جيڪو ماڻهو روح جو راڻو هوندو آ،
ماکي مصري مکڻ چاڻو هوندو آ.
رهندي آهين روز حجابن ۾ سانئڻ،
ڪيڏو تنهنجو پيار نماڻو هوندو آ.
اوڏو هوندو آهي منافق اندر ۾،
جيڪو ماڻهو جيڏو سياڻو هوندو آ.
جيون جا سڀ رنگ سُڃاڻي ٿو سوئي،
سورن ۾ جو ساهُه ساماڻو هوندو آ.
من جو ساجن اُن کي چئبو آ زاهد،
جنهن سان جيءَ جڙاءُ پُراڻو هوندو آ.