هِڪڙي پَلَ ۾ پيارَ جا سَڀُ سِلسِلا اُجڙي ويا،
دل جي سارين چاهتُن جا قافلا اجڙي ويا.
تنهنجي اندر تائين پهچڻ جو سفر مَحشر هُيو،
مُدتن کان طئه ڪياسين مَرحلا اُجڙي ويا.
پيارَ جي پويان ويان موٽيان نه پنهنجي ماڳَ ڏي،
نوجوان ڪيڏا حَسين ها! هئه الا اُجڙي ويا.
راهه ۾ ڪن رهزنن ڪاتيون اُڀيون جنهن پل ڪيون
دوستن جون آٿتون ۽ آسرا اُجڙي وَيا.
عشق جي آڙاهَه کان جنت آ زاهد جَنِ گُهري،
سي رَهيا ناهِن سلامت لا اِلا اُجڙي ويا.