شاعري

سپنا سورج ڪرڻا

ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
زاهد شيخ سنڌي ٻوليءَ جو نهايت ئي مقبول، رومانس ۽ مزاحمت جو شاعر آهي. سندس انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري سُريلن آوازن وسيلي سڄي سنڌ ۾گُونجندي رهي آهي. زاهد پاڻ به سُريلو آهي. شاعري تخليق ڪري ٿو، شاعري ڳائي ٿو. ان ڪري سندس تخليق ۾ رواني آهي، سندس گيت پڙهي ۽ ٻڌي محسوس ڪجي ٿو ته ڄڻ ڳائي لکيا ويا هجن.“
  • 4.5/5.0
  • 2803
  • 698
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زاهد شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سپنا سورج ڪرڻا

دل چوي ٿي ته ماضيءَ ڏي موٽي وڃان،

دل چوي ٿي ته ماضيءَ ڏي موٽي وڃان،
پنهنجي گُذريل حياتيءَ ڏي موٽي وڃان.

ڳوٺ ڳليُن ۾ جنهن ساڻ کيڏيو هُيس
پنهنجي ننڍپڻ جي ساٿيءَ ڏي موٽي وڃان.

مون کي جنت جي خواهش سونهين ئي نٿي،
مست مخمور ساقيءَ ڏي موٽي وڃان.

جن محبت ۾ مرڪي ڪُٺو هو مون کي،
تن نگاهن جي ڪاتيءَ ڏي موٽي وڃان.

سِنڌُ ڌرتيءَ سان زاهد آ منهنجو وجود،
ڇو مان جنت جي واديءَ ڏي موٽي وڃان.