اُصولَ پيارَ جا ڪنهن کان سَڄڻ سِکيو آهين،
عجيب ڳالهه آ هاڻي هٽڻ سِکيو آهين.
اسان جي آڏو اجايو هڪو ٻڪو ڇو آن،
چوڻ جي ڳالهه ڇو دل ۾ رکڻ سِکيو آهين.
رُسڻ م آهي مزو جي ته سو به پرچڻ سان،
تون هيل يارَ اڳوپو رُسڻ سِکيو آهين.
کڻي خمار منجهان نيڻ دل کسي ٿو وڃين،
تون ڏاڍي ڏاهه سان ڏاها ڏسڻ سِکيو اهين.
ڏسي تون راهه ۾ هر روز مُنهن مَٽائين ٿو،
مان ڪهڙي، مُنهن سان ڏسا مُنهن ڍڪڻ سِکيو آهين.
جواب ڪھڙا خطن جا لِکان ٻڌاءِ کڻي،
سوال اُبتا ئي اُبتا پُڇڻ سِکيو آهين.
تو پنهنجو پاڻ بڻايو هو پنهنجي زاهد کي
وري ڇو روح جا رشتا ڇنڻ سکيو آهين.