُ اُن کان جُدا- ڇو ڪجي ڇو ڪجي.


    پنهنجو من رب رام ڪري ڏِسُ-

    پنهنجو من رب رام ڪري ڏِسُ-
    پاڻ کي پاڻ سلام ڪري ڏِسُ-

    دل کي پنهنجو دين بڻائي،
    اندر کي ته امام ڪري ڏس-

    خاصَ وٽان ڪو خير نه مِلندُئي،
    عشق حُسن سان عام ڪري ڏس-

    جنهن سان جڳ جو جاني بڻجين،
    جڳ ۾ سو ڪم جام ڪري ڏس-

    سچا سانڍي ساهَه ۾ زاهدَ،
    ڪوڙن کي ناڪام ڪري ڏس-


    جتي ڪي رات جا رهزن دڳن ۾ روحَ روڙن ٿا-

    جتي ڪي رات جا رهزن دڳن ۾ روحَ روڙن ٿا-
    اُتي عاشق اُٿي تن جا وٺي مَڻڪا مروڙن ٿا-

    ڏسي قبرون ڪروڙن جون رڙي ٿو روح مڪليءَ جو،
    صدين کان ڇو اسان جي سنڌ کي ڌاريا وڪوڙن ٿا-

    تڏهن ٻيڙيون به ٿا ٻوڙن ڏکايل ڏاڍ وارن جون،
    جڏهن مسڪين ماڻهو پاڻ ۾ ڪي جيءَ جوڙن ٿا.

    پَڌر تي پَل هڪڙي ۾ مَچائن مَچَ ٿا ڪيئي،
    جڏهن جهنڊا آزاديءَ جا جگر ۾ جوان کوڙن ٿا.

    وٺن ٿا ظُلم جا بدلا جڏهن مَظلومَ ظالِمَ کان،
    ڪَٽِن ٻانهون ٿا قاتل جون ٻئي ٽنگون به توڙن ٿا.

    سڀئي زاهد سندا جڳ ۾ مِٺا محبوب اهڙا ٿئي،
    وٺي هر وقت جون واڳون پنهنجي مرضيءَ سان موڙن ٿا.


    جڏهن کان پيار اوهان سان بي انتها ٿي ويو-

    جڏهن کان پيار اوهان سان بي انتها ٿي ويو-
    پهر پهر آ زندگيءَ جو بي بها ٿي وِيو.

    منهنجي ڏکن کي عذابن کي عجب ساڻ ڏسي،
    اوهان جو داد ڏنو درد لئه دوا ٿي ويو-

    مليا ته آهيو مگر پنهنجو ڪو نه ٿا سمجهو،
    اسان ته ساڳيا ئي آهيون اوهان کي ڇا ٿي وِيو.

    نه پيار جو ڪو سبب هو نه نفرتن جو سبب،
    هو بي سبب هو مِليو بي سبب جُدا ٿي ويو-

    جڏهن کان تنهنجي دل جي گهر مان نڪتو آ زاهدُ،
    دلين جي ديس ۾ خانا بدوش آ ٿي وِيو.


    قلم چنبڙي چوي ٿو- سَچُ لکڻو ٿئي ته لک زاهد-

    قلم چنبڙي چوي ٿو- سَچُ لکڻو ٿئي ته لک زاهد-
    ڀلي قيدي ڪرئي ڪو- سَچُ لکڻو ٿئي ته لک زاهدَ.

    وطن پنهنجي ۾ آهيون پر- وطن پنهنجو رهيو ناهي،
    وطن وڇڙي ويو ڇو- سَچُ لکڻو ٿئي ته لک زاهدَ-

    جيئڻ جي لاءِ جاڳائڻ- گهرئون ٿا سنڌ ساريءَ کي،
    ڏئي هر در تي هوڪو- سَچُ لکڻو ٿئي ته لک زاهد-

    ڀريل آبي ضميريءَ سان- نسل ڀوتار ڀاڙيءَ جو
    صدين کان ٿيو آ ٿوڪو- سَچُ لکڻو ٿئي ته لک زاهد-

    اندر جي لوڀ لالچ ۾- قلم ڪيڏا وڪامي وِيا،
    سموريءَ سَگهه سان سو- سَچُ لکڻو ٿئي ته لک زاهِدَ.


