شاعري

سپنا سورج ڪرڻا

ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
زاهد شيخ سنڌي ٻوليءَ جو نهايت ئي مقبول، رومانس ۽ مزاحمت جو شاعر آهي. سندس انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري سُريلن آوازن وسيلي سڄي سنڌ ۾گُونجندي رهي آهي. زاهد پاڻ به سُريلو آهي. شاعري تخليق ڪري ٿو، شاعري ڳائي ٿو. ان ڪري سندس تخليق ۾ رواني آهي، سندس گيت پڙهي ۽ ٻڌي محسوس ڪجي ٿو ته ڄڻ ڳائي لکيا ويا هجن.“
  • 4.5/5.0
  • 2807
  • 700
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زاهد شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سپنا سورج ڪرڻا

جيڪي مست نگاھون آھن

جيڪي مست نگاھون آھن،
مئخاني جون راھون آھن.

روز اکين کي روڪيان ٿو پر،
جوڀن ڏينهن خطائون آهن.

عشق مُحبت جي آزادي،
سَپنن جون ساڀيائون آهن.

دُنيا جون سَڀُ سُهڻيون مايون،
مِٺڙيون محبوبائون آهن.

سچن ماڻهن لاءِ سدائين
مُنهنجا گيت دُعائون آهن.

پيار سڀن ڌرمن کان اوچو،
زاهد جون فتوائون آهن.