هوائن ۾ خُمارن جي نئين خوشبو اُڏاڻي آ،
لڳي ٿو ڪنهن جوانيءَ چاهَتُن جي سيجَ ماڻي آ.
خبر ناهي ته پنهنجي پيار جو انجام ڇا ٿيندو،
اسان جو عشق پاڳل آ اوهان جي سونهَن سِياڻي آ.
مِلڻ وارن دلين کي ئي ڇنڻ وارن ڇڳو آهي،
پرين هيءَ ريتِ دُنيا جي نئين ناهي پُراڻي آ.
مِٺي معصوميت جيڏي تکي ڪاتيءَ جيئان تيڏي،
ڪري ٿي قَهرَ اوڏائي نَظر جيڏي نِماڻي آ.
ڀِلا ڪنهن ڪنهن جي ڏُکڙن جي ڪٿا لکندين پيو زاهد،
هتي هر شخص دردن جي پهاڙن جي ڪهاڻي آ.