شاعري

سپنا سورج ڪرڻا

ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
زاهد شيخ سنڌي ٻوليءَ جو نهايت ئي مقبول، رومانس ۽ مزاحمت جو شاعر آهي. سندس انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري سُريلن آوازن وسيلي سڄي سنڌ ۾گُونجندي رهي آهي. زاهد پاڻ به سُريلو آهي. شاعري تخليق ڪري ٿو، شاعري ڳائي ٿو. ان ڪري سندس تخليق ۾ رواني آهي، سندس گيت پڙهي ۽ ٻڌي محسوس ڪجي ٿو ته ڄڻ ڳائي لکيا ويا هجن.“
  • 4.5/5.0
  • 2803
  • 698
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زاهد شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سپنا سورج ڪرڻا

مھاڳ : شاعري ڪل شباب ٿي پئي آ

لکڻ سان محبت ان دؤر کانشروع ٿي هئيجڏهن مان نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هيس ۽ گھر ۾ زاهد شيخ جا
انقلابي ۽ رومانوي گيت، سنڌ جي ٻِيجل، سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ ائين گونجندا هئا جئين انگريزي ادب جي چوٽيءَ جي ليکڪ جان رَسڪِن جي ڪنن ۾ سندس ماءُ جي مٺي لولي داخل ٿيندي هئي. زاهد شيخ جي موهيندڙ شاعري ٻڌڻ سان منهنجي دل ۾ به لکڻ جي جستجو ڪَرُ کڻڻ لڳي. هن جي شاعري ياد ٿيڻ لڳي ۽ مون محسوس ڪيو ته تخليق جي ديوي هوريان هوريان پنهنجي حَسين آنچل جي ڇانوءَ مون تي به ڪري رهي آهي. اهو ڏينهن صحيح طرح ته ياد ناهي ته مون پهريون شعر ڪڏهن ۽ ڪنهن وقت لکيو پر سال ضرور ياد آهي.
قومي تحريڪ جا ڪارڪن شاهد آهن ته انقلاب جي دونهين دُکائڻ ۾سنڌ جي عظيم سياسي اڳواڻن سان گڏوگڏ شيخ اياز، استاد بخاري، ابراهيم مُنشي، حليم باغي، آڪاش انصاري ۽ زاهد شيخ جي قومي شاعريءَ جو وڏو هٿ رهيو آهي. زاهد شيخ جا گيت جڏهن سرمد سنڌي ۽ اسلم تُنيي جي آواز ۾ گونجندا هئا ته هڪ عجيب جوش ۽ ولولو جاڳندو هو۽ جسم ۾ باهه جا کُورا ٻرڻ لڳندا هئا. اهو به دؤر هو جڏهن عبدلواحد آريسر جون فڪري تحريرون ۽ جوشيليون تقريرون، ۽ بشير خان قريشيءَ جا هماليا جھڙا سياسي حوصلا ڪمزور دلين ۾ مضبوط ارادا ۽ امنگ ڀري ڇڏيندا هئا. انهن لمحن ۾ زاهد جي انقلابي شاعري سنڌ جي نوجوانن کي اُتساهڻ سان گڏوگڏ کين ڌرتي ماتا سان عشق جو درس هنن گيتن جي صورت ۾ ڏيندي هئي.

او قاتل! بدلو وٺنداسين هر خون جي قطري قطري جو
*
هوءَ نيٺَ ته اچڻي آ رت ڇاڻ جي هولين ۾
ڪا موج ته مچڻي آ مهراڻ جي ڇولين ۾
*

زاهد نه رڳو مزاحمتي ۽ انقلابي گيت لکيا آهن پر هن رومانوي شاعري به قهر جي سرجي آهي.جنهن ۾ هڪ خوبصورت شاعر جون خوبيون ۽ سندس لهجي ۾ نواڻ جي تازگي ظاهر ٿئي ٿي.