    روح کي رڻ ۾ رولي رولي-

    روح کي رڻ ۾ رولي رولي-
    ٿڪجي پوندين ڳولهي ڳولهي-

    مُلان اَچُ مَحبوبُ ملايانءِ،
    هر دل جا دَرَ کولي کولي-

    جنهن جنهن سمجهو تنهن تنهن جيءَ تي،
    قرب ڪيا لک ڍولي ڍولي-

    آڏو جنهن پل اوندهِه ايندئي،
    روئندين اکڙيون ڇولي ڇولي-

    پاڻَ پرين مَن ۾ آ زاهِدَ،
    ٻيو ته نٿو ڪو ٻولي ٻولي-


    من ۾ ويهي پاڻ ڪرايئي سارا ڏوهه ثواب اسان کان-

    من ۾ ويهي پاڻ ڪرايئي سارا ڏوهه ثواب اسان کان-
    هاڻي ڇاجي لاءِ گُهرين ٿو جاني ڪُل جواب اسان کان-

    پاڻ ئي پنهنجي پاڻ کي ٺاهِيُئي پاڻ ئي پنهنجو پاڻ پڏايئي،
    پاڻ ئي پاڻ تي وارُ ڪرايُئي کوڙ کسي وئين خواب اسان کان.

    ڪاتب تون آن، قلم به تون آن، عاقل تون آن علم به تون آن،
    پاڻ لکايئي پاڻ پڙهايئي ڀورل سارا باب اسان کان-

    مِٺڙا توڙي ٻاڙا هاسي، تُنهنجي رَنگَ جاراڙا ها سي،
    پاڻ ويهي تو وڄرايا هاراڻا روز رباب اسان کان-

    زاهد جڳ ۾ چاهيئُي جيڏو ساري عُمر سِڪايُئي تيڏو،
    ويهه ته هاڻي قُربَ ونڊيئون ڪي حاڪم وٺ نه حساب اسان کان.


    ياد تنهنجي عذاب ٿي پئي آ-

    ياد تنهنجي عذاب ٿي پئي آ-
    روز اکڙين جو آب ٿي پئي آ-

    مون سان هر پل خوشين جي لمحن جي،
    بي رُخي بي حساب ٿي پئي آ-

    تنهنجي ٻولي نه آ رهي ساڳي،
    منهنجي لئه نئون نصاب ٿي پئي آ-

    جگر جي خون مان جُڙي جيڪا
    شاعري ڪل شباب ٿي پئي آ-

    زندگيءَ جي ڪٿا لکيم زاهد،
    حسرتن جو ڪتاب ٿي پئي آ-


    ٻن دلين جي وچ ۾- احترام اعتبار،

    ٻن دلين جي وچ ۾- احترام اعتبار،
    اِن کي چئبو عشق آ- اِن کي چئبو آهي پيار.

    وقت گُهنج ڏئي وَيو- هار ته به نٿا مڃئون،
    دل جي ديس ۾ اڃان- تون به ٻار مان به ٻار.

    بي قرار کي ڀلا- ڪو قرار ڪيئن ملي،
    روز نئين عذاب جو سِر مٿان سهي ٿو بار.

    منهنجي پنهنجي زندگي- تنهنجي پنهنجي زندگي،
    منهنجي مرضي جيئن جيان- تنهنجي مرضي جيئن گذار.

    زاهدن جي زاهدي- عاشقن جي عاشقي،
    حُسن جي وجود کي- ٿي ڏئي نجونکار.


    سمنڊ جي هر شام واري، رنگ جهڙي ڇوڪري-

    سمنڊ جي هر شام واري، رنگ جهڙي ڇوڪري-
    ساز بڻجي وئي چپن جو چنگ جهڙي ڇوڪري.

    چنڊ جي چانڊاڻ ۾ آهي لٿي آڪاش تان،
    آسماني حور جي هر انگ جهڙي ڇوڪري.

    ڪنهن مُصور جي تَصوُرَ ۾ رَچيل رَاڻيءَ جيان،
    شربتن ۾ بَرف واري، سنگ جهڙي ڇوڪري.

    چاهَه ۾ مُنهنجي جسم جو ساهُه بڻجي آ وئي،
    پيار ۾ سُهڻي، سُريلي، ڍنگ جهڙي ڇوڪري.

    مون به هُن سان عشق جي زاهد ڪئي آ انتها،
    هوءَ به پنهنجي حُسن ۾ آ دنگ جهڙي ڇوڪري.


