شاعري

سپنا سورج ڪرڻا

ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
زاهد شيخ سنڌي ٻوليءَ جو نهايت ئي مقبول، رومانس ۽ مزاحمت جو شاعر آهي. سندس انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري سُريلن آوازن وسيلي سڄي سنڌ ۾گُونجندي رهي آهي. زاهد پاڻ به سُريلو آهي. شاعري تخليق ڪري ٿو، شاعري ڳائي ٿو. ان ڪري سندس تخليق ۾ رواني آهي، سندس گيت پڙهي ۽ ٻڌي محسوس ڪجي ٿو ته ڄڻ ڳائي لکيا ويا هجن.“
  • 4.5/5.0
  • 2803
  • 698
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زاهد شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سپنا سورج ڪرڻا

مست آهيون پنهنجي مستيءَ ۾ مئخانا آباد ڪنداسين،

مست آهيون پنهنجي مستيءَ ۾ مئخانا آباد ڪنداسين،
پيار مٿان سِرَ گهورڻ وارا پروانا آباد ڪنداسين.

هيل اڏيءَ اقرار اسان جا هر پاسي هُٻڪار اسان جا،
پنهنجي خون جا نذرانا ڏئي نذرانا آباد ڪنداسين.

ديس کي دوکيدار نه گهُرجن غدارن جا يار نه گهُرجن،
سُهڻيءَ سچيءَ دل وارا سڀ ديوانا آباد ڪنداسين.

موج بنا مهراڻ آماندو هر پياسو من هاڻ آ ماندو،
موجن ۾ مستي آڻيندا مستانا آباد ڪنداسين.

گهاوَن مان گُذرئون ٿا زاهد آڙهه مان اُڪرئون ٿا زاهد،
صحرائن سان نينهن نڀائي ويرانا آباد ڪنداسين.