نيڻن جا ڪڪر برسيا هوندئي، سڏڪن ۾ ته ساريو هوندئي،
مونکي نه وِساريو هوندئي
*
اسان جي سڏ ۾ آ سڪّ سهڻا وڻئي ته وهواهه ڪندو هليو آ
*
جتي هجو سکيا هجو اسان جي آ دعا اها،
ڪڏهن ڪڏهن ملي وڃو آ درد جي دوا اِها
هي اهي شعر آهن جن سان سنڌ جو نوجوان نسل اڄ به پنهنجي محبوبا جيترو پيار ڪندوآهي. زاهد شيخ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اهڙو شاعر آهي، جنهن جي شاعري انقلاب، رومانس ۽ زندگيءَ جي حُسن سان مهڪي ٿي.زاهد شيخ جون تخليقون مون کي بيحد وڻنديون آهن ۽ مان سندس شاعريءَ جو مداح آهيان.

مانائتي تخليقار ۽ نامياري شاعر، ادل سومري، زاهد شيخ جي ڪتاب “جيون گيت خوشيءَ جا" جي بئڪ ٽائٽل تي لکيو آهي: " زاهد شيخ سنڌي ٻوليءَ جو نهايت ئي مقبول، رومانس ۽ مزاحمت جو شاعر آهي. سندس انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري سُريلن آوازن وسيلي سڄي سنڌ ۾گُونجندي رهي آهي. زاهد پاڻ به سُريلو آهي. شاعري تخليق ڪري ٿو، شاعري ڳائي ٿو. ان ڪري سندس تخليق ۾ رواني آهي، سندس گيت پڙهي ۽ ٻڌي محسوس ڪجي ٿو ته ڄڻ ڳائي لکيا ويا هجن." زاهد شيخ پنهنجي ڪوتا ۾ رومانس ۽ مزاحمت کي اهڙي طريقي سان گڏ کڻي هلي ٿو جئين شيخ اياز ۽ فيض احمد فيض جي شاعريءَ ۾ اهي ٻئي رنگ مِهڪن ٿا. انکان علاوهه سماجي مسئلا به هن جي شاعريءَ جي آسمان تي روشن سِتارن وانگي جرڪن ٿا.
زاهد شيخ جي ادبي ۽ سياسي تربيت ۾ ايشيا جي عظيم ڏاهي سائين رسول بخش پليجي ۽ عوامي تحريڪ جو وڏو هٿ رهيو آهي. ايم_آر_ڊي تحريڪ کان وٺي زاهد شيخ پليجي صاحب جي پارٽيءَ سان سلهاڙيل رهيو.هن جي شاندار انقلابي گيتن کان پليجو صاحب بي انتها متاثر هيو. ڪلاڪن جا ڪلاڪ پليجو صاحب زاهد شيخ کي ويهاري، هن جي شاعري ٻڌندو هو، تبصرا ڪندو هو ۽ کيس صلاحون ڏيندو هو ته ڪهڙي طريقي سان شاعريءَ ۾ انقلابي آڳ جا شعلا پئدا ڪجن. ڪيترائي ڀيرا ائين ٿيندو هو جو پليجو صاحب تقرير ڪرڻ کان پهريان زاهد شيخ کي چوندو هيو ته هو پنهنجو مشهور انقلابي گيت “او قاتل بدلو وٺنداسين” ڳائي ۽ پوءِ مان ڳالهائيندس. جڏهن زاهد شيخ اهو گيت ڳائيندو هو ته پنڊال ۾ موجود ماڻهو به هن سان گڏ ڳائيندا هئا جنهن جي ڪري پروگرام۾ مزاحمتي بارود ڀرجي ويندو هو. پليجو صاحب زاهد شيخ کي پنهنجو محبوب سمجھندو هيو، دوست سمجھندو هيو. ڪيترائي ڀيرا ٻاهرين ملڪن کان آيل سياستدانن، صحافين، شاعرن ۽ اديبن کي زاهد شيخ جي شاعري انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌائيندو هو.