    هر ماڻهو منٺار نه ٿي سگهندو آهي-

    هر ماڻهو منٺار نه ٿي سگهندو آهي-
    هر دلبر دلدار نه ٿي سگهندو آهي-

    نفرت پيار کانپوءِ ته ٿي سگهندي آ پر،
    نفرت کان پوءِ پيار نه ٿي سگهندو آهي-

    جذبا جُوان رکڻ کان پوءِ به جُوانن جو،
    پوڙهو ماڻهو يار نه ٿي سگهندو آهي.

    هيڻو ٿيندو موت قبولي ويندو پر،
    ڪو به سخي پينار نه ٿي سگهندو آهي-

    هر گُل سُهڻو رنگ رکي، ٿو پر زاهد،
    هر گُل سان هُٻڪار نه ٿي سگهندو آهي.


    سڀئي عشق جا آستانا ڏٺاسي-

    سڀئي عشق جا آستانا ڏٺاسي-
    دُنيا ۾ دُنيا جا ديوانا ڏٺاسي-

    هُيون جن کي پنهنجي هُجڻ تي وڏايون،
    اُجڙندي، اُهي، آشيانا ڏٺا سي-

    نه جن جي وڃڻ جي هُئي ويل ڪائي،
    رهڻ ٿي، گُهريائون روانا ڏٺاسي-

    جڏهن جيءَ سمجهو پرين پاڻ ۾ آ،
    تڏهن جيءُ جوڙي، ڪي، جانا ڏٺاسي-

    زماني کي سمجهي وياسين ته زاهد،
    زماني ۾ ڪيئي زمانا ڏٺاسي.


    سِجَ سوچُن ۾ هتي جو به سمائي ٿو هلي-

    سِجَ سوچُن ۾ هتي جو به سمائي ٿو هلي-
    سو خِزائُن کان بهارُن کي بچائي، ٿو هلي-

    عِلمَ سان عشق رکو عِلمُ آ محبوب اُهو،
    جيڪو انسان جي عظمت کي وڌائي ٿو هلي-

    جنهن به سمجهو ته زماني جي اَندرَ ۾ ڇاهي،
    سو زماني کي حُڪمَ ساڻ هَلائي ٿو هِلي-

    هر طرف پاپ ڪندڙ پاپ جي هر پاپيءَ جو،
    پيءُ پاپي آ جيڪو پاپُ ڪرائي، ٿو هلي-

    وِکَ جيڪا به سفر منجهه کڻي ٿو زاهدُ،
    اَمُنَ ۽ پيارَ جو پيغام پُڄائي، ٿو هلي.


    دل چوي ٿي ته ڳائجن ڳالهيون-

    دل چوي ٿي ته ڳائجن ڳالهيون-
    ساري جڳ کي سُڻائجن ڳالهيون-

    رَتُ جي رشتن رُڳو عذابَ ڏنا،
    سي، ڀَلا ڪيئن ڀُلائجن ڳالهيون-

    جن ڪيئي زندگيون تباهه ڪيون،
    ڇو اُنهن جون لڪائجن ڳالهيون-

    پيارَ ۾ نفرتون اچڻ کان اڳ،
    ٺاهَه واريون ڪي ٺاهجن ڳالهيون-

    پنهنجي شهرن ۾ پنهنجي ڳوٺن ۾،
    ڪي ٻَڌيءَ جون ٻُڌائجن ڳالهيون-

    جيئن مِٺائي ورهائبي آهي،
    تيئن مِٺڙيون ورهائجن ڳالهيون-

    کوڙ منزل ڏي ٿيون وڃن واٽون،
    سوچ ۾ جي سمائجن ڳالهيون-

    وقت مٽبو خوشيون وڌي وينديون،
    جي غمن جون گهٽائجن ڳالهيون-

    جيڪي، بَخشين سُڪون ڪو زاهدَ،
    روح ۾ سي رهائجن ڳالهيون.


    جڏهن کان راز دلين جا رقيب ٿيندا ويا-

    جڏهن کان راز دلين جا رقيب ٿيندا ويا-
    اسانجي پيار جا قصه عجيب ٿيندا وِيا-

    سمورا ڏينهن ۽ هفته مهينا سال پرين،
    اوهان کانپوءِ مون لئه بدنصيب ٿيندا وِيا.

    اندر ۾ جن ٿي اسان لاءِ دُشمنيون پاليون،
    جُهڪائي ڪَنڌُ اسان جي قريب ٿيندا ويا.

    اسانجي ساده دِليءَ مان وٺي مُفاد وڏا
    خبر ئي ڪا نه پئي گُم حبيب ٿيندا وِيا.

    جڏهن کان دوست دغاباز ٿي ويا زاهدَ،
    تڏهن کان سڀ رقيب خوشنصيب ٿيندا وِيا.


