هر ڪنهن سان ڇو اندر جو اظهار ڪجي،
هر ڪنهن جي لئه ڇو ويهي ويچار ڪجي.
جنهن کي ناز هُجي پنهنجي ناندانيءَ تي
اهڙيءَ سُهڻي ماڻهوءَ سان ڇو پيار ڪجي.
رستي ويندي ڪوجهي سوجهي ماڻهوءَ کان،
پيار ملي پئي ڇا جي لئه انڪار ڪجي.
جنهن سان پنهنجو مانُ مٿانهون ٿي سائين،
اهڙو ڪم هڪ وار ته ڇا سئو وار ڪجي.
ٻارن جي دل ٻارن سان ئي هوندي آ،
ٻارن جي سنگت ۾ پاڻ کي ٻار ڪجي.
جنهن جي ڇاتي زاهد مون لئه آتي آ،
اُن جي ٻانهن کي ته ڳچيءَ جو هارُ ڪجي.