زاهد شيخ پنهنجي ادبي سفر ۾ هونئن ته ڪيترين ئي صِنفن ۾ لکيو آهي پر وائيءَ سان هن جي لَنئون لڳي وئي آهي. هيسيتائين سندس وائين جا ٻه مجموعا (1) گھاون مٿان گُلَ (2) وايون سنڌوءَ ڄايون ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. زاهد شيخ چواڻي: " شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ کان به مون گھڻيون وايون لکيون آهن.” منجهين وائين جو ڳاڻيٽو اڍائي سئو تائين آهي ۽ هن وقت تائين ايتريون وايون ڪنهن به ڪو نه لکيون آهن.
زاهد شيخ جي واين جي ڪتاب "گھاون مٿان گل" جي مهورتي تقريب، جيڪا ڪيئي سال اڳ گلشن حديد، ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿي هئي، جنهن جي مهورت سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري شاعر ۽ سهڻي انسان سائين تاجل بيوس ڪئي هئي. پنهنجي تقرير دوران "گھاون مٿان گل" مان ڪجھ وايون پڙهندي، تاجل بيوس چيو هو: ته "زاهد شيخ جون هي وايون پڙهڻ کان پوءِ منهنجي دل چوي ٿي ته جيڪر هي وايون منهنجون هجن ها.” تاجل بيوس جا هي تاريخي لفظ زاهد شيخ ۽ هن جي پرستارن لاءِ وڏو اعزاز آهن. اها ڳالهه واضح آهي ته زاهد شيخ جي واين ۾ ڌرتي ۽ سرتي سان گڏ سماجي رنگ به نمايان آهن هن جي واين ۾ پنهنجي هڪ نواڻ جھلڪي ٿي.
زاهد شيخ ڪجھ فني تجربا به ڪيا آهن جنهن ۾ سندس ڪامياب فني تجربو "هائيڪو گيت" لکي ڪري هن سنڌي ادب ۾ هڪ نئين صنف جو اضافو ڪيو آهي. هائيڪو گيت پهريون ڀيرو پِي ٽِي وِي جي ڪراچي سينٽر جي هڪ سنڌي ڊرامي "مور اڏاڻا مور" ۾ 1993 يا 1994ع ۾ پروڊيوسر منظور مگسيءَ جي پيشڪش ۾ ٿيم سانگ طور رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن جا ٻول هئا:
جيئڻو ٿو پوي
هن بيابان ۾
جيئڻو ٿو پوي.
ان جي ڌُن سنڌي ۽ اردو فلمي دنيا جي مشهور موسيقار استاد غلام علي تيار ڪئي ۽ اهو ڪلام سندس فرزند ۽ نامياري فنڪار تعمير حسين ڳايو هو. زاهد شيخ هائيڪو گيت لکي يقينن سنڌي ادب جي جھوليءَ ۾ هڪ جاندار ادبي صنف جو اضافو ڪيو آهي جنهن تي کيس جَسُ هجي. اسان کي خبر آهي ته هائيڪو بنيادي طور تي جاپاني شاعريءَ جي صنف آهي پر زاهد شيخ هائيڪو ۽ گيت کي گڏ ڪري “هائيڪو گيت” طور جيڪا صنف سرجي آهي اها پنهنجي فني خوبين ۽ موسيقيءَ سان مالامال آهي. اميد ٿي ڪجي ته اڳتي هلي اها صنف ضرور سنڌي ادب ۾ پنهنجو جوڳو مقام ماڻيندي.
پنهنجي انقلابي ڪوتا جي ٽانڊن سان اسرائيل ۽ يهودين جي حڪمرانن ۽ سازشين جا تارا ساڙيندڙ، فلسطيني شاعر محمود درويش، هڪڙي جاءِ تي لکيو آهي:" شاعريءَ جي به هڪڙي موسم ٿيندي آهي." ۽ اها موسم اسان جي دوست زاهد شيخ تي ايڏيءَ ته مهربان رهي آهي جو هن هر صنف تي ڀرپور شعر سرجيا آهن جن ۾ گيت غزل، نظم، وائي، ٽيڙو، هائيڪا، آزاد نظم بيت چئوسٽا ۽ نثري نظم شامل آهن. هي ڪتاب “سپنا سورج ڪرڻا” غزلن تي مشتمل آهي. زاهد جي شاعري بي انتها موسيقي، قهر جي رواني، تشبيهن جي حُسن، ثقافتي ۽ تاريخي پسمنظر ۽ جدت جي سونهن سان جھِنجھيل آهي.

