دوستي روشني، دوستي روشني، زندگي روشني. پيار جي مُرڪ آ، شهر جي روشني. رات هوءَ دَرُ ٽَپي، ٿي وئي روشني. هُن چيو ڇا کپي، مون گُهري روشني. سونهن جو ساٿ آ، هر گهڙي روشني. عشق زاهد ڏني، شاعري روشني.