شاعري

سپنا سورج ڪرڻا

ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
زاهد شيخ سنڌي ٻوليءَ جو نهايت ئي مقبول، رومانس ۽ مزاحمت جو شاعر آهي. سندس انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري سُريلن آوازن وسيلي سڄي سنڌ ۾گُونجندي رهي آهي. زاهد پاڻ به سُريلو آهي. شاعري تخليق ڪري ٿو، شاعري ڳائي ٿو. ان ڪري سندس تخليق ۾ رواني آهي، سندس گيت پڙهي ۽ ٻڌي محسوس ڪجي ٿو ته ڄڻ ڳائي لکيا ويا هجن.“
  • 4.5/5.0
  • 2803
  • 698
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زاهد شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سپنا سورج ڪرڻا

نه تو سان ملياسين ته ڪهڙو جياسين،

نه تو سان ملياسين ته ڪهڙو جياسين،
اسان بس اڪيلائي رهجي وَياسين.

وسارن نٿيون سي گهٽيون ٻارڙن کي،
جتي راند ۾ پيار جا گهر اَڏياسين.

سهيلين ڳايا تنهنجي شاديءَ جا سهرا،
اسان ساز ٿي سُڏڪندا ئي رَهياسين.

وڏي وقت کانپوءِ ملياسين به اهڙا،
نه مُرڪي سگهياسين نه روئي سَگهياسين.

مليو درد ويتر وڇوڙي جو زاهد،
ڏکن جا ته ساٿي اڳي ئي هُياسين.