اندر جو اظهار گُهري ٿو تبديلي،
هي سارو سنسار گُهري ٿو تبديلي.
انڌين منڊين رسمن جا وعده ٽوڙيو،
هاڻي نئون اقرار گهُري ٿو تبديلي.
قوم جي عزت سان ئي پنهنجي عزت آ،
غيرت جو معيار گُهري ٿو تبديلي.
ساري جڳ جا پورهيت هڪ آواز ٿيو،
دنيا جو وهنوار گُهري ٿو تبديلي.
گيتن جي هر گونج سنيهو آ زاهد،
شاعر جو ويچار گُهري ٿو تبديلي.