توسواءِ ڏينهن ڏکيو رات زهر جھڙي آ
هي جدائي به ته قاتل جي قهر جھڙي آ.
*
دنيا جون سڀ سهڻيون مايون
منهنجون محبوبائون آهن
*
تنهنجي مرڪن لاءِ او سانئڻ!
منهنجا گيت دعائون آهن.
*
حَسين چهري مٿان ظلم جو نِقاب نه ڏي
پرين اسان جي اکين کي اِهو عذاب نه ڏي
*
سنڌ جو نانءُ مٽائڻ وارو
ڪوئي ڄائو ڄائي ڪونهي.

*
ڪئين ڪراچي آنءُ ڇڏيندس
پنهنجي آهي پرائي ڪونهي
*
انسانن کان نفرت جن جو مذهب آ زاهد
مون کي اهڙن ماڻهن جي لئه گولي گھُرجي ٿي.
*
اُصول پيار جا ڪنهن کان سڄڻ سکيو آهين
عجيب ڳالهه آ هاڻي هٽڻ سکيو آهين.

جيڪو ماڻهو تنها تنها هوندو آ
اندر ان جو ٽُڪرا ٽُڪرا هوندو آ
*
جيڪي ماڻهو دل جو پَڪِڙن دامن ٿا
سي ئي ماڻهو منزل ڏانهن اُڏامن ٿا
ڪيڏن سهڻن قوم جي رهبر ماڻهن جا،
عيد جي ٻڪرن وانگي ذهن وِڪامن ٿا.
*
وفا جي ڳالهه ڪيو ٿا وفا ڪندا به ڪيو
وفا ته پيار جو حق آ ادا ڪندا به ڪيو
*
هر ڪو پنهنجي اندر سان ڳالهائي ٿو
*
پنهنجي گيتن ۾ زندهه رهنداسين

مٿي ڏنل سمورن شعرن ۾ زندگيءَ جون مختلف ڪيفيتون بيان ٿيل آهن جن ۾ مختلف موضوع َجرڪي رهيا آهن جن کي زاهد شيخ پنهنجي شاعراڻي ڏات ۽ ڏانءُ سان اهڙي ته سهڻي انداز سان اِظهاريو آهي جو ائين ٿو محسوس ٿئي ته هي سڀئي شعر اسان جي دلين جي ترجماني ڪن ٿا. مٿي بيان ڪيل شعر پراڻي ڇاپي ۾ اڳواٽ ئي آيل آهن. ان کان سواءِ زاهد شيخ ويهه نَوان غزل به نئين ڇاپي ۾ ڏنا آهن جن ڪتاب جي سُونهن ۾ ٻِيڻو اضافو ڪيو آهي. نئين ڇاپي ۾ شامل شاعريءَ ۾ رومانس ۽ مزاحمت جا رنگ ڀرپور طريقي سان ٻهڪن ٿا. هو چوي ٿو:

جگر جي خون مان جُڙي نڪتي
شاعري ڪُل شباب ٿي پئي آ.

ڪنهن مُصَورَ جي تَصَوُر ۾ رچيل راڻيءَ جيان
شربتن سان برف واري سنگ جھڙي ڇوڪري.

زاهد شيخ هن لٽُ مار ۽ بارود سان دوهانٽيل دنيا ۾ هيڪلائيءَ جي زهر ۾ ترندڙ انسانن، جنگين ۾ تباهه ۽ جھيڙن جھٽن جي ور چڙهيل ماڻهن کي مخاطب آهي هڪ ٻئي لاءِ احترام، اعتبار۽ پيار جو درس ڏيندي، لکي ٿو:

ٻِن دلين جي وچ ۾ احترام اعتبار
اِن کي چئبو عشق آ، اِن کي چئبو آهي پيار.

انکان علاوه مادي پرست دنيا جي رنگينينن ۾ ڦاٿل بي حس ماڻهو جن وٽ، ماڻهپو، پيار، همدردي ۽ ٻيا انساني قدر ٽَڪي جيتري به اهميت نٿا رکن، جيڪي طاقت ۽ ڪرسيءَ جي نَشي ۾، پنهنجي اوقات وساريندي، پنهنجي عهدي جو مرتبو به لوڙهي ٿا ويهن، زاهد انهن لاءِ لکي ٿو:

انسان ٿو سڏائين انسان جو قَدُر ڪر
جيڪو مليو ٿئي مَنصب تنهن مان جو قدر ڪر.

