جتي ڪي رات جا رهزن دڳن ۾ روحَ روڙن ٿا-
اُتي عاشق اُٿي تن جا وٺي مَڻڪا مروڙن ٿا-
ڏسي قبرون ڪروڙن جون رڙي ٿو روح مڪليءَ جو،
صدين کان ڇو اسان جي سنڌ کي ڌاريا وڪوڙن ٿا-
تڏهن ٻيڙيون به ٿا ٻوڙن ڏکايل ڏاڍ وارن جون،
جڏهن مسڪين ماڻهو پاڻ ۾ ڪي جيءَ جوڙن ٿا.
پَڌر تي پَل هڪڙي ۾ مَچائن مَچَ ٿا ڪيئي،
جڏهن جهنڊا آزاديءَ جا جگر ۾ جوان کوڙن ٿا.
وٺن ٿا ظُلم جا بدلا جڏهن مَظلومَ ظالِمَ کان،
ڪَٽِن ٻانهون ٿا قاتل جون ٻئي ٽنگون به توڙن ٿا.
سڀئي زاهد سندا جڳ ۾ مِٺا محبوب اهڙا ٿئي،
وٺي هر وقت جون واڳون پنهنجي مرضيءَ سان موڙن ٿا.