يڪتاري جي تارَ چوي ٿي تون ئي آهين تون ئي تون.
من ۾ جهاتي پاءِ ته ايند ئي سَمجهه ۾ ساري ڪُن فيڪون،
ديدون سڀ ديدون آهن پر هڪجهڙيون ناهن هونديون،
هڪڙيون ديدون اکڙين واريون ٻيون آهن دل جون ديدون-
جيءَ کان ٻاهر جاچڻ وارا جهوراڻن ۾ جُهرندا وِيا،
پهتاسي جن جيءَ ۾ پاتيون جايون تنهنجي جنمن جون.
پنهنجي گڏجي ويهڻ جي لئه جڳ ۾ ٻي ڪا جاءِ نه هئي،
مون ۾ پنهنجو ساهُه سمايُئي تو ۾ جيءُ جيئاريون مون.
زاهد جي اندر ۾ ويٺو پاڻَ وڄائين ڳائين ٿو،
راڳ راڳڻيون سُرَ ۽ سَر گمَ تين تالَ مُرڪون مينڍون.