نئين ڇاپي ۾ شامل شاعريءَ نه رڳو موضوعاتي نواڻ سان مِهڪي ٿي پر شعرن جي فڪري گهرائي به پنهنجي دلڪش حُسن سان اندر ٺاري ٿي ڇڏي. هِن ڀيري سندس شاعريءَ ۾ تصوف جو لاڙو به ڪَرُ کنيون بيٺو آهي.. سندس شاعريءَ ۾ ٿي سگهي ٿو پهريان به ڪٿي ان قسم جو عڪس آيو هجي پر منهنجي نظر مان نه گذريو آهي. زاهد شيخ جي شاعريءَ جي وڻ ۾ تصوف جي ٽاري جو ڦٽڻ هڪ سٺو سنوڻ آهي. اسين ان موضوع کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿاڪيون. اڄ جي دور جي سڀني مسئلن جو حل تصوف ۾ آهي.

يڪتاري جي تارَ چوي ٿي تون ئي آهين تون ئي تون
مَن ۾ جھاتي پاءِ ته ايندئي سَمجھ ۾ ساري ڪُن فَيڪُون.
*
مَن ۾ ويهي پاڻ ڪرايئي سارا ڏوهه ثواب اسان کان
هاڻي ڇاجي لاءِ گھُرين ٿو جاني ڪُل جواب اسان کان
*
ڪاتب تون آن، قلم به تون آن، عاقل تون آن علم به تون آن
پاڻ لکايئي، پاڻ پڙهايئي ڀُورلَ سارا بابَ اسان کان
*.
پنهنجو من رب رام ڪري ڏس
پاڻ کي پاڻ سلام ڪري ڏس

زاهد شيخ جي شاعريءَ ۾ “ڪن فيڪون”، "پنهنجو من رب رام"، "پاڻ کي پاڻ سلام"، "قاتل"، "مقتول"، "حاڪم"، "محڪوم" اهي سڀئي تصوف جا استعارا آهن. تصوف جي ندِيءَ مان وهنجي نڪتل مٿيان شعر صرف ۽ صرف زاهد جو قلم ئي سرجي سگھي ٿو. زاهد جا سمورا غزل هنئين ۾ سانڍڻ جھڙا آهن. زاهد شيخ جي شاعريءَ ۾ ڪو اهڙو جادو آهي جيڪو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جي دلين کي ائين ٿو منڊي ڇڏي جئين ننڊي کنڊ جي عظيم گائڪا لتا پنهنجي آرٽ وسيلي دليون ڌڙڪائيندي آهي.

ذاتي حوالي سان زاهد شيخ هڪ پيار ڪندڙ، نفيس ۽ يار ويس ماڻهو آهي جنهن پنهنجي ڏاتِ وسيلي نه صرف سنڌ پر ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ به پنهنجي لاءِ عزت ۽ احترام جوڙيو آهي. هن کي زندگيءَ ۾ بي حد پيار، بي انتها عزت، ڀرپور مانُ مليو آهي. مون سميت هزارين ماڻهن کي هن جي شاعري ياد آهي. برطانيا جي جڳ مشهور شاعر ٽَينِيسَن جي شاعريءَ وانگي زاهد جي شاعري به محفلن، عوامي ميڙاڪن، سياسي پروگرامن، ڪَمپئرينگ ۽ محبت جي اظهار طور اڪثر ڪري ڪَوٽ ڪئي ويندي آهي.

زاهد شيخ پنهنجي تخليقي حُسن، فَني پُختگي، فِڪري گھرائي، سماجي شعور، رومانوي رنگ ۽ انقلابي گجگوڙ جي ڪري ڪنهن هڪ ٽهي يا حلقي جي بدران هر دور جو شاعر آهي ۽ هر عمر جو ماڻهو هن سان پيار ڪري ٿو. انکان وڌيڪ هڪ تخليقار جي شآعراڻي عظمت ٻيو ڇا ٿي سگھي ٿي.


حسن شيخ

اَسسٽنٽ پروفيسر
اِنسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگوِئج اينڊ لٽريچر،
شاه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور
03003119971، 03124542668