    وقت جڏهن ٿو ڊاهي سائين،

    وقت جڏهن ٿو ڊاهي سائين،
    ڪو به نه ٿو پوءِ ٺاهي سائين.

    هيڻا ٿياسين هاڻي ته هر ڪو،
    ڳاهَه جيان ٿو ڳاهي سائين-

    سورَ ٿا ويٺا سُکَ نپائن،
    ايئن به ٿيندو آهي سائين.

    نيٺ ته وڇڙي آ هي ويندو،
    ساهُه به پنهنجو ناهي سائين.

    زاهَدَ سو آ سائين جيڪو،
    سچيءَ دل سان چاهي سائين.


    انسان ٿو سڏائين انسان جو قدُر ڪر-

    انسان ٿو سڏائين انسان جو قدُر ڪر-
    جيڪو مليو ٿي مَنصب تنهن مانَ جو قدرُ ڪر-

    مخلوق ۾ سڀن کان اعليٰ عظيم آهين،
    ماڻيو ٿي شانُ جيڪو تنهن شان جو قدرُ ڪر-

    ڇو ساهُه ٿو سِڪائين اڄ آن سُڀاڻي ناهين،
    من جي محل ۾ ويٺل مهمانَ جو قدُر ڪر-

    بُکَ جو عذابُ ڇاهي پُڇُ پيٽ بُکايل کان،
    پوءِ پنهنجي، مُقدرَ ۾ هر نانَ جو قدرُ ڪر-

    هر حال ۾ تون زاهد رک عشق عاجزيءَ سان،
    هر جيءَ جو قدرُ ڪر هر جان جو قدرُ ڪر.


    ڪنهن چَکيون ڪنهن چکي ڏٺيون ناهن،

    ڪنهن چَکيون ڪنهن چکي ڏٺيون ناهن،
    لذتون پيارَ جون مِٺيون آهن.

    دوستن جو به ڪجهه حساب ڪجي،
    ڪيئن ڊاهن ٿا ڪيئن ٿا ٺاهن.

    ڳالهيون مِٺڙيون ٿا ڪن مِٺن کي چئو،
    مَنَ جي مُنهن تان نقاب کي لاهن.

    جن جي آواز ۾ اثر آهي،
    سي ڏکن ٿا تڏهن ته ٿا ڳائن.

    ڪو به همدرد عُمر ڀر نه مِليو،
    هونئن ته زاهد کي کوڙ ٿا چاهن.


    يڪتاري جي تارَ چوي ٿي تون ئي آهين تون ئي تون.

    يڪتاري جي تارَ چوي ٿي تون ئي آهين تون ئي تون.
    من ۾ جهاتي پاءِ ته ايند ئي سَمجهه ۾ ساري ڪُن فيڪون،

    ديدون سڀ ديدون آهن پر هڪجهڙيون ناهن هونديون،
    هڪڙيون ديدون اکڙين واريون ٻيون آهن دل جون ديدون-

    جيءَ کان ٻاهر جاچڻ وارا جهوراڻن ۾ جُهرندا وِيا،
    پهتاسي جن جيءَ ۾ پاتيون جايون تنهنجي جنمن جون.

    پنهنجي گڏجي ويهڻ جي لئه جڳ ۾ ٻي ڪا جاءِ نه هئي،
    مون ۾ پنهنجو ساهُه سمايُئي تو ۾ جيءُ جيئاريون مون.

    زاهد جي اندر ۾ ويٺو پاڻَ وڄائين ڳائين ٿو،
    راڳ راڳڻيون سُرَ ۽ سَر گمَ تين تالَ مُرڪون مينڍون.


    ظُلمَ جي زورَ کي سمجهو

    ظُلمَ جي زورَ کي سمجهو-
    اڄوڪي دئور کي سمجهو.

    ڪَڇيو ٿا قدَ ڇو پنهنجا،
    عقل جي تورَ کي سمجهو-

    ڪراچيءَ کي ڪيو پنهنجو،
    شهر جي شورَ کي سمجهو-

    بچائڻ سنڌ چاهيو ٿا،
    ته پوءِ لاهورَ کي سمجهو-

    ڪيئي قُربان ٿيا آهن،
    سِرَن جي گهورَ کي سمجهو.

    هلو هوريان ڀلي زاهد،
    وِکُن جي سورَ کي سمجهو.


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 858
    ڪتابن جو مشاهدو: 2336078
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 598227
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