شاعري

سپنا سورج ڪرڻا

ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
زاهد شيخ سنڌي ٻوليءَ جو نهايت ئي مقبول، رومانس ۽ مزاحمت جو شاعر آهي. سندس انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري سُريلن آوازن وسيلي سڄي سنڌ ۾گُونجندي رهي آهي. زاهد پاڻ به سُريلو آهي. شاعري تخليق ڪري ٿو، شاعري ڳائي ٿو. ان ڪري سندس تخليق ۾ رواني آهي، سندس گيت پڙهي ۽ ٻڌي محسوس ڪجي ٿو ته ڄڻ ڳائي لکيا ويا هجن.“
  • 4.5/5.0
  • 2803
  • 698
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زاهد شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سپنا سورج ڪرڻا

تو سوا ڏينهن ڏکيو رات زهر جهڙي آ،

تو سوا ڏينهن ڏکيو رات زهر جهڙي آ،
هي جُدائي به ته قاتل جي قهر جهڙي آ.

تنهنجو هر انگ حسين لفظ آهي شاعر جو،
سونهن تنهنجي به ڪويتا جي بحر جهڙي آ.

تو ۾ اُميدون رکي پيار جون ويٺا آهيون،
تنهنجي ڪاوڙ به قيامت جي پهر جهڙي آ.

مُنهن موڙي، تون مَروڙي ٿو ڪڍين ساهُه مِٺا
تنهنجي نيڻن جي اُڇل ڳاٽ ڳهر جهڙي آ.

اَڄُ ڏسڻ جهڙو رهيو آ نه اوهان لئه زاهد،
دل جي حالت ڪنهين برباد شهر جهڙي آ.